اخباري خبرون
اسلام آباد: ٻوڏ وارن علائقن ۾ فوري طور دوائون فراهم نه ڪيون ويون ته وڏي تباهي ايندي (سنڌ سرڪار)
جنيوا/ اسلام آباد: ٻوڏ سٽيل 5 لک ڳورهاري عورتن کي طبي سهولتون فراهم نه آهن، خيمن ۾ ٻارڙا پيدا ٿين ٿا. مائرن جو ن غذائي ضرورتون پوريون نه پيون ٿين. (گڏيل قومون)
ڪراچي: سنڌ جي 40 لک ٻوڏ متاثرن ۾ 10 لک ماڻهو بيمار، ڪئمپن ۾ 5 لک ٻار پيدا ٿي سگهن ٿا. 5 لک عورتون حمل سان آهن.
سکر: سنڌ تباهه ٿي وئي ۽ جمالي ائين پيو ڳالهائي ڄڻ علي واهڻ ۾ جانور ٿا رهن (وزيراعليٰ) ٽوڙي بند ۽ دادو، مورو روڊ کي هٿرادو گهارا ناهن هنيا ويا. آبپاشي کاتي ۽ پاڻي ماهرن جا ٻوڏ بابت اندازه غلط ثابت ٿيا.
نوشهروفيروز: مورو ڀرسان ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌ ڏانهن کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، عورت ۽ 3 ٻارڙا ٻڏي فوت
ڪراچي: گڙهي خيرو جا شهري ٻڏا ته ڪيس ڌاريجي تي داخل ڪرائبو (غلام محمد شهلياڻي)
ڳڙهي خيرو/ شهدادڪوٽ: گڊو ۽ سکر وٽ لاٿ، ڪوٽڙي وٽ واڌ، ڳڙهي خيرو شهر ٻڏي ويو، 3 عورتون لڙهي ويون، قبو سعيد خالي ڪرڻ لاءِ آخري وارننگ.
سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جي سطح 111.5 آر ايل ٿي وئي. ٻوڏ جو پاڻي 10 ڏينهن اندر ڇوڙ ڪندو.
حيدرآباد: ٻوڏ متاثر ٿيلسيميا ۾ مبتلا ٻارڙي جو رت تبديل نه ٿيو.
قمبر/ نصير آباد: قمبر جي غيبي ديري، جاگير ۽ حمل ڍنڍ وارن عائقن مان لڏ پلاڻ شروع.
ڪراچي: سنڌ ۾ 938 امدادي ڪئمپون قائم ڪيون آهن. وزيراعليٰ
ڄامشورو: ڄامشورو ٻوڏ سٽيل پيرسن بک وگهي فوت.
حيدرآباد: ڪوٽڙي وٽ وڏي ٻوڏ، ڳڙهي خيرو کي ٻوڙڻ بعد پاڻي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ داخل، سجاول جوڻيجو خالي، حمل ڍنڍ جا دروازا کوليا ويا.
حيدرآباد: بيگاري ڪئنال کي گهارو هڻي پاڻي شڪارپور طرف ڇوڙ، وڌيڪ 100 ڳوٺ ٻڏي ويا. 3 عورتون ۽ 2 ٻار لڙهي ويا.
حيدرآباد: سنڌ ۾ گيسٽرو سبب وڌيڪ 18 جانيون ضايع، سوين ماڻهو وبائي مرض ۾ مبتلا
ڄامشورو: ڄامشورو ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن مان آيل هزارين ماڻهو بي يارو مددگار، ٻه ٻارڙا بک وگهي زندگيون وڃائي ويٺا.
حيدرباد: آر بي او ڊي 2 شهر ٻوڙيندي، واپڊا جي اعتراضن باوجود سنڌ حڪومت 36 ارب خرچ ڪيا. واپڊا اختياريون
حيدرآباد: سائيٽ ايريا ۾ 500 سرڪاري فليٽن ۾ ترسايل ٻوڏ سٽيلن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش
خيرپور/ پير جو ڳوٺ: خيرپور ضلعي م ٻوڏ هيستائين 214 ڳوٺن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو.
خيرپور: ٻوڏ سبب سنڌ جا 10 هزار ڪلوميٽر روڊ رستا تباهه ٿي ويا. (منظور وساڻ).
حيدرآباد: ٽوڙي بند جو گهارو ٻڌڻ جي منظوري، کيرٿر ڪئنال کي وڌيڪ گهارا، رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ افراتفري، شهدادڪوٽ کي خطرو برقرار.
حيدرآباد: گيسٽرو معصوم ٻارڙن سميت وڌيڪ 15 حياتيون کسي ورتيون.
دادو: منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، 24 ڪلاڪن ۾ ٻوڏ جو پاڻي حمل کان دادو پهچندو، ايم اين وي ڊرين جا بند مضبوط نه ٿيا.
لاڙڪاڻو: علي واهڻ وٽ بند ٽٽي ها ته تمام گهڻو نقصان ٿئي ها (خورشيد شاهه)
سيوهڻ : آمري ۾ انڊس هاءِ وي ڀرسان ستل ٻوڏ متاثرن مٿان ڪار چڙهي وئي، 5 ڄڻا فوت، عورت مرڻينگ.
واشنگٽن/ اسلام آباد: 8 لک ماڻهن کي فوري امداد نه ملي ته اهي ڏڪاريا بيمارين سبب مري سگهن ٿا. اقوام متحده
ڪراچي: ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته به ٻوڏ کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ها: (مشرف)
سکر: سکر جي ڪئمپن ۾ ترسيل 13000 ڳورهارين عورتن جي حالت خراب (سرڪاري اداره)
ٺٽو: ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائي کين هراسان ڪيو پيو وڃي (بشير قريشي)
ڄامشورو: ڄامشورو ۾ 50 هزار ٻوڏ سٽيل بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل
خيرپور: خيرپور انتظاميه کي روزانو 22 لک ملڻ باوجود ٻوڏ سٽيل بکون ڪاٽڻ تي مجبور.
خيرپور: خيرپور ۾ ٻوڏ کان پوءِ جهنگلي جانور پڪي تي نڪري آيا، نسل ڪشي
هرڻ، ڦاڙها، سوئر، گدڙ، ۽ تتر مري ويا. شڪاري جانورن کي مارڻ لڳا. 50 کان وڌيڪ ڦاڙهن ۽ 100 سوئرن ۽ گدڙن کي ماريو ويو. جهنگلي جيوت کاتو خاموش تماشائي بڻيل.
ڄامشورو: ڄامشورو ڀرسان ڪچي مان آيل مُرن جانور حملو ڪري معصوم نينگري ۽ همراهه کي زخمي ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد: سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر ٻارن لاءِ شام جا ڪلاس هلائڻ جو فيصلو.
ڪراچي: ٻوڏ متاثرن جو تعداد 60 کان 70 لک ٿي سگهي ٿو. 4 هزار 4 سئو ڳوٺ لڙهي ويا آهن. ساڍا 500 ارب جو نقصان، 25 شهر ٻڏي ويا ۽ 14 لک گهر تباهه، ڊونرز ڪانفرنس گهرائڻ تي غور.
ٺٽو: ٺٽي ۾ سنڌوءَ جي ايم ايس ۽ پي بي لوڪابندن کي 3 گهارا، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. ٺٽو، دڙو، سجاول، جاتي، بٺورو ۽ شاهبندر ٻڏڻ جو خطرو. لڏ پلاڻ شروع.
اسلام آباد: امداد جو هڪ هڪ پئسو ٻوڏ متاثرن تي خرچ ٿيندو: صدر زرداري
دادو: دادو ۾ ٻوڏ متاثرين يوٽيليٽي اسٽور جي سامان سان ڀرجي آيل ٽرڪ تي ڪڙڪي پيا. ڦرلٽ، پوليس جي لٺ بازي، ڪيترائي زخمي.
شڪارپور: شڪارپور کان جيڪب آباد ۽ ڪشمور تائين 19 ڏينهن گذرڻ بعد ماڻهن جي اچ وڃ شروع. وڏين گاڏين ذريعي سفر
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ آيل لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جي حالت رحم جوڳي، نه کاڌو ٿو ملي نه علاج، انتظاميه لاپتا.
حيدرآباد: قاسم آباد جي ڪئمپ ۾ پناهه ورتل ٺل واسڻ جا 2 ٻارڙا فوت.
اسلام آباد: سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 40 لک 15 هزار ماڻهو متاثر ٿيڻ ۽ صرف 116 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق.
ڪراچي: رليف ڪئمپن تي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جون ڊيوٽيون لڳائڻ گهرجن (علي قاضي)
عالمي برادريءَ جو ضمير ته سنڌ وارن لاءِ نه ٿو جاڳي پر اسلام آباد وارن جو ڪڏهن جاڳندو. رڳو ڪئمپن ۽ بندن جا دورا ڪرڻ سان ٻوڏ سٽيلن جي مدد نه ٿي سگهندي. هاڻي ٺٽي ضلعي سميت سنڌ ٻوڏ سبب هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ڀوڳي چڪي آهي. سواءِ دورن جي وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. سنڌ ۽ ٻين ٽن صوبن کي هڪ نظر سان نه ڏٺو وڃي. هي ٻن يا چئن ماڻهن نه پر 50 لک ماڻهن جو مسئلو آهي. سڄو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت کي هاڻي صرف وفاقي حڪومت جي اشارن ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي (علي قاضي)
ڪراچي: ڪراچي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي حالت 1947ع جي مهاجرن کان به خراب آهي( سردار احمد) ايم ڪيو ايم کان ڪراچي پهتل ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي (سردار احمد)
ٺٽو: ٻوڏ متاثرن کي مڪلي ۽ ڪراچي ۾ ترسايو ويندو (ذوالفقار مرزا)
نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي بند ٻڌڻ جو ڪم شروع.
ڪراچي: صحافي علي قاضي ٻوڏ متاثرن ۾ رانديڪا ۽ ٻيو سامان ورهايو.
سکر: بک کان تنگ آيل سوين ٻوڏ متاثر سکر ۾ پچندڙ ديڳين وٽ پهچي ويا. منٿن ۽ احتجاج بعد ماني فراهم.
فريد آباد: فريد آباد ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۽ مليريا پکڙجي وئي. 50 ڄڻا اسپتال داخل.
روهڙي: سنڌوءَ ۾ لٿل مينهن ڪڍندي، چڱو مڙس ٻڏي فوت.
گاجي کهاوڙ/ ميهڙ: پاڻي گاجي کهاوڙ ۾ داخل، وڌيڪ شهرن کي خطرو، قمبر ۽ دادو ضلعن جي چونڊيل نمائندن ۾ ڇڪتاڻ تيز، نصير آباد ۽ ميهڙ ۾ هڙتال.
ڪراچي: عالمي امداد صوبن کي نه ڏني ويندي، وفاقي سرڪار پاڻ ورهائيندي (رحمان ملڪ)
حيدرآباد: گيسٽرو وگهي 10 ٻارڙن سوڌو وڌيڪ 21 ماڻهو فوت.
ڪراچي: ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن م گهر اڏي ڏيئي آباد ڪرڻ جي سفارش. (روينيو کاتو)
ڪراچي: حڪومت پاران ٻوڏ متاثر ساڍا 8 هزار عورتن کي هنري سکيا ڏيڻ جو فيصلو.
اسلام آباد: لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ ريل رستا بند آهن (بلور)
ڪراچي: گهارن تباهي آندي آهي، ٻوڏ کان بچڻ لاءِ سنڌوءَ مان ڇنڊڻ ڪڍي وڃي. متاثرن کي پڪا گهر تعمير ڪرائي ڏبا: (آصف زرداري)
اسلام آباد: ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گيسٽرو جا 5 لک مريض آهن. (گڏيل قومون)
ميهڙ/ جوهي: ايم اين وي ڊي جا گهارا بند نه ٿيا. ڪي اين شاهه ۽ جوهي جا 120 ڳوٺ ٻڏي ويا. هزارين ماڻهو ڦاٿل. ٻوڏ جوهي واسين جو به ساهه سڪائي ڇڏيو.
حيدرآباد: سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي مستقل آبادڪاري جو انتظام ڪري. (اياز پليجو)
سکر: سکر ضلعي جي ڪئمپ ۾ 370 ٻوڏ سٽيلن کي ارڙي ٿيڻ جو انڪشاف
دادو: دادو، ميهڙ، جوهي، ۽ ڪي اين شاهه کي بچائڻ جو ڪوششون جاري آهن (مظهر/جمالي)
ڪراچي: بندن کي لڳل گهارن جي سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جاچ ڪرائي وڃي. (ايس ٽي پي)
ڪراچي: صوبن کي امداد آبادي جي بنياد تي نه پر ٿيل نقصان تحت ڏني ويندي، ٻوڏ سٽيلن کي گهرن جي تعمير لاءِ سرن ۽ سيمينٽ سميت ٻيو سامان به ڏينداسين. (صدر آصف)
دادو: ٻوڏ وهڪرن جو وارهه، نصير آباد، جاتي ۽ چوهڙ جمالي ڏانهن رخ، دادو بچائڻ لاءِ جي او سي پهتو. سوين ڳوٺ ٻڏي ويا.
حيدرآباد: گيسٽرو جي وبا وڌيڪ 28 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. ٻارڙي سميت سوين اسپتالن ۾ داخل.
شهدادڪوٽ: همسفر ۽ ٻن نوجوان پٽن جي وڇوڙي شهدادڪوٽ واسڻ جو جيءُ جهوري ڇڏيو! اهي ٻوڏ ۾ لڙهي ويا هئا.
خيرپور: خيرپور ۾ انتظاميه ٻوڏ ستايلن کي ملندڙ خوراڪ بند ڪري ڇڏي. لکين رپيا هڙپ ٿيڻ لڳا.
ٺل: ٺل تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباهي. 5 شهرن سوڌو 1000 ڳوٺ ٻڏي ويا. 4 چار لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر. بيمارين ۾ 50 ماڻهو فوت ٿيا. جن ۾ اڪثريت گيسٽرو ۾ مبتلا هئي.
ڌاٻيجي: گهاري کان گهگهر تائين هزارين ٻوڏ سٽيل قومي شاهراهه ڀرسان ويٺل
ميهڙ: ڌامراهه واهه ۽ سپريو بند کي ڪٽ ڏيڻ جي گنجائش ناهي. (جي او سي حيدرآباد)
ٽنڊو محمد خان : ملاڪاتيار ۽ ملوڪ شاهه واسي جون رونقون بحال، 30 هزار شهرين جي واپسي
حيدرآباد: حيدرآباد جي رليف ڪئپن ۾ ٻوڏ سٽيلن جو تعداد 33 هزار ٿي ويو.
ٺٽو: ٻوڏ سٽيل علائقن توڙي ڪئمپن ۾ گيسٽرو جي وبا وڌيڪ 37 حياتيون کسي ورتيون، سوين اسپتالن ڀيڙا.
واره/ نصير آباد: ايم ايس بند جو گهارو وڌي 500 فوٽ ٿي ويو. پاڻي جاتي شهر ويجهو پهتو، نصير آباد ۾ بند ٽٽي پيو، علائقا پاڻيءَ هيٺ
ڪراچي: سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ نادره جي نظام تي اعتراض واري ڇڏيا.
دادو: وڏي وزير جوهي برانچ کي ڪٽ هڻن کان روڪي ڇڏيو. ڇنڊڻ واهه کي گهارا، ڪي اين شاهه مان لڏ پلاڻ، ميهڙ ۾ سپريو بند اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو. جوهي برانچ کي ڪٽ جي مامري تي ڇڪتاڻ“ هٿياربند پهچي ويا.
حيدرآباد: ڪوٽري بئراج وٽ لاٿ، اوڀارو وهڪرو 7 لک 91 هزار ڪيوسڪ پهچي ويو.
جيڪب آباد: بلوچستان جي سرحد تي 35000 هزار ماڻهو اڃان ڦاٿل، خوراڪ ختم 48 ڪلاڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو مرڻ جو خدشو آهي (ڊي پي او جيڪب آباد پرويز چانڊيو)
ڪراچي: ڪراچي ايندڙ ٻوڏ سٽيلن جو تعداد لک کان وڌي ويو. 47 رليف ڪئمپون قائم ٿيل.
قمبر: قمبر ۾ بند تي ويٺل پيرسن عورت کاڌو نه ملڻ ڪري فوت
ٺٽو: ٺٽي ضلعي ۾ 8 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. (سسئي پليجو)
حيدرآباد: صحت کاتي پاران 9 لک ٻوڏ سٽيلن جي بيمار هجڻ جي تصديق
اسلام آباد: صدر حيدر آباد جي ڪئمپن مان اقليتن جي نيڪاليءَ جو نوٽيس ورتو. جانچ جو حڪم
واره: واره ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري 2 ڀائر ٻڏي فوت.
جوهي: جوهي ۾ ٻوڏ جي خطري سبب سرڪاري رڪارڊ منتقل ڪرڻ جو حڪم.
اسلام آباد: ٻوڏ ۾ به ٻه اکيائي، فلڊ ڪميشن ٻن ڏينهن اندر پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي انگ ۾ 62 لک 91 هزار جو اضافو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي: ٻوڏ سٽيلن لاءِ پرڏيهه مان ملندڙ امداد جي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ جو خدشو (رپورٽ)
دادو: ڪي اين شاهه ۽ جاتي ٻڏي ويا. انڊس هاءِ وي پاڻيءَ هيٺ 7 ڄڻا لڙهي ويا. جوهي برانچ کي ڪٽ.
جوهي: جوهي شهر ۽ سوين ڳوٺ ۾ افراتفري، ماڻهو ڪاڇي ڏانهن پيادل روانا، چونڊيل نمائندن خلاف مظاهرو، هزارين ماڻهو جبلن ۾ پناهه لاءِ پهتل. ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ سون جي تعداد ۾ ضلعي دادو جا ٻوڏ متاثرين پهتا.
حيدرآباد: گيسٽرو وڌيڪ 24 ٻوڏ متاثرن کان حياتيون کسي ورتيون.
ڪراچي: سنڌ ۾ گيسٽرو وگهي هڪ به ماڻهو فوت ناهي ٿيو. (صحت جو وفاقي وزير)
ڪراچي: سنڌ جي ڊي جي هيلٿ پاران وفاقي وزير صحت جي دعويٰ رد، ٻوڏ دوران 62 ماڻهو فوت ٿيا، جن مان 31 ڄڻن گيسٽرو سبب دم ڏنو. (ڊي جي هيلٿ)
فريد آباد: حمل ڍنڍ ۾ پاڻي جو چاڙهه برقرار، ايف پي بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو.
گولاڙچي: ٺٽي جا هڪ لک ٻوڏ متاثرين بدين پهتل، 70 هزار دربدر، اعلانيل 2000 مان فقط 200 خيما لڳي سگهيا.
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو انتظاميه ٻوڏ متاثرن کي به نه بخشيو، کاڌي جي اڌ رقم هڙپ، غير معياري کاڌو فراهم.
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي مان گم ٿيل 3 ٻوڏ سٽيل ٻارن کي وارث ملي ويا.
سکر: سکر ۾ امدادي سامان جي ورڇ ۽ ٻارڙن تان جهيڙا، ڇهه ڄڻا فوت.
خيرپور: مختلف علائقن ۾ کاڌو نه ملڻ ڪري ٻوڏ ستايل پنڻ تي مجبور.
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي کان دادو تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ آيل ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي.
ميهڙ: ڪي اين شاهه ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب ٿيل تباهي جا ذميوار پ پ پ جا چونڊيل نمائنده آهن. (قاضي شفيق مهيسر).
ڪراچي: ڪيٽيون ڪنهن جي ملڪيت نه آهن، اهي صرف ٻيلي کاتي جي ملڪيت آهن ڪيٽين وارن سان مون کي نه ويڙهايو. درياهه اهي ختم ڪري ڇڏيون آهن (زرداري)
اسلام آباد: فيڊرل فلڊ ڪميشن جو ٻيو ڪارنامو، سنڌ ۾ مري ويل چوپائي مال جو انگ هڪ لک کان گهٽائي ڇڏيو. فلڊ ڪميشن ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب مري ويل چوپائي مال جو تعداد هڪ لک 29 هزار 416 ڄاڻايو. ڪميشن طرفان ڪالهه جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڊرامائي تبديلي ڪندي سنڌ ۾ مري ويل جانورن جو انگ صرف 24 هزار 788 ڄاڻايل. رپورٽ ۾ پنجاب خيبر پختونخواهه، گلگت، بلتستان، آزاد ڪشمير توڙي فاٽا جي انگن اکرن ۾ ڦيرڦار نه ٿي. بلوچستان جي انگ ۾ واڌارو، سنڌ ۾ 2 لک 17 هزار گهر جزوي طور ۽ هڪ لک 25 هزار 483 گهر مڪمل تباهه ٿيا آهن. (فلڊ ڪميشن جي رپورٽ)
ڪراچي: پنجاب طرفان ٻوڏ متاثرن جو انگ وڌائڻ وارو معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ جو فيصلو (وزيراعليٰ)
ڪراچي: ٻوڏ بابت آرميءَ جو خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي. (قيصر بنگالي)
ڪراچي: الهه تلهه تباهه ٿيل متاثرين کي 6 مهينا ڪئمپن ۾ رهڻو پوندو. 55 لک ماڻهو پاڻي سڪڻ بعد پنهنجن علائقن ۾ واپس هليا ويندا (بنگالي)
دادو: پاڻي سيتا روڊ شهر ويجهو پهچي ويو. جوهي کي به خطرو، وارهه ۽ نصير آباد کي بچائڻ لاءِ ڌامراهه کي ڪٽ جو فيصلو. ڪي اين شاهه ٿاڻو، اسپتال ۽ گرڊ اسٽيشن به ٻڏي ويو.
مورو: دادو، مورو پل وٽ روڊ کي لڳل گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪم شروع نه ٿيو، زميني رابطو ڪٽيل.
وارهه/ نصير آباد: وارهه شهر لاءِ خطرناڪ صورتحال- حمل ڍنڍ به ڀرجي وئي. حمل ڍنڍ جو بچاءُ بند ٽٽي سگهي ٿو. لاڙڪاڻي شهر کي به خطرو هوندو. (انجنيئر آبپاشي)
حيدرآباد: ماءُ جي بک ۽ سرڪار جي بي حسي معصوم ماجد کان حياتي کسي ورتي. معصوم کي ٽن ڏينهن کان ٿڃ نه ملي ۽ نه ئي ڪو ٻيو کير سبزي منڊي حيدرآباد رليف ڪئمپ ۾ کين نه خيمو مليو ۽ نه ئي ڪٿي ڇانورو ملي سگهيو.
دادو: ڪي اين شاهه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ 3 لک ماڻهن لاءِ ڪا به ڪئمپ قائم نه ٿي، هزارين دربدر ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل.
ڪي اين شاهه: ٻه نوجوان ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا.
جيڪب آباد: بلوچستان ۾ ڦاٿل هزارين سنڌ واسين جي حڪومت وارثي نه ڪئي ڪيترائي بيمارين ۽ بک سبب بدحال، 10 ٻار زندگي وڃائي ويٺا.
حيدرآباد: سنڌ ۾ ٻوڏ سبب برصغير جي ورهاڱي ۽ افغان جنگ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. (قادر مگسي)
اسلام آباد: سنڌي ايم اين ايز ٽوڙي بند ٽوڙڻ واري معاملي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. نيشنل ڊزاسٽر اٿارٽي تي تنقيد.
اسلام آباد: وزيراعظم طرفان سنڌوءَ جا بند ٽوڙڻ بابت جاچ جو حڪم، اي پي سي گهرائڻ جو اعلان.
دادو/ ميهڙ/ ڪي اين شاهه/ سيتار روڊ: ڪي اين شاهه جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، جوهي ڀان روڊ به پاڻيءَ هيٺ، ايم اين وي ڊرين تي دٻاءُ ، دادو رنگ بند جو ڪم فوج حوالي.
دادو/ ميهڙ: سپريو بند کي گهارو، ميهڙ ۽ دادو شهرن لاءِ خطرا وڌي ويا. ڪجهه ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ، جوهي لاءِ آخري وارننگ، ميهڙ بعد سيتا روڊ به 70 سيڪڙو خالي، ڪي اين شاهه جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. جوهي رنگ بند سان پاڻي ٽڪرائجڻ لڳو آخري وارننگ، ماڻهن جي لڏ پلاڻ.
ڪراچي: صدر طرفان سنڌ ڪابينه ۾ ٻوڏ متاثرن بابت فيصلو نه ٿيڻ تي ڪاوڙ.
ڪراچي: سنڌ سرڪار طرفان فلڊ ڪميشن جا انگ اکر رد، بند ٽوڙڻ بابت ثبوت مليا ته عدالتي ڪميشن جوڙبي، صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي. سي سي آءِ اجلاس ۾ 5 کرب جي گهر ڪرڻ جي منظوري.
ڄامشورو: ڄامشورو ضلعي اندر 50 هزار ٻوڏ سٽيل دربدر، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ کان محروم.
شهداڪوٽ: قبو سعيد خان کان مٿانهين وارن علائقن ۾ ويل 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل، کاڌ خوراڪ ختم.
حيدرآباد: پنجاب عالمي ادارن کان ملندڙ امداد ڦٻائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. سمورن سنڌين کي ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ لاءِ خدمتون ڏيڻ گهرجن. (قادرمگسي)
واهي پانڌي: ڪاڇي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي آمد جاري، خوراڪ جي کوٽ، انتظاميه واهر نه ڪئي، دادو، جوهي ۽ ڪي اين شاهه مان ڪيترائي ٻوڏ سٽيل خاندان واهي پانڌي پهچي ويا.
دادو/ ميهڙ/ خيرپور ناٿن شاهه: پاڻي ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي پهچي ويو. ايف پي بند تي به دٻاءُ، دادو ضلعي جا 8 لک ماڻهو دربدر.
ڪراچي: صدر سنڌ سرڪار کي ٻوڏ کان بچي ويل ضلعن جي ماڻهن تي ٻوڏ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
حيدرآباد: سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ٻوڏ متاثر گيسٽرو وگهي فوت.
ڪراچي: سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. وڏو نقصان ماڻهن جي ضد سبب ٿيو. سنڌ ۾ جيڪي به ماڻهو ٻڏا آهن اهي پنهنجي ضد سبب ٻڏا آهن. ماڻهن کي اڳواٽ اطلاع ڏنو يو هيو پر اهي ٻاهر نه نڪتا ۽ پاڻ کي بچائي نه سگهيا (وزيراعظم)
ڪراچي: ڊزاسٽر اٿارٽي سنڌ ۾ ٻوڏ دوران خاص ڪردار ادا نه ڪيو. (قائم علي شاهه)
ڪنڌڪوٽ: ٽوڙي گهارو 28 ڏينهن گذرڻ بعد به بند نه ٿي سگهيو.
ڪراچي: ظفر الله جمالي پاران ٽوڙي بند کي گهارو لڳڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فصيلو، جيڪب آباد ايئربيس کي بچائڻ لاءِ منظم رٿابندي تحت ٽوڙي بند کي ٽوڙيو ويو. (اڳوڻو وزيراعظم)
خانپور: خانپور ۾ هاءِ وي وٽ هزارين ٻوڏ متاثر مهيني کان ويٺل ڪنهن به مدد نه ڪئي، انتظاميه ۽ چونڊيل نمائنده لاپته.
ڪي اين شاهه: ڪي اين شاهه ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي مان 2 لاش مليا.
دادو: دادو جي چونڊيل نمائندن ۽ شهرين ۾ گڏجاڻي بنا نتيجي ختم، سرندي وارا لڏي وڃن. (پ پ پ ايم پي اي).
چونڊيل نمائندن جي خاطرين مان مطمئن ناهيون. لڙهنداسين ته پوءِ چوندا ته وڻن تي چڙهي ويهو. (شهري)
دادو شهر کي ڪو به خطرو ناهي، ماڻهو افواهه پکيڙي رهيا آهن (جمالي)
ماڻهن کي دوکي ۾ نه رکنداسين، محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين (رشيده پنهور)
سرندي وارن کي صلاح ڏيندس ته حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃن، غريب ماڻهن لاءِ 40 ننڍيون بسون فراهم ڪيون وينديون (ڪلثوم چانڊيو)
سانگهڙ: سانگهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي آمد جاري، وڌيڪ 50 خاندان پهتا، خيرپور ناٿن شاهه کان پهتل 200 متاثر خاندان عزيزن ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل.
سکر: پاڪستان ۾ 20 لک ٻارن کي پوليو ۽ ارڙي ٿيڻ جو خدشو: (يونيسيف)
دادو/ميهڙ/ جوهي: دادو، جوهي ۽ ميهڙ لاءِ صورتحال انتهائي خراب، ايم اين وي ڊي ۽ بندن کي روڻيون، ماڻهن کي لڏي وڃڻ جي صلاح، دادو ۾ وڌيڪ سوين گاڏيون پهچي ويون.
ڦلجي کي به خطرو، دادو ۽ جوهي ۾ صورتحال ڏاڍي خراب آهي. خطرن کي رد نٿو ڪري سگهجي.
دادو: رفيق جمالي، سيد غلام شاهه، سجيلا لغاري طرفان جوهي وارن کي لڏڻ جي وارننگ، پير مظهر الحق وري ڦلجي، مخدوم بلاول، پپري، موندر، خدا آباد ۽ ڦڪاجي ماڻهن کي لڏي وڃڻ جو چئي ڇڏيو. ايم اين وي ڊي کي دادو طرف گهارا پيا ته شهر ٻڏي ويندو.
اسلام آباد: فلڊ ڪميشن هيرا ڦيري نه ڇڏي، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جو انگ 5 لک 3 هزار گهٽايو ويو.
جوهي: جوهي کي بچائڻ لاءِ شهرين جا اراده اٽل، بند تي ڏينهن رات ڪم، ڪامورا ۽ چونڊيل نمائنده گم.
حيدرآباد: گيسٽرو وڌيڪ 14 ٻوڏ متاثرن کان حياتيون کسي ورتيون.
ڪراچي: ڪراچي ۾ رهندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين. روينيو کاتي کي ذميواري ڏبي: (ذوالفقار مرزا)
ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جو تعداد 76 هزار کان وڌي ويو.
ڪراچي: ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ پاڻ کي لاوارث نه سمجهن، ٻوڏ سٽيل جتي چاهين رهي سگهن ٿا، کين سهولتن سان گڏ تحفظ به ڏنو ويندو. جهڙي ريت 1947ع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙن کي آباد ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻوڏ سٽيلن کي به ڪراچي ۾ آباد ڪنداسين. (سنڌسرڪار)
دادو/ جوهي/ ميهڙ: ايف پي بند کي گهارو، 40 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ، جوهي لاءِ آخري وارننگ، ميهڙ کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال کي ڪٽ هڻڻ جو فيصلو، دادو کي خطرو ناهي، (وڏو وزير)
اسلام آباد: ٻوڏ سٽيل اڃا 4 مهينا ڪئمپن ۾ رهندا، خوراڪ جي بحران جو خدشو آهي، ڪراچي ۾ متاثر آباد نه ٿيا ته مسئلا پيدا ٿيندا. قيصر بنگالي
حيدرآباد سنڌ جي ٻوڏ سٽيلن ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو. وڌيڪ 19 ماڻهو فوت.
سيوهڻ: منڇر ۾ پاڻي جي سطح 113.80 آريل تي پهچي وئي. بندن تي دٻاءُ، ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ تيزي سان اضافو، هڪ ئي ڏينهن ٽي انچ جي واڌ، منڇر ۾ ايندڙ پاڻيءَ ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي (آبپاشي عملدار) رهواسين ۾ خوف ڇانيل.
جوهي: جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ رهواسي پاڻمرادو رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف، انتظاميه منهن موڙي ڇڏيو.
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ پهتل ٻوڏ متاثرن جو انگ 2 لک ٿي ويو. ٽينٽ سٽي اڃان قائم نه ٿيا.
پير جو ڳوٺ: احمد پور ۾ بيوس ٻوڏ ستايل ٻارڙا کڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.
جيڪب آباد: جيڪب آباد جو زميني رابطو بحال نه ٿيو. بلوچستان ۾ 15 هزار ماڻهو اڃا ڦاٿل، وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا.
هنڱورجا/ بوزدار وڏا: دادوءَ جا ٻوڏ سٽيل لڏا کڻي رسول آباد ۽ بوزدار وڏا پهچي ويا.
حيدرآباد: بنگلاديش جي 40 ڊاڪٽرن جو وفد دادو جي ٻوڏ سٽيلن جي واهر لاءِ پهتو.
حيدرآباد/ ڀان سعيد آباد: ڀان سعيد آباد ڀرسان ڇنڊڻ کي گهارو، منڇر ۽ درياءُ جي سطح برابر، اڙل وٽان 2 دروازا کوليا ويا. ايف پي بند کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيئي پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو، منڇر جي سطح وڌي درياهه جي برابر ٿي وئي. اڙل ٽيل وٽان 5 دروازن مان 2 کوليا ويا. اڄ ڇوڙ شروع ٿي ويندو. ٻوڏ جو تمام گهڻو پاڻي منڇر طرف اچي رهيو آهي. منڇر 118 آريل برداشت ڪري سگهي ٿو.
ڪراچي: وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جا اعلان اڌورا، لکين ٻوڏ سٽيلن کي عيد کان اڳ روڪ رقم/ معاوضو نه ملي سگهيو.
ڪراچي: وفاقي زڪوات ڪائونسل طرفان سنڌ جي ٻوڏستايلن لاءِ مليل هڪ ارب 15 ڪروڙ ورهائجي نه سگهيا.
سکر: ”عيد خرچي ڏيو“ سکر ۾ ٻوڏ متاثرين سراپا احتجاج بڻجي ويا. گاڏين جي ڀڃ ڊاهه، 8 اهلڪار يرغمال، شهر بند
جوهي: جوهي لاءِ آخري وارننگ باوجود معمول جي زندگي روان دوان.
حيدرآباد: گيسٽرو وگهي وڌيڪ 18 ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت 25 ڄڻا فوت
وارهه: حمل ڍنڍ جي سطح انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي وئي. پنج 5 ئي دروازا کولڻ باوجود ڍنڍ جي سطح ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. نئين جو پاڻي ڍنڍ ۾ اچڻ ڪري روز دٻاءُ وڌڻ لڳو.
شڪارپور: شڪارپور ۾ ٻوڏ جي وڏي تباهي، 13 سئو ڳوٺ ٻڏي ويا. 7 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کان اجها کسجي ويا.
ڄامشورو: ڄامشوري لڳ ٻوڏ متاثرن اٽي سان ڀريل گاڏي ڦري ورتي.
دادو: دادو شهر کي ڪو خطرو ناهي، ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين (پير مظهر)
حيدرآباد: حمل ڀرسان ايف پي بند کي گهارو، ميهڙ، جوهي ۽ ڪي اين شاهه لاءِ ٻيهر وارننگ، دادو بچائڻ لاءِ ڇنڊڻ کي ڪٽ جي تجويز، صوبائي وزير مراد شاهه ڇنڊڻ کي ڪرمپور وٽان ڪٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي. اڙل ٽيل بعد اڙل هيڊ جا 2 دروازا کوليا ويا. يوسي ٽلٽي، بوبڪ، ڀان ۽ بچل چنه لاءِ ريڊ الرٽ جاري
دادو: سڄو ڌيان منڇر تي آهي ۽ انتهائي ايمرجنسي واري صورتحال آهي. (سيف الله ڌاريجو)
ٺٽو: سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن ۾ 20 -20 هزار وارا ”وطن ڪارڊ“ ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا. فلڊ ڪميشن جا انگ اکر قبول ناهن، اسان پنهنجو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکي ڇڏيو آهي . (وڏو وزير)
دادو: دادو ۾ ٻوڏ بابت اهم اجلاس، ڇنڊڻ کي ڪرم پور وٽان ڪٽ جي تجويز بابت وڏي وزير کي آگاهي، چونڊيل نمائنده ڪٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندا.
ڄامشورو: ڄامشورو ۾ سامان ورهاست دوران بدنظمي، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي.
دولتپور صفن: دولتپور صفن ۾ ٻوڏ متاثر مڇرجي پيا. ڊي ڊي او جي گهر تي ڪاهه سامان کڻي ويا.
خيرپور: خيرپور ضلعي جي ڪچي واسين سميت پوڻا 4 لک ٻوڏ ستايل خالي هٿين لڙڪن ۽ سڏڪن سان عيد ملهائيندا.
سانگهڙ: سانگهڙ ضلعي ۾ پهتل ٻوڏ سٽيلن جو تعداد 35 هزار ٿي ويو. ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن سان عيد ملهائيندا.
دادو: دادو مورو روڊ گهاري ٻڌڻ بعد ٽرئفڪ لاءِ کلي ويو.
دادو/ سيوهڻ: دادو کي بچائڻ لاءِ منڇر وٽان ڇنڊڻ کي ڪٽ هڻڻ جو فيصلو، سيوهڻ جي 4 يوسيز کي خطرو، مراد شاهه جو احتجاج، وڏو وزير اعلان ڪرڻ بنا واپس.
دادو/سيوهڻ: منڇر جي سطح 120.85 آرايل جي خطرناڪ حد تائين ٿي وئي. ميهڙ جا وڌيڪ 50 ڳوٺ ٻڏي ويا. جوهي ۽ ميهڙ جي رنگ بندن تي دٻاءُ، دادو انتظاميه ڪراچي مان گهرايل بسون ۽ ٽرڪون واپس ڪري ڇڏيون.
بوزدار وڏا: دادو ضلعي جا 50 ٻوڏ متاثر خاندان بوزدار وڏا پهچي ويا.
دادو: راشن ڏيئي بک مرڻ کان بچايو، دادو ۾ وڏي وزير جي آمد دوران ٻوڏ متاثرن جا ڌرڻا لٺبازي، چڪريون
سکر: ٻوڏ سٽيلن کي سندن ڳوٺن ۾ آباد ڪري گهر ٺهرائي ڏبا. خورشيد شاهه، خورشيد شاهه ساڌ ٻيلي مندر پهتو، ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو.
حيدرآباد: زهر بڻيل منڇر جي لوڻياٺ 50 سيڪڙو گهٽجي وئي. درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي پيئڻ لائق قرار، لوڻياٺ ويتر گهٽبي. (ماهر)
سيوهڻ: منڇر جو گيج ٻڏي ويو. ايم ايس بند کي 300 فوٽ ڪٽ، بوبڪ، چنا، دل ۽ ٽلٽي جا علائقا ٻڏي ويندا. ڍنڍ جو گيج 121 آر ايل تائين آهي جيڪو ٻڏي وڃڻ بعد نئون گيج لڳائي سطح 125 آر ايل ڪئي وئي. رات تائين ڍنڍ جي سطح 121.5 آر ايل کان وڌي وئي. تيز هوائن سبب پاڻي اوور فلو ٿيڻ لڳو. دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڪٽ هنيو ويو.
سيوهڻ: منڇر جي پاڻيءَ مان سيوهڻ کي ڪو به خطرو نه آهي/قلندر به مدد ڪندو. (وڏو وزير)
سيوهڻ: نيٺ منڇر ٽٽي پئي. تيز هوائن سبب رات دير سان ايم سي بند ٽٽي پيو. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ. انڊس هاءِ وي بند. ڀان شهر کي خطرو. گهاري سبب 300 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ ايندا.
ڪراچي/ ٺٽو: ٻوڏ متاثرن جي وڌ ۾ وڌ امداد، آمريڪا ڪئي آهي، پر ٽرانسپرنسي هجڻ گهرجي (هالبروڪ)
ٺٽو: آمريڪي صدر جي نالي جي خبر ناهي. راشن ۽ پاڻي کپي، ٻوڏ متاثر.
ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ مائٽن وٽ توڙي روڊن ۽ بندن جي ڪنارن تي ترسيل هزارين ماڻهن جي امداد کان رهجي وڃڻ جا امڪان.
سيوهڻ/ ڀان سعيد آباد/دادو/ميهڙ: منڇر جي سطح ۾ 2 فوٽ لاٿ، سيوهڻ تعلقي جا وڌيڪ 50 ڳوٺ ٻڏي ويا. ڪرمپور وٽان پاڻيءَ جو درياءُ ۾ ڇوڙ شروع.
اسلام آباد: اين ڊي ايم طرفان سنڌ ۾ 213 ماڻهو فوت ۽ 11 لک 10 هزار گهر ڊهڻ جي تصديق.
ڪوئٽا: هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ جي فوري ضرورت آهي.(عالمي اداره)
ڪنڌڪوٽ: گهوڙا گهٽ بند ٻڌڻ جو فائدو ناهي. ٽوڙي گهارو اڃان بند ناهي ٿيو. 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي پيو. وڏي وزير کي شڪايت
حيدرآباد: ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 9 ماڻهو فوت.
سکر: تاريخي ساڌ ٻيلي مندر جي سرڪار مالڪي نه ڪئي. 9 ايڪڙن تي بيٺل باغ تباهه.
سکر: سنڌ ۾ سپر فلڊ دوران به 15 ضلعن پاڻي کوٽ کي منهن ڏنو. 14 مُک ڪئنالن کي گهرج کان گهٽ پاڻي فراهم، فصل متاثر.
خيرپور ميرس: عالمي برادري پنجاب حڪومت تي اعتبار نه ٿي ڪري. (وڏو وزير)
نيويارڪ: 2 ٻه ڪروڙ ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي عالمي برادريءَ جي وس ۾ ئي ناهي، پاڪستان پاڻ به ڪجهه قدم کڻي: (آمريڪا)
سيوهڻ: ٻوڏ سٽيلن کي 20-20 هزار رپيا ڏيڻ بعد ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ چونداسين. بحاليءَ جو ڪم 6 مهينا جاري رهندو: (وڏو وزير)
حيدرآباد: انتظاميه پاران 80000 ٻوڏ سٽيلن جا انگ اکر جاري ، سڀاڻي کان 12000 ڪٽنبن کي وطن ڪارڊ ملندا.
سکر: وطن ڪارڊ لاءِ هزارين ٻوڏ سٽيل ٻيهر سکر موٽي آيا.
شهدادڪوٽ: شهدادڪوٽ واسي مصيبتن ۽ دربدري ۾ رهڻ بعد واپس اجهن ۾ پهتا. چهرن تي اداسي، سيني ۾ وڏا درد، 20 سيڪڙو ڀاڙو نه هئڻ ۽ امداد جي آسري مختلف شهرن ۾ ترسيل.
ڪراچي: سنڌوءَ کي لڳل گهارن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم، ڪراچي ۾ ترسندڙ ٻوڏ سٽيلن کي سڀ سهولتون ڏينداسين. ڪراچي ۾ 80 هزار ٻوڏ متاثرين آيا پر اهي ڪراچي ۾ ترسڻ لاءِ تيار نه آهن: (قائم علي شاهه)
ڪراچي: ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتي نااهلي ڏيکاري، سموري عملي کي معطل ڪيو وڃي: (ڄام مدد)
سکر: پوليس وحشت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، وطن ڪارڊ حاصل ڪندڙن تي وحشياڻي مارڪٽ، 11 ڄڻا رتو رت.
نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش واري وطن ڪارڊ سينٽر تي متاثرن تي لٺبازي، 6 زخمي، ڪارڊ انهن کي ملي ٿو جيڪي رشوت ڏين ٿا. اسان ڪيڏانهن وڃون. متاثر.