تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

اچو ته ماڻهن لاءِ دربدريءَ جا در بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون…ماروي ميمڻ

خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ سنڌ ۾ ايندڙ خطري جو اڳواٽ اندازو هڻي مون ٻه آگسٽ تي اتر سنڌ جو دورو ڪري روهڙي، سکر، عاقل آگاڻي، لاڙڪاڻو، خيرپور- لاڙڪاڻو پل ۽ موئن جو دڙو وٽ سنڌوءَ جي بندن جو دورو ڪري ماڻهن کي وري وري پئي ٻڌايو ته بابا. پاڻي تمام گهڻو پيو اچي. پنهنجا سڙهه سنڀاليو، ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ٻوڙان ٻوڙ آهي. سياسي وابستگين کان هٽي ۽ ڪنهن ڪهڙي بند کي ڪٽ هڻايو يا ڪنهن نه هڻايو وارين ڳالهين کي ڇڏي، مون ٻوڏ متاثرين لاءِ پنهنجو ذاتي رليف فنڊ قائم ڪيو ۽ گذريل ٽن هفتن ۾ ٻه ڀيرا سنڌ ۽ هڪ ڀيرو بلوچستان جي ماڻهن سان تڪليفون ونڊڻ لاءِ ويس بلوچستان ۾ مون ٻوڏ جي تباهين کي، سياستدانن پاران بندن کي ٽوڙڻ ۽ سرداري نظام جي بي رحميءَ سان سلهاڙيل ڏٺو، ڪوئيٽا کان ڊيرا الهيار تائين روڊن جي ٻنهي پاسن ماڻهو پنهنجي بچيل سچيل کٽن جي اوٽ ٺاهي، لٽيل الهه تلهه جي ڏکويل تصوير بڻيل نظر آيا. هنن جي ڏکن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن، ان سڄي سفر ۾ عوامي نمائنده مون کي ڪٿي به نظر نه آيا. جن بابت چئي سگهجي ته هو پنهنجن ووٽرن، يا سياست کان هٽي ڪري سڀني انسانن جي هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ ڪا واهر ڪندا هجن، ڊيرا مراد جمالي ۽ ڊيرا الهيار ۾ جيڪي کارڪون، بسڪوٽ، پاڻي، داليون ۽ ڪپڙا مون ورهايا، اهي قطعي طور تي ناڪافي ۽ اڻ پورا هئا، پر ڇا ڪجي؟ انهن علائقن ۾ غوثپور، ٺل، جيڪب آباد جا ماڻهو به ڪيمپن ۾ آيل هئا ۽ مقامي ماڻهو به هئا. ڪوئيٽا ۾ ڪجهه سردار ٽائيپ ماڻهن سان منهنجيون گڏجاڻيون ٿيون، سيلاب متعلق کين ڄاڻ سرسري هئي ۽ درد انهن جي اکين کان دور هو ته ڪيئن سندن ماڻهو روڊن تي بي يارو و مددگار پيا آهن، ڊيراالهيار ۾ پاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي سائي رنگ ۾ تبديل ٿي چڪو هو. ڪو عملدار اهڙو نظر نه آيو، جيڪو مئل ڍورن کي تلف ڪرائڻ جو ئي ڪم ڪري ته جيئن بيماريون نه ڦهلجن. اهو ساڳيو مرده جانورن وارو الميو، هر ان شهر ۾ نظر آيو، جتي ٻوڏ آئي آهي. يا جتان ٻوڏ گذري وئي آهي. پر حڪومت اها صفائي جيڪا انساني صحت لاءِ تمام ضروري آهي. ڪرڻ ۾ رڌل ڪٿي به نظر نه آئي. ٻوڏ بابت منهنجو سنڌ جو دورو ان ڪري وڌيڪ اهم هو، جو اهو دورو مون پاڻي سنڌ ۾ پهچڻ کان اڳ ڪيو هو ۽ پنجاب ۾ ڏٺل تباهين ۽ حڪومتي غلطين جي نشاندهي، ٻوڏ اچڻ کان اڳ ڪري مون حڪومت توڙي وزيراعظم آڏو هر گهڙي پئي رکيون جن کي نظر ۾ رکي پلاننگ ڪئي وڃي ها ته سنڌ ۾ شايد تباهي ڪجهه گهٽ ٿئي ها.
سنڌ ۾ مون ٻيو دورو ٻوڏ کان پوءِ ڪيو ته نظر آيو ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختوانخواهه کان وڌيڪ تباهي آئي آهي. شايد ٻوڏ نه، پر حڪومت جي ريسڪيو ۽ رليف واري نااهلي مظلوم ماڻهن لاءِ دربدريءَ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ مون شروعات ڪراچي ۾ ڊالميا جي علائقي ۾ قائم ڪيمپ کان ڪئي. جتي مون کي سنڌ جا اصل وارث گندگيءَ جي ڍير تي بغير ڪنهن ڇت جي نظر آيا، الائي ڪهڙين مصيبتن ۽ ڪشالن بعد پنهنجا دڍور ڍڳا وڪڻي ڀاڙو ڪري سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ پهتل مظلوم ماڻهن کي، گند جي ڍير تي جڳهه ڏني وئي هئي. مون اتي اهي جملا ٻڌا، جيڪي ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن. 1947ع ۾ هندستان مان آيل مسلمانن کي اسان گند جي ڍير تي رهايو هيو؟ اسين ڪنهن ٻئي ملڪ يا ٻئي صوبي مان ته نه آيا آهيون؟ چوهٺ سال کان پوءِ ڇا اسان سان اهو سلوڪ ئي ڪيو وڃڻو هو؟ اسين پاڻي کان ڀڄي آيا آهيون، پر لڳي ٿو ته اسين هتي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ بيمارين سان مري وينداسين.“ مان هڪ مخالف ڌر جي ايم اين اي هجڻ ڪري مان اهڙا جملا ٻڌي حڪومت کي ٻڌائي سگهان ٿي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ماڻهن کي خراب صورتحال مان ڪڍي اهڙا جملا ٻڌڻ کان بچي سگهون، مان ڊالميا ڪيمپ ۾ صرف پاڻي ئي ورهائي سگهيس. منهنجو پرائيويٽ ڊونيشن فنڊ هڪ علامتي ئي آهي. 20 لک ماڻهن جي امداد لاءِ ڇا وسيلا هجن اها حڪومت کي چڱي ريت خبر آهي. پرڏيهي امداد کي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪئي ويندي، اهو نظر اچڻ گهرجي. شفاف طريقي سان متاثرن جي مدد نه ٿي ته تباهي حدون ٽپي ويندي، ڪراچي بعد ڄامشورو پهتيس ته خطرناڪ ۽ ڪمزور بند آبپاسي کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائي رهيا هئا. مٽياري، هالا ۽ ڀٽ شاهه پهتس ته لطيف سرڪار جي نگريءَ ۾ آهه نڪري وئي ته لطيف جي سنڌ جو ڇا حال ٿي ويو آهي! لطيف جي در تي مان پنهنجو درد وڌيڪ سانڍي نه سگهيس ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها ۽ زبان تي سندس لفظ تري آيا.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!

سياستدانن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ بندن سان اٿل پٿل ڪري سنڌ ٻوڙي ڇڏي. بدترين ڳالهه اها ته حڪومت نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کي تعلقي سطح تي ٿيل تباهي جا انگ اکر به فراهم نه ڪيا آهن. وفاقي صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون هڪ ٻئي سان تعاون نه ٿيون ڪن. سڀئي وائڙا لڳا پيا آهن. ڀٽ شاهه کان نوشهري فيروز پهچي امدادي سامان ورهائي سڄي رات هڪ بند تي پهري وارو ڪم ڪري، ڪچي جو دورو ڪيم ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ماڻهو اڃا تائين پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن ڇو نه پئي آيا. شايد هو ڪيمپن جي سرڪاري انتظامن کان ڊنل آهن. خيرپور ضلعي م ساڳيا ڏک ۽ منظر نظر آيا. ماڻهو پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ لاءِ سامان ورهائڻ وارين هڪ ٻه ٽرڪن پٺيان ڊوڙي رهيا هئا. اسان ان جاءِ تي اهو راشن ورهايو، جيڪو ڪراچيءَ جي واپارين منهنجي رليف فنڊ ۾ جمع ڪرايو هو.
سکر بئراج پهتيس ته ڪجهه ڏينهن اڳ واري سکر بيراج ۽ هاڻي واري سکر بيراج ۾ زمين آسمان جو فرق هو، پاڻي اڃا تائين سمنڊ وانگر موجون هڻي رهيو هو. سکر بئراج کان راتو رات واپس ڪوٽڙي بئراج پهتيس جتي هاءِ الرٽ واري پوزيشن هئي. سيلاب جو ايندڙ شڪار ٺٽو ٿيندو، جيڪو شايد سنڌوءَ جي پاڻي سبب نه، پر Flood flow management ۾ ناڪاميءَ سبب ٿيندو. ڪوٽڙي تي مون کي سيلاب جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي ته مون انتظاميه کان انهن علائقن جي لسٽ ورتي. جيڪي وڌيڪ متاثر ٿيندا ته جيئن مان اتي خيما پهچائي سگهان. بلوچستان ۽ سنڌ جي ان دوري ۾ مون کي مجموعي طور خبر پئي ته حڪومت اڃا تباهيءَ جا ڪاٿو ناهي لڳايو. ان ڪري امدادي ڪمن ۾ ڪو ربط نه آهي. ان کان اڳ جو پر تشدد احتجاج شروع ٿي وڃن. پرڏيهي ادارن کي جلد امداد شروع ڪرڻ گهرجي. بکيا ماڻهو وڙهندا نه ته ٻيو ڇا ڪندا؟ اسان جا حڪمران هڪ رات ته، ڇت کان بغير رهي ڏيکارين، ست ڏينهن ته بکيو رهي ڏسن! 2005ع جي زلزلي جي تباهيءَ ۾ Unity of command جي کوٽ هئي ۽ هاڻي Unity of executive branch جي کوٽ آهي. اسان کي وزير، وزيراعظم ۽ صدر ٻڌائي ته هو ذاتي طور ڪيترو پيسو عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ مون 2 آگسٽ تي عاقل بند جو دورو ڪري بند پڪو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو هو، پر انهن ڌيان نه ڏنو ۽ هاڻي بند ڪمزور ٿي چڪو آهي. 24 ڪلاڪ ٽرڪون بند مضبوط ڪرڻ ۾ پوريون آهن.