منڇر گدلاڻ کان آجي ڪيئن ٿي سگهندي؟….محمد ادريس راجپوت
گدلاڻ جو سبب يا ذريعو
منڇر ڍنڍ ۾ ايندڙ وهڪري جو ڪيميڪل ۽ بائلاجيڪل تجزيو.
گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب طريقو يا ٽيڪنالاجي
پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ مناسب جايون.
رٿا جي ڊگهي عرصي واري ۽ گهٽ عرصي واري ممڪنات.
حل
(1) سيمينار ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
منڇر ڍنڍ جي گدلاڻ تي سپريم ڪورٽ از خود نوٽيس وٺي واپڊا ۽ سنڌ گورنمينٽ کي انهيءَ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو. اها رپورٽ واپڊا ۽ سنڌ گورنمينٽ گڏجي سرزمين جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ٺاهي. انهيءَ رپورٽ تي بحث مباحثي کان پوءِ ۽ ماهرن جا رايا وٺڻ کان پوءِ مستقل حل تي منصوبو ٺاهيو ويندو ته منڇر جي گدلاڻ وارو مامرو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
(2) رپورٽ ۾ ڇا آهي؟
رپورٽ ۾ منڇر ڍنڍ جو پاڻي خراب ٿيڻ جا 6 سبب ڄاڻايا ويا آهن. پهريون درياهه ۾ اڙل واهه ۽ اڙل لڪي ذريعي ايندڙ پاڻي جو گهٽجڻ. ٻيو ايم اين وي ڊرين مان لوڻياٺي پاڻي جو منڇر ۾ ڇوڙ، ٽيون مقامي ماڻهن جو نين وسيلي منڇر ۾ ايندڙ پاڻي جو وڌيڪ استعمال. چوٿون مهاڻن پاران مڇي مارڻ لاءِ زهريلي دوائن جو استعمال، پنجون منڇر ڍنڍ ۾ مستقل بنياد تي پاڻي نه اچڻ. ڇهون ڇنڊڻ ۽ مکيه واهن يعني رائيس ۽ دادو ڪئنال جو لٽجڻ ۽ سال 1996ع کان 2009ع تائين خشڪ موسم هجڻ.
منڇر ۾ پاڻي اچڻ جا ذريعا:
رپورٽ ۾ انهيءَ بابت ٽي ذريعا ٻڌايا ويا آهن. پهريون کيرٿر جبلن تي برساتن سبب نين جو پاڻي منڇر ۾ اچڻ. ٻيو سنڌو درياهه مان اڙل واهه ۽ اڙل لڪي وسيلي پاڻي جو اچڻ ۽ ٽيون ايم اين وي وسيلي مختلف سم نالين ۽ ڇنڊڻن جو پاڻي اچڻ. کيرٿر جبلن تي پيل برساتن جي نين جي آيل پاڻيءَ جو ساليانو مقدار اٽڪل 0.107 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. پر خشڪ سالي وارن سالن ۾ انهيءَ جو مقدار نالي ماتر ٿئي ٿو، منڇر ڍنڍ سنڌو درياهه سان ٻن واهن وسيلي ڳنڍيل آهي. اهي آهن اڙل واهه ۽ اڙل لڪي- اڙل واهه جي گنجائش 4.370 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته اڙل لڪي جي گنجائش 7.984 ڪيوسڪ آهي. اهي ٻئي ڊبل ايڪٽنگ آهن. يعني درياهه جي ليول منڇر کان مٿي هجڻ وقت درياهه جو پاڻي منڇر ۾ آڻين ٿيون ۽ منڇر جي ليول درياهه کان مٿي هجڻ وقت منڇر جو پاڻي درياهه ۾ کڻي وڃن ٿيون. ايم اين وي ڊرين ۾ ٻن ذريعن کان پاڻي اچي ٿو. هڪڙو واهن جي ڇنڊڻن وسيلي مٺو پاڻي اچي ٿو. انهن ۾ هڪڙي ڇنڊڻ آهي راوت، جنهن جي گنجائش 500 ڪيوسڪ آهي ۽ اها رائيس ڪئنال مان نڪري ٿي ۽ ٻي پريچرڊ ڇنڊڻ، جنهن جي گنجائش به 500 ڪيوسڪ آهي ۽ اها دادو ڪئنال مان نڪري ٿي. اهي ٻئي ڇنڊڻون لٽجي چڪيون آهن ۽ هينئر ڪم نٿيون ڪن. ايم اين وي وري حمل ڍنڍ مان نڪري ٿي، جيڪا حمل ڍنڍ، نارٿ دادو ڊرينج پروجيڪٽ ۽ ڇنڊڻن جو پاڻي کڻي اچي ٿي. ايم اين وي مان ساليانو سراسري 0.025 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اچي ٿو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منڇر 100 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ 0.75 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهي.
رپورٽ ۾ منڇر کي گدلاڻ کان آجو ڪرڻ لاءِ ٽي حل ڏنا ويا آهن:
(1) پاڻي مان لوڻ ڪڍي منڇر ۾ وجهڻ
(2) آر بي او ڊي 11 ٽو منصوبي کي پورو ڪرڻ
(3) سنڌو مان مٺي پاڻي جو منڇر ۾ وجهڻ.
پاڻي مان لوڻ ڪڍي انهيءَ کي منڇر ۾ وجهڻ بابت ايم اين وي مان ايندڙ لوڻياٺ واري پاڻي کي مناسب جاين تي ٽريٽمينٽ پلانٽ هڻي صاف ڪرڻو آهي. جنهن لاءِ مناسب ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي. جنهن لاءِ واپڊا ۽ سنڌ سرڪار هڪ ورڪشاپ ڪندا ته اهي ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪهڙين جاين تي هڻن ۽ انهن لاءِ ڪهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ واپڊا وارن اڳي ئي ايم اين وي ڊرين تي هڪ ٽريٽمينٽ پلانٽ هڻڻ جو پي سي ون حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. پر پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهن جو انگ وڌايو وڃي ۽ وڌ ۾ وڌ گنجائش لاءِ ڪم ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار ۽ واپڊا ٻنهي يقين ڏياريو آهي ته ايم اين وي ڊرين تي کاري پاڻي کي مٺو ڪري منڇر ۾ وجهڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ هنيا ويندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽريٽمينٽ پلان هڻڻ ۽ انهن جاين جي چونڊ، جتي اهي هنيا ويندا جو ڪم تيز رفتاري سان ڪيو ويندو ۽ چيئرمين واپڊا ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ انهيءَ ڪم جي ذاتي طرح نگراني ڪندا.
ٻئي حل يعني آر بي او ڊي ٽو کي مڪمل ڪرڻ بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها ڊرين آر بي او ڊي ون ۽ ٿري جو پاڻي منڇر ۾ وجهڻ بدران سڌو سمنڊ ۾ کڻي ويندي. پر جيئن ته پاڻي کي ٽريٽ ڪرڻ هڪ متبادل آهي ۽ اها سرڪار جي پاليسي به آهي ۽ هن سال ٻوڏن ڪري آر بي او ڊي کي ڪافي نقصان به پهتو آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ منصوبي جي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ معاملي کي پاڻي کي صاف ڪري استعمال ڪرڻ واري متبادل جي روشني ۾ ڏٺو وڃي.
رپورٽ ۾ ٽين آپشن يعني سنڌو درياهه مان ٻوڏ واري وقت پاڻي وجهڻ بابت چيو ويو آهي. اڙل جي هيڊ ريگيوليٽر ۽ واهن جي ري ماڊلنگ ڪرڻ کپي ۽ اهو ڪم تڪڙو ڪرڻ کپي. وڌيڪ اهو ٻڌايو ويو آهي ته آبپاشي کاتي وارن منڇر ۾ مختلف ذريعن وسيلي مٺو رپ پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.
رپورٽ جو تجزيو
پهرين ڳالهه اها ته منڇر ڇو خراب ٿي؟ منڇر هڪ قدرتي مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي. جنهن کي 1932ع واري سکر بيراج ۾ ترقي وٺرائي وئي ۽ هڪ 20 ميل ڊگهو بند ٺاهيو ويو انهيءَ کي ڀرڻ جا ٻه قدرتي ذريعا هئا. هڪڙو سنڌو درياهه ۽ ٻيو کيرٿر جبلن تي برسات پوڻ کان پوءِ نين جو وهي اچڻ ٽيون ذريعو ايم اين وي ڊرين هئي. جيڪا حمل ڍنڍ مان پاڻي کڻي ايندي هئي. انهيءَ ايم اين وي ۾ رائيس ۽ دادو ڪئنال ۽ پريچرڊ ڇنڊڻن جو پاڻي به پوندو هوندو. انهي سڀني مان مٺو پاڻي ايندو هو ۽ منڇر ۾ ڪا گدلاڻ نه هئي. 1976ع ۾ واپڊا وارا نارٿ دادو سرفيس ڊرينيج وارو منصوبو کڻي آيا. جنهن جو ڇوڙ هنن منڇر ۾ تجويز ڪيو انهيءَ منصوبي ذريعي لوڻياٺو پاڻي اچڻو هو. جنهن ڪري منڇر ۾ گدلاڻ ٿي پئي سگهي. تنهنڪري سنڌ جي آبپاشي کاتي ۽ پلاننگ کاتي انهيءَ تي اعتراض واريو ته انهيءَ پاڻي ڪري منڇر جي لوڻياٺي ليول وڌي ويندي. واپڊا وارن ٻڌايو ته هنن جا ڪنسلٽنٽ چون ٿا ته انهيءَ پاڻي جي ڪري منڇر جي لوڻياٺي ليول 700 کان مٿي نه ٿيندي. جڏهن ته پيئڻ لاءِ اها ليول 1000 ۽ زراعت لاءِ 1500 آهي. ائين زوري اهو منصوبو منظور ڪرايو ويو . انهيءَ تي عمل شروع ڪري ڏنائون. جڏهن اهو منصوبو پورو ٿيو ۽ انهيءَ جو پاڻي ايم اين وي ڊرين ذريعي منڇر ۾ اچڻ لڳو ته انهيءَ ۾ گدلاڻ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ۽ سال 1990ع ۾ انهيءَ جو لوڻياٺي ليول 3500 ٿي وئي. جنهن ڪري ان جي ڪنارن تي ٿيندڙ آبادي ختم ٿي وئي. مڇي مرڻ گهٽجي وئي. پر وارن ڳوٺن جو پيئڻ وارو پاڻي خراب ٿي ويو. مطلب ته قدرتي نظام کي وڏو لوڏو اچي ويو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي اعتراضن تي ٻيو منصوبو کڻي آيا. جنهن ۾ منڇر بدران اهو زهريلو پاڻي درياهه ۾ ڪرمپور وٽ وجهڻ جو رٿيو ويو. ڪرمپور تائين انڊس لنڪ ٺاهي ڇڏيائون. 1999ع ۾ جڏهن مان سيڪريٽري آبپاشي هوس ته اسان انهيءَ تي سخت اعترض واريو ته واپڊا وارا منڇر کي بچائي هاڻي درياهه جي پاڻي کي خراب ڪندا. جنهن مان حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن کي پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو. نيٺ فيصلائتي گڏجاڻي ان وقت جي فوجي سربراهه پرويز مشرف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٿي. جنهن ۾ مون زوردار نموني ۾ انهيءَ جي مخالفت ڪئي. جنرل مشرف فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو ۽ انهيءَ جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ نه ڏنائين پوءِ آرمي ۽ آبپاشي وارن گڏجي سروي ڪري آر بي او ڊي ٽو جو منصوبو ٺاهيو. جيڪو ايم اين وي جو پاڻي هڪ وڏي سم نالي وسيلي گهارو شهر ويجهو گهارو کوري ۾ وجهي سمنڊ ۾ اماڻيندو. انهيءَ منصوبي تي سال 02-2001ع کان ڪم هلندڙ آهي. جنهن جي اصل قيمت 14 ارب رپيا هئي ۽ پوءِ بلوچستان جو وڌيڪ پاڻي آڻڻ ڪري وڌي 20 ارب رپيا ٿي وئي آهي. انهيءَ منصوبي ۾ 273 ڪلوميٽر جي ڊرين آهي. جنهن ۾ 500 کان مٿي اڏاوتون آهن. منصوبي تي مالي طور 14.78 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. يعني 50.58 سيڪڙو خرچ ٿي چڪو آهي. مٽي جو ڪم 75 سيڪڙو، پٿر جو ڪم 54 سيڪڙو ۽ اڏاوتن جو ڪم 67 سيڪڙو پورو ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن گهربل پئسا ملن ته ڪم ٻن کان ٽن سالن ۾ پورو ٿي سگهي ٿو. چون ٿا ته هن ٻوڏ ۾ انهيءَ کي نقصان ان ڪري ٿيو آهي. جو منصوبو صحيح ناهي. ٻوڏ دوران ۽ ٻوڏ کان پوءِ مون هي سڄو منصوبو ڏٺو آهي. نقصان انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو ڪم مڪمل نه هو، مٽيءَ جو ڪم اڌ ۾ رهيل هجڻ ڪري بند اوور ٽاپ ٿي ويو. اسٽرڪچر مڪمل نه ٿيڻ ڪري اتان پاڻي نڪري آيو. جيڪڏهن منصوبو مڪمل پورو ٿيل هجي ها ته ڪو نالي ماتر نقصان ٿئي ها. ٻوڏ جو پاڻي ايترو هو جو سالن کان ٺهيل بند ۽ منڇر به انهيءَ کي جهلي نه سگهي پوءِ جتي ڪم ئي پورا نه هئا. اتي ته نقصان ٿيڻا ئي هئا.
آر بي او ڊي ٽو جو ڪم سنڌ آبپاشي کاتي وارا ڪرائن ٿا. واپڊا وارن کي اها ڳالهه نٿي وڻي ۽ انهيءَ منصوبي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهن ٿا. ڀلا نه مڪمل ٿيل آر بي او ڊي ٽو کي ته نقصان پهتو، پر مڪمل ٿيل ۽ واپڊا پاران ٺاهيل آر بي او ڊي ون ۽ ٿري کي ڇو نقصان ٿيا؟
جيڪڏهن آر بي او ڊي ٽو جو ڪم مڪمل ٿي وڃي ته منڇر جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي ويندو. جو جيڪو لوڻياٺو پاڻي ان کي خراب ڪري ٿو، اهو ان ۾ پوندو ئي ڪو نه. ٻاهران ٻاهران گهاري کري معرفت سمنڊ ۾ هليو ويندو. واپڊا واري پاڻي صاف ڪرڻ واري رٿا ۾ ايندڙ پاڻي 3500 ڪيوسڪ آهي. جنهن کي ٽريٽمينٽ پلانٽ وسيلي صاف ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا پيسا کپن. تمام گهڻي بجلي کپي ۽ انهيءَ تي ايم اينڊ آر جو هر سال تمام گهڻو خرچ ايندو. ڪڏهن پلانٽ ۾ ڪو مسئلو هوندو، ڪڏهن بجلي نه هوندي ۽ پاڻي صاف نه ٿيندو. انهيءَ وقت اهو پاڻي وري منڇر ۾ پوندو. ان کي خراب ڪندو. معنيٰ پلانٽ هڻڻ کان پوءِ به منڇر ۾ گدلاڻ ختم نه ٿي سگهندي. ڪجهه ڪيوسڪ سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪرڻ لاءِ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي وارن هڪ پلانٽ ڪراچي ۾ هنيو آهي. جنهن کي لڳي ٻه ٽي سال ٿي ويا آهن. پر اڃا تائين صحيح ڪم نٿو ڪري. منهنجي خيال ۾ نوان، مهانگا ۽ شڪ وارا تجربا ڪرڻ بدران جنهن منصوبي تي 50 سيڪڙو خرچ ٿي چڪو آهي. انهيءَ کي پورو ڪرڻ کپي ته جيئن منڇر جي گدلاڻ دور ٿي سگهي. جيئن نوان تجربا ڪنداسين. تيئن نوان مسئلا پيدا ٿيندا ۽ منڇر جي گدلاڻ مڪمل طرح ختم نه ٿي سگهندي.
جيستائين سوال آهي منڇر کي ڀرڻ جو ته اڙل واهه، اڙل لڪي ۽ کيرٿر جبلن تي پوندڙ برساتن ڪري نين جو پاڻي منڇر ۾ اچڻ وارا ذريعا بي اعتبارا آهن. تنهن ڪري انهيءَ لاءِ ڪو خاطري وارو ذريعو ڳولڻو پوندو. اهو آهي ڌامراهه وٽان رائيس ڪئنال مان واهه ڪڍي اهو پاڻي منڇر ۾ کڻي اچڻ. انهيءَ جو پي سي ون به اڳي منظور ٿيو هو. پر لينڊ اڪيوزيشن جي مامرن سبب ڪم نه ٿي سگهيو. انهيءَ منصوبي تي ٻيهر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن زمين جي مالڪن کي مناسب معاضو ڏنو وڃي ته هو زمين ڏيڻ تي راضي ٿي ويندا.