دادوءَ ۾ دنگل
• دادوءَ جي حدن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ جا منظر
دادو جو هي روڊ تي ڇنڊڻ ايم اين وي ڊي پل تان ٽوڙي وارو پاڻي دادو جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ الهندي ناري ذريعي منڇر ۾ وهي رهيو آهي. اهو منظر ڏسڻ لاءِ دادو جوهي کان سوين ماڻهو ڇنڊڻ پل تي گڏ ٿيا آهن. لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي آهي. دادو مان بسن، ٽرڪن، ٽرالين ۽ ٻين گاڏين ذريعي ماڻهو جو هي طرف وڃي رهيا آهن. هو ٻڌائن ٿا ته اسين ڪاڇي ۽ کير ٿر ٿا وڃون. اهڙن هنڌن تي جت پاڻي جي پهچ نه هجي. ٻئي پاسي جو هي مان ايندڙ ڪي گاڏيون دادوءَ طرف روانيو آهن.
جوهي شهر ۾
اڄ منجهند جو مختيارڪار جوهي پاران شهر ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي شهرين کي 24 ڪلاڪن ۾ شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي. شهر مان وڏي پئماني افراتفري ۽ خوف واري ماحول ۾ لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ ٿي رهي آهي. آءٌ جڏهن جوهي شهر ٻاهران اولهه ۾ جوهي واهي کي ملائيندڙ رستي ۾ ايف پي بند تي پل وٽ بيهي لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ جا اهي منظر ڏسي رهيو هوس ته سخت صدمو رسيو ته ماڻهو پنهنجن گهرن جون ڇتيون پٽي سمورو سامان ساڻ ڪري واهي روڊ سان کيرٿر جي ويجهو وارن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ وڃي رهيا هئا. ائين لڳي رهيو هو جو ڄڻ اسين پٿر جي دور مان جيڪو سفر شروع ڪيو ۽ 5000 سال اڳ موهن تهذيب جا وارث بڻياسون ۽ ان بعد 5000 سال هن ئي ڏکايل ماٿريءَ ۾ گذاريا هاڻي وري ٻيهر اسين پٿر جي دور يا جبلن ۾ وڃي رهيا آهيون. هي ڇا؟ هن جو ذميوار ڪير؟ خدا يا اسان جا پنهنجا چونڊيل نمائنده، ماهر يا ٻي ڪا مخلوق؟
جوهي ڀان روڊ تي ڪمال خان موري وٽ
جوهي کان ڪمال خان موري تائين لڏ پلاڻ جا اهي ساڳيا منظر. هڪڙا جوهي مان ڀان رستي سامان کڻي گاڏين تي ڀان روڊ تي وڃي رهيا هيا ته ٻيا وري جوهي روڊ تان جوهي شهر طرف اچي رهيا هيا ۽ اتان ڪاڇي طرف. ڪا به سرڪاري واهر يا مدد نظر نه پئي اچي. ڪمال خان موري ويجهو ڏکڻ ۾ ايم اين وي ڊي ڊرين کي اولهه ۾ جوهي طرف ٻه وڏا گهارا لڳي چڪا هيا. ٿورو دير اڳ ۽ هينئر اسين اهي گهارا ايم اين وي ڊي جي ساڄي بند تان ڳوٺ صالح جمالي ۽ ڇپر جمالي وٽان ڏسي رهيا آهيون. ايم اين وي ڊي جو پاڻي بجاءِ منڇر ۾ وڃڻ جي ٻنهي گهارن ذريعي تيزيءَ سان جوهي طرف وهي رهيو آهي. جوهي لاءِ خطرو نظر اچي رهيو آهي. ڪير گهارن کي ٻڌندو؟
• سنڌ ٽي وي تي وزيراعظم گيلاني ٻڌائي پيو ته عالمي اداره سڌيءَ ريت پاڪستان کي امداد نه ڏيندا، اها پنهنجي اين جي اوز جي معرفت ڏيندا جيڪي اڌ کائيندا ۽ اڌ ورهائيندا. وزيراعظم سچ چيو يا ڪوڙ سو وقت ٻڌائيندو.
• ٺٽي ضلعي جي هڪ ڪئمپ ۾ عورت ٻڌائي ٿي ته ”ڪا شيءِ نه بچي سڀ درياهه کڻي ويو. اڳ ابا چار ٻوڏون ڏٺم اهي خطرناڪ نه هيون هاڻي ته اسان کي درياهه ڪڍي ٻاهر ڪري ڇڏيو.
• ڪئمپن ۾ سنڌ اندر ماڻهن کي مرندي ميڊيا ڏيکاري رهي آهي.
ڪيڏانهن ويا سنڌي ڊاڪٽر ۽ انهن وٽ رکيل وڏي تعداد ۾ سيمپل، هي ته سڀ متاثرين سندن مريض آهن جي بچيا ته سندن روزگار رهندو جي مئا ته پوءِ کين ڪير فيس ڏيندو جنهن مان محل ماڙيون ٺاهيندا. ڇا اهي مسيحا نه آهن؟ جي هجن ها ته پوءِ پنهنجي ڀرسان روڊ رستي پاڙي ڳوٺ شهر ۾ خلق خدا کي ائين تڙپندي مرندي نه ڇڏين ها.
سنڌ جو صحت کاتو ڪنهن جي ماتحت آهي؟ ڪير ان جو وزير آهي؟ ڇاپيو ڪري؟ ڪنهن جي حڪم ۽ اشاري تي پيو هلي؟ ڇو نه ٿو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري؟ ڇو وڏو وزير خاموش آهي صحت جي وزير آڏو؟ هزارين بلڪه لکين متاثرين مريضن کي ڇو نه ٿو ڄامشورو ايل ايم يو شفٽ ڪيو وڃي؟ ڇو ڪجهه وارڊ سندن لاءِ مخصوص نه پيا ڪيا وڃن؟ ڇو کين ائين ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟ شايد وقت ٻڌائيندو ته اتحاد ۽ سياسي مفاهمت جي نالي ۾ متاثرين سان ڪهڙا ڪلور ٿيا. ڪاش سگا سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي متحرڪ هجي ها ته به ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺي ها. ڪيڏانهن ڊاڪٽر سليمان شيخ ويو. عبدالستار ايڌي ڪٿي آهي.؟ آغا خان جون اسپتالون ڇاپيون ڪن؟ هي وڏو سانحو آهي سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انسانيت جي ناتي ئي.
• ڪئمپن ۾ لکين ماڻهو پهچي چڪا آهن ۽ ڪرب واري زندگي گهاري رهيا آهن. سڄي سنڌ سڪتي ۾ آهي سڀ نفسياتي ۽ ذهني مريض پيا نظر اچن جيڪي متاثر ٿيا اهي ۽ جيڪي ڪجهه بچيا سي به. ها ڪي چند آهن سنڌ م ڪي متاثرين ۽ ٻيا جن پنهنجو حوصلو قائم رکيو آهي ۽ حالتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪري رهيا آهن. ميڊيا جو هڪ مخصوص ۽ روايتي ٽولو، ڪجهه انسان دشمن سياستدان، ۽ ليڊر جيڪي هن ڏکي مهل تي به متاثرين کي طعنا ۽ مهڻا ڏين ٿا ۽ انسانيت بجاءِ ٻولي، گروهن، قبيلن، قومن، ذاتين ۽ علائقن ۾ ورهائين ٿا ۽ انهن جي بحالي ۾ سياست ۽ مذهب جي نالي ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا. ڇا اهي چرين ، پاڳلن، ذهني ۽ نفسياتي مريضن کان گهٽ آهن؟ شايد سڀني کان وڏا متاثرين هجن جن کي قدرت ۽ فطرت انڌو ۽ پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي. ها اهي مخصوص ميڊيا ئي گروپ، سياستدان ۽ مذهبي ملا هڪ ئي ڳالهه هئا، آهن ۽ رهندا.
هئا اڳي ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
(شاهه)
• هڪ ڪروڙ کان مٿي متاثر ٿيندڙ هن خلق خدا جي لکين ٻارن جي مستقبل ۽ تعليم جو ڇا ٿيندو آهي؟ ڪو سوچي. اسڪول ته ڊهي ويا ۽ ٻار ڪئمپن حوالي آهن ڪير سندن تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري يا منصوبابندي ڪري. ڏسون ڪير ٿو ڪري.
• خدا جي گهر مسجدن مان لائوڊ اسپيڪرن تي ملن جي ڌم لڳل آهي ته متاثرين تي خدا جو قهر ۽ ڏمر نازل ٿيو آهي. نماز نه پڙهندا هئا، روزا نه رکندا هئا، زڪوات نه ڏيندا هئا. حج نه ڪندا هئا وغيره وغيره. هن ڏکي ۽ مصيبت واري گهڙيءَ ۾ بجاءِ متاثرين جي لاءِ امداد ڪٺو ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي اهي دشمن جا ماڻهو يا ايجنٽ بڻجي اهڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن سو به مفت ۾. هي ٻوڏ انهن کي به لوڙهي ۽ ناس ڪري ويندي. اهي ملا هيا جن هن سرزمين تي ڪشميرين، بوسنيا وارن، فلسطينين ۽ افغانين لاءِ کلون ۽ چندا گڏ ڪيا پوءِ اڄ انهن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ۽ سچ پچ هن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهو سڀني کان پنهنجا حساب ڪتاب چڪتو ڪندا. ڊڄو ان ڏينهن کان.
• الطاف لنڊن مان ويهي چوي پيو ته وڏيرن جي گهرن ۽ محلن تي قبضا ڪريو ته جيئن هڪ سول وار سنڌ ۾ ٿئي سو به ڪراچيءَ کانسواءِ باقي سنڌ ۾ جنم وٺي ۽ متاثرين وڌيڪ اهنجن ۾ هليا وڃن. جيڪا ساهه جي تند بچيل اٿن سا به جلد ٽٽي پوي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ملي ٿو ته ڪو ليڊر هن مصيبت واري گهڙيءَ ۾ بجاءِ متاثرين جي مدد ۽ بحاليءَ جي خانه جنگي واريون ڳالهيون ڪري؟ ڇا وڏيرا شهري نه ٿيندا آهن ڇا دهستگردن وٽ محل ۽ ماڙيون ۽ خزانه نه آهن؟ انهن جو ذڪر پوءِ ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ هي چالاڪي هرڪو سمجهي ٿو. ڪن مخصوص ڌرين پاران واويلا ڪئي پئي وڃي ان آڙ ۾ ته سموري سنڌ مان پنهنجي ئي گاديءَ واري شهر ۾ ايندڙ متاثرين کي روڪيو وڃي ڇو ته انهن جي اچڻ سان ڪراچيءَ جو ماحول خراب ٿيندو ۽ ڏوهه وڌندو. هڪ مخصوص ميڊيائي گروپ انهن جي سُر ۾ سرملائي رهيو آهي. اهڙي گندي سوچ رکندڙ لاءِ عرض آهي ته هي متاثر ٿيندڙ مخلوق ۽ ان ۾ شامل ڪجهه ماڻهو واقع ڊاڪو يا ڌاڙيل ۽ چور ٿي سگهن ٿا پر ايڏا خطرناڪ نه جهڙا ڪراچيءَ شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ اڳي موجود آهن جيڪي جيئري ماڻهوءَ جي کل لاهي کيس ٻورين ۾ بند ڪري لاش گهٽين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن. هي ته فقط پروپيگنڊا آهي ته جيئن هن ڌرتيءَ جا اصل وارن پنهنجي ئي وڃايل شهر ۾ نه وڃن ڇو ته قبضا گير هميشه اصل مالڪ کان خوفزده هوندو آهي. باقي ٻيا ڀلي هزارين اچن. اهو سموري دنيا ۾ هڪ طئه ٿيل اصول آهي ۽ قبضا گيرن جو خوف ته متان مالڪ پنهنجو حق گهري يا ڇني نه وٺي.
• هي ان سانحي جيترو ئي وڏو سانحو آهي جيڪو ٻوڏ متاثرين سان ٿيو آهي. ته پاڪستان ۾ 20 کان وڌيڪ مذهبي چئنل ڪيبل تي هلي رهيا آهن پر افسوس جو اڃان تائين ڪنهن هڪ چئنل تائين به اها سُڌ نه پئي آهي ته ڪي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڏک ۽ تڪليف ۾ آهن. ڇا مذهب انسان لاءِ نه هوندو آهي يا هي چئنل ماڻهن جي لاءِ نه آهن. انهن مذهبي چئنلن جي اڻ ڄاڻائي تي سواءِ کل جي ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي؟
• 1947ع ۾ لکن جي تعداد ۾ هندستان مان پناهگير سنڌ پهتا ته سنڌ واسين نه فقط انهن کي کارايو، آڌر ڀاءُ ڪيو، پنهنجا گهر، بنگلا، محل ماڙيون، زمينون، نوڪريون ۽ شهر حوالي ڪيا پر انهن جا ناجائز انگل به برداشت ڪيا، ٿيڻ ته ائين گهر جي ها ته هو سنڌين تي آيل هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ موٽ ۾ متاثرين جي سڀ کان وڌيڪ مدد ۽ سهائتا ڪن ها پر افسوس جو ان جي الٽ ٿيو يعني کين طعنه مهڻا، ڪراچي اچڻ کان روڪڻ کين بيمار، ڌاڙيل ۽ ڌاريا سمجهيو ويو ۽ کين ڌڪاريو ويو. ڪئمپن ۾ پاڻي بند ڪيو ويو. مئلن کي غسل لاءِ پاڻي نه پيو ملي عيد موقعي تي ماڻهن کي وهنجڻ لاءِ پاڻي نه پيو ملي. ڇا هي سنڌين کي مهمانوازيءَ جي تاريخ وڏي سزا ڏني آهي ڇا؟
حيدرآباد تعلقي جي ٻهراڙيءَ مولان ۾ قائم هڪ ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر عورت مائي بيگم ٻڌائي ٿي ته دڙي مان پيرين پنڌ اگهاڙي مٿي ڀڳاسين اسان کي پاڻي پڳو پوءِ وٺي ڀڳاسين. چئي ٿي ته اسين هت بيوس ٿي پهتا آهيون ڪو شوق سان ڪو نه آيا آهيون. انسانيت جي دشمنن لاءِ مائي بيگم جو اهو جملو ئي ڪافي آهي جيڪي ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ آبادڪاريءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن.
• قاضي علي به اڄ ڪراچي جي هڪ ڪئمپ ۾ ٻارن ۾ رانديڪا ورهايا. ڪي ٽي اين تي ان جا فوٽيج هلي رهيا آهن. حيدرآباد جي هڪ ڪئمپ ۾ سحر رضويءَ سان گڏ ڪراچيءَ مان آيل هڪ نينگريءَ به کوڙ سارا رانديڪا ورهايا. ڪيڏا نه ٻار خوش نظر اچي رهيا هئا انهن ٻنهي ڪئمپن ۾. ڀلا کن پل لاءِ ئي خوشي ته کين ملي.
• قيصر بنگالي ڪي ٽي اين تي ٻڌائي پيو ته ٽوڙي وارو ايندڙ پاڻي دادوءَ ۾ داخل ٿيندو پر اهو دادو شهر ۾ داخل نه ٿيندو. وري هو چوي ٿو ته جيڪڏهن درياهه جي ليول جلد گهٽ نه ٿي ۽ منڇر ان ۾ ڇوڙ نه ڪيو ته پوءِ خطرا وڌي سگهن ٿا. عجيب منجهيل بيان آهي. هاڻي ماڻهو ڇا سمجهن اهڙي ڏکي صورتحال ۾؟
ڪي ٽي اين نيوز الرٽ ۾ خبر بريڪ ڪئي ته ٽوڙي بند وارو گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪم شروع ٿي ويو، هي ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ آٿت واري خبر آهي.
• قاضي علي ڪي ٽي اين تي چوي پيو ته سنڌ ۾ صحت کاتي ۽ اريگيشن کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. هاڻي جي 100 کان وڌيڪ ٻارڙا گيسٽرو ۾ مرن ٿا ۽ سنڌ صحت کاتو چوي ته اسان ڪوششون نه وٺون ها ته 1000 مرن ها ۽ ٽوڙي جي گهاري ۽ ٺٽي ۾ لڳل گهارن سبب جيڪا تباهي ٿي آهي تنهن بابت آبپاشي کاتو جي چوي ته اسان ڪوششون نه ڪيون ها ته 100 کان وڌيڪ گهارا لڳن ها. هاڻي ڪير هنن سان مقابلو ڪري. سنڌ کي درياهه ڪو نه ٻوڙيو آهي بلڪه ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ٻوڙيو آهي. ڪي ٽي اين تي قاضي علي چوي پيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي ڪردار اُڀري نروار ٿيا آهن جن بغير ڪنهن لالچ لوڀ ۽ ميڊيا ۾ اچڻ جي شوق کان بالاتر ٿي پاڻ ملهايو ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. جن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٻه نوجوان جبار ملاح ۽ جبار ڪانڌڙو به آهن جن گهارن بند ڪرڻ ۽ ڳوٺ کي بچائڻ واسطي پنهنجون جانيون قربان ڪيون آءٌ انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ انهن ماڻهن کي به جن اڃان تائين پنهنجن پيارن کي بند ۾ دفن ٿيڻ کي ترجيح ڏني. ڇو ته جي انهن جا لاش ڪڍجن ٿا ته وري گهارو پئجي ڳوٺ ٻوڙي سگهي ٿو. انهن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن جن پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ سان وفاداري ڪندي راتيون جاڳي سنڌ بچائڻ جي ڪوشس ڪئي. هي هيرو آهن سنڌ انهن کي هزارين سالن تائين ياد ڪندي.
• قاضي علي چوي پيو ته سڄي ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتو ڪٿي به نظر نه آيو. ڪٽ ڏيارڻ ايريگيشن جو ڪم هيو. ڊي سي او يا ڀوتارن جو نه. ڀوتارن درياهه کي ائين ڪٽ ڏنا جيئن ڪنهن واٽر ڪورسن کي ڏاڍ جي زور تي ڏيندا آهن پنهنجون زمينون اباد ڪرڻ لاءِ ۽ غريبن جو زمينون تباهه ڪرڻ لاءِ. هي ته درياهه هو هن کي ڪٽ ڏيئي هنن سموري سنڌ ٻوڙائي ڇڏي.
• هڪ عورت مڪلي قبرستان مان ٻڌائي پئي ته هت جيڪي به لکين ماڻهو موجود آهن سي اڌ مرڻينگ آهن. نه جيئرا آهن نه مئل آهن. جي هڪ ماڻهوءَ جي قتل جي سزا ڦاهي آهي ته پوءِ لکين ماڻهن کي ٻوڙيندڙن ۽ ماريندڙن جي ڪهڙي سزا؟ هو سوال ڪري ٿو؟
• قاضي علي چوي پيو ته سسئي پليجو هاڻي ٿي چوي ته منهنجي سرڪار نه ٻڌي ته پوءِ وڃي ماڻهن سان عوام سان پنهنجن سان مڪليءَ تي ويهي ۽ ائين سڀ ڪشمور کان وٺي ڪن. پر يقين آهي ته ائين ڪير نه ڪندو؟ سڀ هاڻي چوندا ته نه ٻڌي وئي. ته پوءِ وڃي پنهنجن ووٽرن سان ويهن، پر هو ائين نه ڪندا. هاڻي متاثرين لاءِ چون پيا ته بي صبرا آهن. اسين پاڻ ڇا ٿا ڪيون؟ شادين ۾ اسان ته گهران به کائي ايندا آهيون يا وڃي کائينداسون پر هنن جو ته ڪو به گهر نه آهي. جيڪي ٽرڪون هو ڦرين ٿا سي آهن به ته انهن جون نه. هن چيو ته مون پنهنجي ڪي ٽي اين وارن کي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پري ٿي بيهن. هنن جو سامان آهي ڀلي هو ڦرين جي اسين Manage نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ ائين ئي ٿيندو نه. اي سي ڪمرن ۾ ويهي ڊي سي او منظم هئڻ جا درس ڏيئي رهيا آهن. سا شرم جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته ٺٽي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي ڪئمپن جي ايڊريس ڏني وڃي ته هو اوڏانهن وڃن.
• حيدرآباد جون اين جي اوز ڪيڏانهن ويون؟ ۽ اين جي اوز سان لاڳاپيل ڳريون شخصيتون اڄ ڪٿي آهن؟ سندن ڀرسان ئي ڄامشورو ۽ڪوٽري ۾ هزارين ماڻهو بي يارومددگار اچي پهتا آهن .ڪا ته سندن واهر ڪريو.
• قاضي علي خدشو ڏيکاري ٿو ته جيڪي هن خراب ڪلچر ۽ تباهيءَ جا ذميوار آهن. اين جي اوز، مختيارڪار، روينيو کاتو، تپيدار ۽ ٻيا. وري به سروي جو ڪم انهن کي ڏيندا ته پوءِ سمجهبو ته وڏي تباهيءَ کان پوءِ به اسان ڪجهه نه سکيو، ته پوءِ وڏي تباهي اسان جو مقدر آهي. قاضي علي واقعي اڄڪلهه بي ڊپو ٿي ڳالهائي ٿو ۽ هن هيڏي وڏي تباهيءَ تي انتهائي ڏکارو نظر اچي ٿو ۽ هئڻ به گهرجي. هو چوي ٿو ته ڇاهي ماڻهو سڄي زندگي هنن ڪئمپن ۾ رهندا ڇا؟ جلدي ڪريو مليريا ٻين هنڌن تي کين زمين ڏيو ته هو پنهنجي لاءِ گهر اڏين، ڪالونيون ٺاهين ۽ آباد ٿين. ڇا سڄي زندگي ڪئمپن ۾ رهندا ڇا؟ ڇا هي حُر ڪئمپ آهن جن ۾ ڌرتي ڌرڻين کي انگريزن واڙيو هو. ۽ انهن جي وڃڻ بعد به هو ڪيئي سال ان ديس ۾ قيد هئا جنهن کي ٺاهڻ لاءِ هنن انگريزن خلاف ويڙهه ڪري کين ڀڄايو؟
• ڪي ٽي اين تي ٺٽي شهر جا فوٽيج هلي رهيا آهن. بادشاهي مسجد ويجهو چوڪ تي هڪ پراڻي ماڊل جي جيب هلندي نظر اچي پئي. ويجهو ئي هڪ ڪتو گهمي رهيو آهي. بادشاهي مسجد کي فوڪس ڪيو پيو وڃي. شهر بلڪل سنسان آهي. هي منظر ڪشي اهڙي پئي محسوس ٿئي جهڙو ڪر پورچوگيز اچي هاڻي ئي شهر کي لٽي ويا هجن يا ترخانن جي ڪارروائي هجي ڪي ارغون يا ڪي مغل لشڪر، ڪي منگول اچي شهر ۾ قتل عام ڪري ويا هجن ۽ هاڻ ڪو به شهر ۾ موجود نه هجي. هي ڇا ٿيو؟ ڪير هتي آيو اوچتو؟ ڪنهن ماڻهن کي ڀڄايو؟ اهو ته وقت ۽ تاريخ ٻڌائيندي ته رات جي انڌيري ۾ کين ڪنهن ننڊ مان اٿاري ائين کين مڪلي طرف ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ڄڻ ڪو پاڻي نه بلڪه ڪو حمله آور لشڪر ڪن ساعتن ۾ شهر ۾ داخل ٿيڻ وارو هجي ۽ ماڻهو قتل عام جي خوف کان سر بچائي نڪتا هجن. ڊي سي او رات جو بي گاهه وقت شهر ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ شهري وڃي مڪليءَ تي پهتا جتي بي يارو مددگار ڪئمپن ۾ سٿيل آهن ۽ سامهون سندن شهر ۽ گهر نظر اچي رهيا آهن بس ڇا لکجي وڌيڪ هن سانحي تي ۽ڊي سي او جي اعلان تي.
• اوچتو دادو ۾ شهر بند ٿي ويو ڀاڄ پئجي وئي هي ساڍي ٽين وڳي منجهند جو ٽائيم هيو. ڪي نوجوان موٽر سائيڪلن تي منهن تي ڍڪيل ڪپڙي سان زبردستي شهر بند ڪرائي رهيا هئا. چي ڇا؟ غنويٰ ڀٽو تي لاڙڪاڻي ۾ حملو ٿيو آهي. ڇا هي صورتحال هاڻ هٿ وٺي بگاڙي پئي وڃي؟ جو هن مصيبت واري گهڙيءَ ۾ به اهڙيون حرڪتون؟
• لنڊن ۾ پاڪستاني ٽيم جي مئچ فڪسنگ جو اسڪينڊل ڇا سامهون آيو سنڌ دشمن ميڊيا کي ڄڻ موقعو ملي ويو. ڇاجي ٻوڏ؟ ڇا جا متاثر؟ ڇاجي تباهي؟ لڳي وئي آهي مئچ فڪسنگ اسڪينڊل پويان. هي آهي قومي ميڊيا ۽ هي آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم، سڀ هڪ ٻئي سان ٻٽُ ۽ مليل آهن.
• وزيراعليٰ ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، سجاول پل ويجهو بريفنگ ورتائين سسئي پليجو به ڀرسان اداس ۽ بغير ميڪ اپ جي بيٺل نظر اچي رهي آهي. کيس ڪارو جوڙو پاتل آهي. بس ايترو لکڻ ڪافي آهي.
• سنڌ مان بلوچستان ويل ٻوڏ متاثرين شڪايتون ڪري رهيا آهن ته سندن ڪا به سار نه پئي لڌي وڃي. هو ٻڌائين ٿا ته سندن سان فرق رکيو پيو وڃي. ڇا هي ان بيان جو ته رد عمل ناهي جيڪو ظفر الله جمالي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنو ته سنڌ حڪومت يا سنڌ وارن اسان کي هٿ وٺي ٻوڙايو. بحرالحال هي سٺو سنوڻ ناهي. ائين نه هئڻ گهرجي. هڪ عورت ٻڌائي پئي ته ڪوئٽا جي ڪئمپن ۾ نه پاڻي آهي نه ماني مرون ٿا بک، اُس ۾ ويٺا آهيون. تنبو به ڪو نه ٿا هڻي ڏين. ٻار مرن پيا. هي ته بلوچستان جي ڪئمپ جي صورتحال آهي جتي سنڌ جي سرحدي شهرن جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن جا رهواسي پهتا آهن. ڇا سنڌ ۾ ان کان بهتر صورتحال آهي ڪئمپن جي؟
• وزيراعظم بار بار پيو چوي ۽ عالمي ادارن کان مدد پيو گهري ته ٽينٽ کپن. هو چوي ٿو ته منهنجي معرفت دنيا کي پيغام ڏيو ته ٽينٽ کپن، سوال آهي ته جڏهن ڪي سال اڳ اُترين علائقن مظفر آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڏو زلزلو آيو هو ته ان مان به اسان سبق نه سکيو ڇا؟ جو ٻيهر ايندڙ ڪنهن امڪاني مصيبت واسطي پلاننگ ڪيون ها ۽ ٽينٽ گڏ ڪري رکون ها. ڪٿي آهي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو کاتو.؟ ان کان ته ڪير پڇي به نه ٿو. سنڌ ۾ ته ان جو اڃان تائين ڪو وجود نظر نه پيو اچي.
• آواز ٽي وي تي صحافي طارق لغاري ٻڌائي پيو ته دادو شهر به خاموشيءَ ۾ اڌ خالي ٿي ويو آهي. ڪي 15 ڏينهن کان وٺي ماڻهو شهر خالي ڪري رهيا آهن. هو چوي ٿو ته عيد جي موقعي تي به شهر جي مصروف چونڪ تي عام ڏينهن کان به گهٽ رش ۽ رونق آهي.
گهرو کاتي جي وفاقي وزير رحمان ملڪ ٺٽي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاڻي متاثرين کي ٽن ويلن جي ماني باقاعده ملندي. هاڻي ڏسون ته واقعي ٽي ويلها ٿي ملي يا..... ”وه وعده جو ڪيا وفا هو“
• ڪروڙين ٻوڏ متاثرين جو نه صرف وڏو نقصان ٿيو آهي جاني ۽ مالي پر ڪئمپن ۾ هو هاڻي وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن. سندن زندگي ته زهر بڻجي رهجي وئي آهي. ٻار رلي ويا پر هاڻي ته هو پاڻي ۽ ماني ڳڀي لاءِ صبح کان رات تائين انتظار ڪن ٿا. نواز شريف کي عوام ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ ۾ اربين رپيا ڏنا. پر هينئر ڪٿي آهي نواز شريف يا ان جهڙو ڪو ليڊر جيڪو ٻوڏ متاثرين لاءِ به نعرو هڻي ته ”سيلاب متاثرين کي مدد ڪرو اور سيلاب سي بچي هوئي لوگ ان کا قرض اتارين“
ڪي ٽي اين تي اڄ علي قاضيءَ جي چهري جي ريڊنگ، لهجي ۽ ڳالهائڻ مان لڳي ٿو ته کيس ڪي ڌريون ڌمڪائي رهيون آهن ته هو پنهنجو پروگرام بند ڪري يا متاثرين بابت سرڪاري پاليسي سان هلي. شايد ائين جيئن هڪ ٻيو سنڌي چئنل سنڌ جي نالي ۾ ڪري رهيو آهي. ان چئنل جي به ساک آهي پر هاڻي لڳي ٿو ته هو به پنهنجي ساک خراب ڪرڻ جي پويان پيل آهي. هينئر متاثرين جي حوالي سان اسڪرين تي واحد آواز علي قاضيءَ جو آهي جيڪو گهڻو ٻڌو وڃي ٿو. سو متاثرين جي بي دخلي، امداد، بحالي، تڪليفن، اهنجن، نقصانن مطلب ته هر حوالي سان ۽ هر اينگل کان ڳالهائي پيو بي ڊپو ٿي.
• اڄ هڪ سنڌي چئنل هڪ ٻئي چئنل لاءِ کلي عام چئي رهيو آهي ته هو Panic پيا ڦهلائين. هي ڇا؟ هي ڪهڙي قسم جو پروفيشنل ساڙ آهي. اهو چئنل هڪ ٻي مشهور چئنل لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ جميل سومرو واتان به اهو ئي پيو چورائي ته Exegervation ڪن ٿا ۽ Panic ڦهلائين ٿا. افسوس جو ان چئنل جو هڪ اينڪر چوي پيو ته سرڪار ته ويچاري پاڻ مظلوم آهي ڇا ڪري ٻوڏ متاثرين ته تمام گهڻا آهن. ڇا هي پروفيشنلزم آهي. افسوس صد افسوس. هي ڪنهن جي خدمت ڪري رهيا آهن؟.
• هن هيڏي وڏي مصيبت ۾ سنڌ جو 25 سيڪڙو رهيل مڊل ڪلاس اڳتي اچي، سنڌ جا وڏا زميندار، وڏيرا، ۽ سيٺيون اڳتي اچن. پئسي وارا شيخ، ميمڻ، هندو، ڪاٺياواڙي، بوهري، خواجه، اسماعيلي اڳتي اچن. هن مها ٻوڏ ۾ سجاول، جاتي ۽ چوهڙ جمالي ۾ اسماعيلي سنڌي به ته تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. سندن سربراهه ۽ عالمي اڳواڻ پرنس ڪريم آغا خان آهي. تنهن کي گهڻو اڳتي اچڻ گهرجي. ملڪ جي ڪنهن عالم فتويٰ جاري ڪئي ته حج ۽ عمري تي ويندڙ ماڻهو هن ڀيري جي نه وڃن ۽ اهو پئسو متاثرين کي ڏين ته ان کان وڌيڪ ڪو افضل حج ۽ عمرو ڪو نه ٿيندو. ڏسون ته ڪير ٿو ان تي عمل ڪري. هن وقت تائين ته ڪو مرد مجاهد سامهون نه آيو آهي شايد ڪو اچي يا ڪو به نه ايندو “
اهو اسان جي مسلمانيءَ جو امتحان آهي ۽ پڻ انسان دوستيءَ جو به.
شابس آهي ان عالم کي جنهن اهڙي فتويٰ جاري ڪئي. تاريخ کيس ياد رکندي. پر تاريخ انهن کي به ياد رکندي جن هن عالم جي فتويٰ ڏانهن ڌيان نه ڏنو. کين ڪهڙو ڏوهه ۽ ثواب منلدو. سو ته خدا ۽ بندي جي وچ ۾ معاملو آهي. اسين فقط راءِ ڏيئي سگهون ٿا. اسين وري به جس ان عالم کي ئي ڏينداسين جنهن بهادري واري فتويٰ جاري ڪئي نه ته هتي فتوائن تي هنگامه برپا ٿي ويندا آهن ۽ عالم خوف وچان فتويٰ ڏيڻ کان لنوائيندا آهن.
• وفا برهماڻي جوهي مان ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته جوهيءَ م ٻوڏ نه ايندي جو انهي کي سمجهڻ لاءِ علائقي جي ٽوپو گرافي سمجهڻ ضروري آهي. مان دادوءَ لاءِ ته يقين سان نه ٿو چئي سگهان جو هتي فيلوئر جي ڪري 2 يا 3 فٽ پاڻي اچي سگهي ٿو پر جوهي ۾ هن طرف کان ناممڪن آهي.
• ممتاز بخاري ٻوڏ کان پوءِ پهريون ڀيرو تاريخي ساڌ ٻيلو جي صورتحال ڏيکاري رهيو آهي. توقع کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پاڻي سموري ساڌ ٻيلي ۾ گهڙي وڏو نقصان ڪيو آهي. ڪا به واهر نه ٿي، پارڪ تباهه، راڄ گهاٽ تباهه، ها فقط تاريخي لائبريري اوچائي يا ٿلهي تي هئڻ سبب بچي وئي جيڪو خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
• ڪنهن ڪئمپ ۾ موجود هڪ عورت روئي ٻڌائي رهي آهي ته ڪجهه ڪو نه ٿو ملي پيٽ ۾ ساهه ئي نه آهي. اسان کي ڪجهه ڪو نه کپي سرڪار جو. فقط پاڻي لپ ئي ڏين ته ڀلو.
• سنڌ ٽي وي تي حر جماعت پاران اشتهار هلي رهيو آهي ته پير صاحب پاڳارو جي عقل فهم ۽ دانشمندي سبب سنڌو جي کاٻي پاسي گهارا نه لڳا ۽ لکين آبادي ٻوڏ کان بچي وئي. اشتهار ۾ ڪن شهرن ۾ ان حوالي سان پير صاحب جي مريدن پاران جلوس ۽ جلسا به ڏيکاريا پيا وڃن ۽ خوشيون ڪيون پيون وڃن. جيئي پير صاحب پاڳارو. اهڙي طرح سکر ۾ به سيد خورشيد شاهه جي حق ۾ ڪن مظاهرن ۽ ريلين جو خبرون شايع ٿيون ته شاهه صاحب علي واهڻ کي ڪٽ ڏيڻ کان بچائي ورتو ۽ لکين ماڻهن کي عذاب ۽ مصيبت مان نجات ڏياريو. جيئي سيد خورشيد شاهه.
اڄ گهر ۾ ننڍڙي ابير جو جذبو ڏسڻ وٽان هيو، ٽي وي اسڪرين تي ٻوڏ سٽيلن جا مسلسل اهنج ۽ آهون ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجي امڙ ۽ سنڌوءَ کي چيو ته منهنجا سمورا ڪپڙا ۽ بوٽ مون کي ڏيئي ته مان وڃي متاثرين ۾ ورهايان ۽ مون کي منهنجا جهومڪ ۽ والا به ڏي ۽ پئسا به. هن واقعي سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ ڪري الماڙي مان سامان ڪڍي سڀني کي نه صرف حيران ڪري ڇڏيو پر افسرده به ڪري ڇڏيو. ڇا ته ننڍڙي جو جذبو آهي ان وقت تائين سڪون سان نه ويٺي جيسين ڪجهه نه ڪجهه کڻي هلي هڪ ڪئمپ ۾ ڏيئي آئي. واهه ابير واهه ڪاش اهو جذبو انهن ۾ اچي جن کي وڏي تعداد ۾ سامان سموري دنيا مان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ لاءِ ملي ٿو پر هو بجاءِ ان کي حقدارن ۽ وارثن حوالي ڪن پر پنهنجن گهرن ۽ گودامن ۾ لڪائي رکيو ويٺا آهن جن مان ڪيترو ته خراب به ٿي ويندو آهي. ڇا هو خدا جي خوف کان نه ٿا ڊڄن يا کين خدا جي آڏو جوابده ناهي ٿيڻو يا کين ڪا ڪهل ۽ رحم نه ٿو اچي.؟
حسين آباد ۾ ڪوٽڙي پل ويجهو درياهه ڪناري ويٺل هڪ اقليتي سنت چوي پيو ته مان پنهنجو ڌرم نه ڇڏيندس، مندر نه ڇڏيندس، گهر نه ڇڏيندس، گهر ٻڏي وڃي ڌوڙ پائي، پر مندر ويو ته مري ويندس: مان مندر ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس ڀلي ٻڏي وڃان، ڇو ته اهو منهنجو ڌرم آهي. مان گيتا روز پڙهان ٿو ان ۾ ائين لکيل آهي اسين گوشت خور نه آهيون پر هت سرڪار اسان کي جيڪا ماني ڏني آهي ان ۾ گوشت آهي تنهن ڪري پنهنجو پاڻ پچائي هت ويٺا آهيون اسان کي متاثرين ۽ انسان ته سمجهيو ئي نه ٿو وڃي. اسان جا به ڪي حق آهن پر هي ان جا انڪاري آهن.
• ڪي ٽي اين تي مڪلي ڪئمپ بابت رپورٽ ڏيکاري پئي وڃي. سواءِ ماتم ڪرڻ جي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ۽ نه لکي ٿو سگهجي. اڍائي سال پورا سسئي پليجو وزير رهي آهي پر مڪليءَ کي لوڙهو به نه ڏياري سگهي.
لکين ٻوڏ متاثرين پناهه لاءِ اچي مڪلي پهتا آهن. هاڻي سنڌ جي انهن عالمي معيار جي آثارن ۽ ورثي جو ڇا ٿيندو؟ سو وقت ئي ٻڌائيندو. اهو فقط اسان جي غلط منصوبابنديءَ سبب پيو ٿئي. سنڌ هاڻي پنهنجي ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان کان پوءِ آثارن ۽ تاريخي ماڳن جو نقصان به برداشت ڪندي. سنڌي عوام وانگر سنڌ جا آثار به ننڌڻڪا ۽ لاوارثي جو شڪار آهن، مڪليءَ جي تباهيءَ تي اڳتي هلي عالمي سطح تي جيڪا سنڌ ۽ ملڪ تي ڦٽڪار ٿيندي ان جي ذميواري ڪنهن تي هوندي، آمريءَ جي آثارن تي ته مورڳو متاثرين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا پڻ چوڌاري پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي وئي آهي. هي ڪهڙي منصوبابندي آهي ساڌ ٻيلي ۾ هڪ فوٽ کان مٿي پاڻي داخل ٿي ويو آهي. هن ٻوڏ ۾ سنڌ جي آثارن کي به وڏو نقصان پهتو آهي، سي رپورٽون اڃان اچڻيون آهن.
• سنڌ ٽي وي تي مڪلي ڪئمپ ۾ موجود هڪ متاثرين ٻڌائي پيو ته اسان جي واهر ڪير ڪري؟ هت ته هينئر هرڪو پاڻ متاثرين بڻجي پيو آهي. هو روئي ٻڌائي رهيو آهي ته نه ڄاڻ ڇو امداد وٺندڙن کي هي سنڌ جي پوليس ڄاڻي ٻجهي زور سان مٿن تي لٺيون وسائي رهي آهي. هي ڀڄائڻ نه پر متاثرين کي مارڻ آهي. هي ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪري رهيا آهن؟. ڇا هي پوليس ڪنهن دشمن ملڪ جي آهي يا اسين ڪي ملڪ دشمن آهيون؟ يا هي پوليس يهودين ۽ اسرائيلن جي آهي ۽ اسين ڪي فلسطيني هجون؟ هو پوليس جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي ڪيئي شڪ ۽ خدشا ڏيکاري رهيو آهي.
• ڪراچي جي هڪڙي شهري تنظيم ۽ ان جي ساٿاري نا م نهاد قومي ميڊيا متاثرين جي تڪليفن، دردن جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ يا انهن جي امداد ۽ مدد ڪرڻ بجاءِ اهو راڳ الاپي رهي آهي ته وڏيرن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ماڻهن کي ٻوڙايو. هي ميڊيا ۽ سنڌ سرڪار جي اتحادي تنظيم ان کان هڪ انچ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه آهي. اها حقيقت آهي ته وڏيرن جو ڪردار سڄي ٻوڏ ۾ ڪو مثبت نه رهيو پر اهي پوءِ جون ڳالهيون آهن هينئر ته انهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي ڪيس کي عالمي سطح تي پهچائڻ جو مسئلو آهي انهن جا اهنج گهٽائڻ جو مسئلو آهي آبادڪاري جو مسئلو آهي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪئمپن ۾ انهن جي علاج جو مسئلو آهي. اڃان ته ٻوڏ هلي پئي ۽ لکين ماڻهو دربدر ٿين پيا پر هنن کي اچي هيءَ مشڪري لڳي آهي. هنن کي پنهنجا شهري وڏيرا ۽ دهشتگرد ته نظر ئي نه ٿا اچن. انهن لاءِ ته ميڊيا اف به نه ٿي ڪڇي.
• آواز ٽي وي تي 10 سالا ٻار مسڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته ”ها روزو رکيو آهي“ ڇا سان رکيو اٿئي؟ ڪجهه سان به نه بس توڪل سان رکيو آهي. ڇا ته خود اعتمادي آهي ان ٻار جي ڳالهائڻ ۾، ڪئمپن ۾ اهڙا هزارين ٻار موجود آهن جن کي حالتن ڌڪي لاوارث ۽ ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو اسڪول وڃڻ بجاءِ ماني ڳڀي لاءِ آتا آهن ”هي ٻالڪ نيٺ ته وڏڙو ٿيندو ۽ ويندو توکان گوءِ کڻي“ مخالف چون پيا ته هي قوم تباهه ٿي ويندي ۽ جبلن ۾ پناهه وٺي خانه بندوش بڻجي هڪ طرف ويهي رهندي ۽ پنهنجا وڏيرا ۽ ليڊر کين هڙپ ڪري ويندا ڇو ته هنن جو ايمان ڪمزور آهي ۽ ملڪ سان ايترا سچا نه آهن جيترا اسان آهيون. ڇا ملڪ سان سچائي جو معيار اهو آهي ته مسلسل 30 سالن کان ملڪ جي هڪ وڏي شهر ۾ بغير وقفي سان قتل عام جاري رکجي؟ هزارين سالن کان آباد ماڻهن جا ڳوٺ ڊاهجن ۽ لکين ڪروڙين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪجي؟ 12 مئي جهڙا واقعا ڪجن؟ جي اهي معيار آهن ته پوءِ هو درست آهن. پررب العزت وٽ ته ڪجهه ٻيائي معيار آهن.
• مهراڻ ٽي وي تي نويد قريشي ايف پي بند ۽ منڇر ڪنٽيننگ (ايم سي) بند تي منڇر ۽ سيوهڻ جي ٻوڏ متاثرين کان حال احوال وٺي رهيو آهي ”هو چون پيا ته ايمرجنسي ۾ 25000 هزار ڪرايو ڀري پير گاجي وڃون پيا. جي وقت تي ٻڌائن ها ته اهو ڪرايو 5000 هزار ڀرڻو پئي ها. جي هي ايم اين وي ڊي يا منڇر بند ٽٽندو ته وزير سيد مراد علي شاهه جو پنهنجو ڳوٺ واهڙ به ٻڏندو. هڪڙا چون پيا ته اسان کي ڪير جلد هتان ڪڍي. اوهان صحافي پهتا آهيو باقي ڪير به سار لهڻ نه آيو آهي. اسان کي پڪ نه آهي ته ٻار ٻچا ڪڍي سگهنداسين يا نه، منڇر ڀرجي وئي آهي باقي ٽي فٽ رهي ٿي اسان جي بدن ۾ ساهه نه آهي خدا جي واسطي اسان جي ٻچن کي ڪڍو. سيوهڻ، ڀان، بوبڪ، ٽلٽي، دادو سڀ ٻڏندا اسان ڏسون پيا پاڻي اڳي کان مختلف آهي.
• ڊيلي ڊان جي ليڊ آهي ته:
“Breache made to save warah at Dadu`s Cost”
“400000 Lake People Shelter in Makli”
• تصوير سنديلو رپورٽر سنڌ ٽي وي هاڻي گاجي کهاوڙ مان واپس ٿي هت دادو پريس ڪلب پهتو آهي. ميهڙ خيرپور به ڏسي آيو آهي، چوي پيو ته دل رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي. جيتري تباهي ٿي آهي سو بيان کان ٻاهر آهي. هو انتهائي ڏکايل آهي چوي ٿو ته ڪي 8 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هڪ لک کان وڌيڪ پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن جن کي بروقت ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
• قادرمگسي چوي ٿو ته ڪجهه چئنلن الطاف جي بيان کي اهميت ڏيندي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر انداز ڪيو آهي جيڪا بي ايماني ۽ بدديانتي آهي پنهنجي صحافتي ذميوارين جي حوالي سان. هو چوي ٿو ته سنڌين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪيو وڃي.
• ٽنڊو محمد خان ۾ بشير قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته متاثرين کي فورن مصيبتن کان بچائي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي ۽ سندن پر گهور لڌي وڃي.
• ڪراچيءَ جي هڪ شهري تنظيم، اي اين پي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ پ پ پ ۽ ڪراچيءَ جي ٻين فلاحي ۽ سماجي تنظيمن متاثرن جي مدد واسطي ايترو نه ڪيو آهي جيترو کين ڪرڻ گهرجي ها. شابس آهي آرٽس ڪائونسل ڪراچي، چيمبرس آف ڪامرس ڪراچي، عقيل ڊيڊي ۽ ڪجهه ٻين کي جن ٿورو ڪي گهڻو متاثرين لاءِ ڪيو. ايڌي الائي ڇو نظر نه پيو اچي، ڪنهن روڪيو اٿس، يا ڪنهن مصلحت جو شڪار آهي.
ڪي ٽي اين فوٽيج ڏيکاري رهي آهي ته ماڻهو چوهڙ جمالي ۽ جاتيءَ مان پيرين اگهاڙا پنڌ نڪري رهيا آهن. کين محفوظ رستو نه ملي رهيو آهي. هو ڏاڍا پريشان آهن ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته سرڪار پاران مليل 42 بسن ۾ اثر رسوخ وارين ڌرين فقط پنهنجا ماڻهو ڪڍيا آهن. واقعي قيامت جهڙو منظر آهي انهن علائقن ۾. جيئن چوندا آهن ته هڪ پاسي باهه ۽ ٻئي پاسي پاڻي. هنن لاءِ ته مصيبت آهي. هڪ طرف سنڌو جو پاڻي ڌوڪيندو پيو اچي ۽ ساحلي علائقن جا ماڻهو لڙهي سمنڊ حوالي ٿي سگهن ٿا يا وري درياهيءَ پاڻيءَ جو مقابلو ڪري نڪري اچن. بس ميدان ڪارزار آهي. هزارين ماڻهو پناهه جي تلاش ۾ ڊوڙي رهيا آهن. هن ڀاڄ ۾ ڇا هزارين ماڻهو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا.
• ڇا هن مها ٻوڏ سبب سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي به خطرو پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي؟ ڇا سنڌ جو ڳوٺاڻو ڪلچر تبديل ٿي ويندو؟ لکين ٻار هاڻي سنڌي بجاءِ ڪا ٻي تعليم حاصل ڪندا؟ ڇا ٿيندو آخرڪار؟ ڇا واقعي سنڌو اسان کي پوئتي وٺي ويو آهي؟ يا اسان کي هن وقت تي جاڳايو آهي؟ ڌونڌاڙيو آهي. پنهنجن ۽ پراون سڀني کي ننگو ڪري، اسان جي سامهون بيهاريو آهي. ماڻهن جي منهن تي چڙهيل منافقت جا پردا لاهي ڇڏيا آهن، ڇا سنڌوءَ اسان جا صدين جا سفر سالن يا ڏهاڙن ۾ طئه ڪرايا آهن؟ اهو وقت ٻڌائيندو.
• ڪي ٽي اين تي منور سليم خاصخيلي چوي ٿو ته سجاول واسي واهر نه ٿيڻ جي شڪايت ڪري رهيا آهن. هنن کان پڇيو ويو ته ڇا ڊي سي او منظور شيخ ڪا مدد نه ٿو ڪري ڇا؟ وراڻيءَ ۾ هنن ڏکاري انداز ۾ چيو ته ان ئي ته اسان کي تباهه ڪيو ۽ ان ئي ته اسان کي ٻوڙايو.
ڪي ٽي اين تي خيرپور ناٿن شاهه جي متاثرين سان رپورٽر مختيار چانڊيو حال احوال ڪري رهيو آهي. ”منهنجا جانب منهنجا پنهل اسان ڏي ڪير به نه آيو آهي. روزگار رب جي هٿ ۾ آهي الائي ڏيندو الائي نه.“
ڪي ٽي اين نيوز پروگرام ۾ اقتصادي ماهر ڊاڪٽر شاهده چوي پئي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽر شپ ٻئي فيل ويا آهن.
مڪليءَ مان ڪي ٽي اين تي ناز سهتو متاثرين سان حال احوال ڪري رهيو آهي. هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته ”اسان کي ڪنهن نه ڪڍيو، پاڻ مڙسي ڪري نڪتا آهيون. ڀت اڇليو ڏين، ڪو اسين جانور آهيون ڇا؟ ڪتي وانگر اڇلين ٿا، ماڻهو آهيون جانور نه.“ سموري مڪلي تي قبرن ويجهو مزارن اندر لکين انسان مئلن سان گڏ رهي رهيا آهن. سنڌ اهڙا منظر شايد هن کان اڳ نه ڏٺا هجن.
مقبول پنهور ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر سڀني يونيورسٽين کي حڪم ڪيو ته امداد گڏ ڪن. حڪم جي تعميل ٿي، ٽرڪون ڀرجي سنڌ نه پر ڪنهن ٻئي ڏيهه ڏانهن روانو ڪيون ويون. جي واقعي ائين ٿيو آهي ته هي به هڪ وڏو سانحو آهي جيڪو مفاهمت ۽ اتحاد جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي.
• آربي او ڊي ڪالونيءَ ۾ اشتياق سان روزاني روٽين واري ڪچهري جاري آهي. ايم اين وي ڊي جي حالت ۽ ٻين موضوعن تي ڳالهه روز جو معمول آهي. دادو شهر مان لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي. پندرهن وار افيئر جو ٻوڏ نمبر مليو جنهن ۾ منهنجا ٻه مضمون ڪاڇي ۾ ٻوڏ ۽ ”68 سالن کان پوءِ“ ”2010-1942“ مضمون ڇپيا آهن. پوئين مضمون ۾ مون دادو ۾ ٻوڏ سبب منڇر، ايف پي بند، ايم اين وي ڊي ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تجزيو ڪيو آهي. اهي ٻئي مضمون مون 10-8-15 تي لکي اشتياق صاحب جي حوالي ڪيا هئا رسالي کي موڪلڻ لاءِ.
• ٺٽي جي ڊي سيءَ او جي اعلان کي ٺٽي شهر جي ماڻهن ائين ورتو ڄڻ پاڻي نه ڪا دشمن جي فوج کن پل ۾ شهر ۾ داخل ٿي ماڻهن جون سسيون لڻي ويندي يا ڪنڌ ڪپيندي . ڊي سي او جي ان اعلان لکين ماڻهن کي منٽن ۾ وڃي مڪليءَ تي مُردن سان ملائي ڇڏيو.
• آواز ٽي وي تي ايوب کوسو ۽ قيصر نظاماڻي مسلسل اسٽوڊيو ۾ ويهي دنيا کي سنڌ م ٻوڏ جي تباهڪارين بابت اپ ڊيٽ ڪري رهيا آهن. ايوب کوسو ٻڌايو ته مان پاڻ متاثرين منجهان آهيان ۽ ڳوٺ ڇڏي ٻار وٺي ڪراچي پهتو آهيان.
• ڪي ٽي اين تي گاجي کهاوڙ وارا رڙيون ڪري رهيا آهن ته بچايو، ڌامراهه واهه کي ڪٽ هڻو، نادر مگسي واهر ڪر نه ته باڊهه، لاڙڪاڻو، وارهه، وڳڻ ٻڏي ويندا.
• ڪٿي آهي ايم ڪيو ايم جي خدمت خلق ڪميٽي جيڪا زلزلي دوران وڃي ڪشمير پهتي هئي جنهن لاءِ خاص مخصوص ميڊيا به ڏينهن رات ڪم ڪيو. هو ته سوين ميل پري هيا پر هت ته پنهنجي صوبي ۾ مصيبت اچي وئي آهي. ڪٿي آهي خدمت خلق ڪميٽي، ڳوليوس ته سهي.
ايم اين وي ڊي تي جوهي واسي ٻڌائن ٿا ته اسين ڄڻ پاڪستاني نه آهيون جو ڪير واهر به نه ٿو ڪري ۽ ڪير گهارا به نه ٿو ٻڌي ايم وي ڊي جا جيڪو پاڻي جوهي ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي.
• جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل شوڪت اقبال سپريو بند ميهڙ جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي جوانن کي ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن ڪڍڻ جون هدايتون ڏنيون.
آرمي کي سنڌ م ٻوڏ دوران موبلائيز ته ڪيو ويو پر محدود پئماني تي نه ڄاڻ ڇو؟ ضرورت هئي ته وڏي تعداد ۾ آرمي کي ريسڪيو ۽ امدادي ڪمن ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته جيئن متاثرين جي بر وقت ريسڪيو ٿي سگهي ها پوءِ به آرميءَ پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
• وڏي عذاب ۾ آهن، متاثرين ڪئمپن ۾، ڪي ٽي اين ٻڌائي پئي ته عورتن لاءِ نه ٽوائليٽ آهن نه وهنجڻ لاءِ پاڻي. پاڻيءَ بنان هو ڪيئن ٿانو ڌوئن، ڪپڙا ڪيئن ڌوئن وغيره وغيره. مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ڪئمپن ۾ عذاب ۾ اچي ويا آهن. معصوم ٻارن لاءِ ڪي سندن وٽ رلڪا يا ڪپڙا نه آهن. گندگيءَ سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.
ميڊيا تي متاثرين جي صحيح حالت زار ۽ انهن جي حق ۾ هڪ وڏو آواز قاضي علي جي روپ ۾ گونجي پيو. هاڻي هڪ پاسي هو اڪيلو ۽ ٻئي پاسي هن جا مخالف ميڊيائي گروپ. پر هو لڳو پيو آهي مڙي نه ٿو ۽ چوي ٿو ته آءٌ اهو ئي چوندس ۽ ٻڌائيندس جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڏسي رهيو آهيان.
آءٌ اڪيلو ڪيئي سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ.
(اياز)
• سنڌ ۾ مها ٻوڏ سبب آيل مصيبت ۾ به سمورن سنڌي چئنلن تي ساڳئي نموني سان لاڙڪاڻي واسي حاجي ڳهڻو خان سنڌي بلوچ جو اشتهار هلي رهيو آهي. پلاٽن جو اشتهار ته لاڙڪاڻي جي پل سٺي، حاجي ڳهڻو خان سٺو، شايد کيس اڃان سنڌ ۾ آيل هن تباهيءَ جي هن شريف ماڻهوءَ کي سُڌ نه پئي آهي. جو وڏي ڌوم ڌام سان اهو اشتهار چئنلن تي هلي رهيو آهي. ماڻهو هينئر مصيبت ۾ آهن ۽ هن کي لڳي آهي پلاٽن جي وڪري جي.
گاجي کهاوڙ وارا ميڊيا تي ٻڌائي رهيا آهن ته فوجي جوان ريسڪو ۾ رڌل آهن متاثرين ٻار ٻڍا عورتون ٻڌائن ٿيون ته پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ هاڻ ته ڀڄي ڀڄي اسان جا مٿا ئي سور ٿا ڪن ساڻا ٿي پيا آهيون. گاجي کهاوڙ ۾ 10 سالا نينگر تصوير سنديلو کي ٻڌائي رهي آهي ته ڀڄي ڀڄي اسان جا مرد، مايون ۽ اسان سامان کڻي اڌ مئا ٿي پيا آهيون هر پاسي پاڻي ڦري ٿو اچي. اڃان ڪٿي ساهه ٿا پٽيون ته اچيو پاڻي ويجهو پوي. ان جو ڪڻو به نه آهي. نينگر جڏهن ڳالهائي رهي آهي ته سندس ڀرسان هڪ وڏو قافلو مٿن تي سامان سميت گذري رهيو آهي. حيران، پريشان، بيزار، اڌ مئا، ٽٽل، کين ڪا به زمين جي ٽڪري نه ٿي ملي جتي هو ڪي ساعتون ويهن يا دم پٽين،.
• اسلام جا ٺيڪيدار ۽ انسانيت جا ويري، متاثرين تي هر قسم جي تنقيد ته ڪن پيا پر اهو ٻڌائن ته هنن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪئمپن کان ٻاهر روزي رکرائڻ يا روزي کولرائڻ جو سندن لاءِ ڇا بندوست ڪيو. جمعي نماز پڙهائڻ لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا، ڪئمپن ۾ مسجدون ٺاهي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ واسطي ڇا ڪيو. عورتن جي غسل ۽ حاجت واسطي ڇا ڪيو ؟ پوءِ به چون ٿا ته متاثرين تي خدا ڏمريو آهي. ٽوڙيءَ وٽان گهارو ان ڪري لڳو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ اقليتون رهنديون آهن. هي انهن سان گڏ رهن ٿا کائين ٿا ۽ ڏک سک ۾ شريڪ ٿين ٿا تنهن ڪري سندن مٿان مصيبت آئي آهي. اي انسانيت جا دشمنؤ خدا کان ڊڄو، هي برو وقت ڪنهن تي به اچي سگهي ٿو. ڪجهه عقل کان ڪم وٺو. ميڊيا جا اهي گروپ ۽ ٽولا به خدا کان ڊڄن جيڪي هر وقت سڄو ڏينهن ڪوڙ ۽ بڪواس بڪي رهيا آهن ۽ خلق خدا کي گمراهه ڪري رهيا آهن.
هن هيڏي وڏي مصيبت ۾ ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سنڌ ۾ سرڪار سرڪاري ڊاڪٽرن جي پرائيويٽ ڪلينڪس هلائڻ تي ڪي سال ڇهه مهينا پابندي هڻي کين متاثرين جي سار لهڻ لاءِ پابند ڪري ها. پرائين نه ٿيو. شايد ان ڪري جو متاثرين سان ڪا همدردي ئي نه آهي.
• ٻوڏ متاثرين کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪا تنظيم سازي ڪري پنهنجي لاءِ ايندڙ امداد کي حقيقي متاثرين ۾ ورهائڻ کي يقيني بڻائين ۽ ان امداد ۽ بحالي واري ڪم ۾ پاڻ کي شامل ڪن ورنه ڪجهه به کين نه ملندو. لکين متاثرين ۾ هزارين ته اعليٰ تعليم يافته، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ پنهنجن شعبن جا ماهر ۽ پي ايڇ ڊي به هوندا تن جو فرض آهي ته اڳتي اچن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ۽ آل سنڌ ٻوڏ متاثر اتحاد نالي سان تنظيم جوڙي سرڪار سان اين جي اوز سان ۽ عالمي ادارن سان گڏ ڪم ڪن ۽ پڻ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. هي وقت آهي جو هو ڪجهه ڪن ورنه ٻين جي آسري تي ويهي بکون ڪاٽيندا ڇو ته هتي امداد ۽ ان جي ورهاست جي تاريخ ئي ڪجهه مايوس ڪندڙ آهي.
• ڪي ٽي اين ٽي تي پ پ پ اڳواڻ تاج حيدر واضح لفظن ۾ پيو ٻڌائي ته هينئر ڪراچي ۾ ٻه شيون خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون هڪ طرف متاثرين آهن ۽ انهن جا همدرد ۽ ٻئي طرف هڪ شهري ۽ دهشتگرد تنظيم. آءٌ واضع ڪيان ٿو ته سڀاڻي ڪنهن به ڪئمپ ۾ خدانخواسته ڪنهن وڏي پئماني تي دهشتگرد اچي ڪا ڪارروائي ڪئي ته ان جي ذميواري مون تي عائد نه ڪجو يا آءٌ اهو رسڪ نه ٿو کڻي سگهان ڇو ته انهن کي اوهين سڀ سڃاڻو ٿا.
هي اقبال حيدر واقع اهو شخص آهي جنهن جي دل ۾ مون متاثرين لاءِ ۽ ڌرتي ڌڻين لاءِ حقيقي درد محسوس ڪيو. ڪراچي پ پ پ ۾ هي هڪ سمجهو ماڻهو ثابت ٿيو آهي. ٻيا به ڪي هوندا.
• اڄڪلهه جيڪي به سنڌ ۾ چونڊيل نمائنده آهن انهن جي وڏن يقينن 47ع ۾ ايندڙ پناهگيرن کي ويلڪم ڪيو هوندو پنهنجون زمينون گهر، مال ملڪيتون ڏنيون هونديون ۽ هو اڄ هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن پر هن ڀيري هنن جي پوئين نسل ته ان کان به وڌيڪ پناهگير ٿيل سنڌ واسين لاءِ ڪجهه به نه ڪيو نه ڪئمپون قائم ڪرايون نه پنهنجن ڪوٽن ۾ رهايو نه پنهنجا گهر ڏنا نه پنهنجون ملڪيتون ڪي ٽي اين ته ٻڌائي رهي آهي ته سموري سنڌ ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا وڏيري مير پير متاثرين لاءِ ڪا به ڪئمپ پنهنجي طرفان قائم نه ڪئي. هن زيادتيءَ کي ڪهڙو نالو ڏجي؟
• دادو پريس ڪلب ۾ هڪ صحافي چئي رهيو آهي ته هاڻي ته واقع هي ڄٽ اسان کي ٻوڙائيندا. هينئر ته اڃان پنهنجي گهرن ۾ آهيون، ايندڙ ڏينهن م ڪٿي هونداسون، هي فيصلو هاڻي پاڻي نه بلڪه هي ماهر ڄٽ ڪندا. جيڪي ٻين کي ٻوڙائي يا پاڻ کي بچائي هاڻي اسان جي ڪڍ لڳا آهن. الائي ڇا ٿيندو دادوءَ جو؟
• چوڻي آهي ته جڏهن روم سڙي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو. هي چوڻي هت سچ پئي ثابت ٿئي. وڏي وزير دادو جي سمورن چونڊيل عيوضين کي ڊي سي او سميت نوابشاهه گهرايو آهي. سو به هن ڏکي وقت ۾ جڏهن شهرين ۾ خوف ڇانيل آهي. دادو ۽ مورو روڊ بند آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته قبله نوابشاهه پهچڻ لاءِ ته رستو بند آهي ته پوءِ وري کين سکر گهرايو آهي. خدا ڄاڻي هي ڪهڙي حڪمت عملي آهي. بس شاهه صاحب پاڻ ئي ڄاڻي ٿو يا اهو به نه ٿو ڄاڻي اڃا ڪو ٻيو آهي جيڪو کيس مشورا ڏيئي رهيو آهي.
شهر جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي ۽ هت روز ميٽنگون، فضائي دورا، ميڊيا کي بريفنگ، ماڻهو هاڻي بي زاري ڏيکاري رهيا آهن سرڪار جي اهڙي رويي تي.
• او پينين وٿ علي قاضي پروگرام ۾ مڪليءَ مان هڪ ڪالر ٻڌائي رهيو آهي ته 3 ڏينهن اڳ وفاقي وزير رحمان ملڪ هن ڪئمپن ۾ اچي ٽي ويلها ماني ڏيڻ جو واعدو ڪري ويو پر ٽي ويلها ته ڇا هڪ پاڻيءَ جو گلاس به نه مليو. ”اٺ تڏهن ٿي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سبيا“ منهنجي دوست ڊاڪٽر اسلم خواجه سجاول واري ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاري رهيو آهي پر انهن حالتن ۾ به هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول وارا گهارا بند ڪيا وڃن. ڊاڪٽر همت وارو انسان آهي. 1990ع ۾ جڏهن آءُ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ۽ هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ته اسين ٻنهي گڏجي ڄامشورو پريس ڪلب جو بنياد وڌو. هو ڄامشوري مان اخبار جنگ لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ مان جاڳو اخبار لاءِ. اسان گڏجي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر احد ابڙو کان هڪ پئنل انٽرويو به ڪيو هو جيڪو جنگ مڊويڪ اسپيشل ۾ ڇپيو هو. مان ڄامشورو پريس ڪلب جو پهريون صدر بڻيس ۽ هو جنرل سيڪريٽري، ڊاڪٽر سان سجاول واري گهر ۾ هڪ ٻه ملاقات ٿي آهي. انتهائي همت ڀريو ۽ بهادر ماڻهو آهي.
فضل الله قريشي چيو ته قاضي صاحب اوهان ڪالهه ڪراچيءَ ۾ صدر آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي؟ ڇا هن کي اندازو هيو ته ڪير متاثرين جي امداد ۽ بحاليءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي؟ علي قاضيءَ جواب ۾ کيس چيو ته صدر ايڊمٽ ڪيو ۽ چيو ته هو اهڙن ماڻهن جي سمورن حرڪتن کان واقف آهي ۽ هن کي احساس آهي.
قاضي عليءَ چيو ته صحت ۽ ٽرانسپورٽ واريون وزارتون اتحادين وٽ آهن ان ڪري حڪمران انهن کان پڇاڻو نه ٿا ڪري سگهن. جنهن سبب ماڻهو مري رهيا آهن ۽ مدد نه پئي ٿئي. هن اهو پڻ چيو ته جيڪي کاتا پ پ پ وٽ آهن سي ته ڀلا ڪجهه ڪن.؟
• ڪي ٽي اين جي هڪ ٽاڪ شو ۾ ادريس راجپوت چوي ٿو ته هن منجهيل صورتحال بابت هن لاڙڪاڻو ۾ موجود انجنيئر شفقت حسين وڌو کان راءِ ورتي آهي تنهن جو چوڻ آهي ته ڌامراهه وڌندڙ پاڻيءَ جو دٻاءُ جهلي نه سگهندو، سو ان کي ڪٽ هنيو وڃي. هن چيو ته صورتحال انتهائي منجهيل ۽ ڳنڀير آهي جنهن ڪري هو ڪا به حتمي راءِ نه ٿو ڏيئي سگهي. ادريس وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۽ ٻين پاسن جا ماڻهو پوکيءَ لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ مظاهرا ڪري رهيا آهن. تنهن ۾ ايريگيشن کاتي جي نااهلي آهي باقي ٻيو ڪو ٽيڪنيڪل معاملو نه آهي.
• گنجي ٽڪر تي قائم ڪئمپ ۾ سليم ملاح متاثر عورتن کان انٽرويو ڪري پيو، سڀ پنهنجو ظلم ڪٿا بيان ڪري رهيون آهن. 7 عورتن مان 6 جا مڙس ۽ پٽ لڙهي ويا آهن. ڇا اهي موت ڪٿي ڪنهن اخبار يا چئنل تي رپورٽ به ٿيا يا هينئر پهريون ڀيرو ٿي رهيا آهن.؟ اهڙا سوين موت آهن جيڪي اڃان چئنلن ۽ اخبارن ۾ رپورٽ ٿيڻا آهن ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪي سوين ماڻهو سيلاب ۾ لڙهي ويا آهن يا گم ٿي ويا آهن. سو وقت ئي ٻڌائيندو باقي سنڌ جو وڏو وزير الائي ڇو بار بار ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته شڪر آ سنڌ ۾ جاني نه مالي نقصان ٿيو آهي. هو اهو ائين بار بار ڇو ٿو ٻڌائي ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪري رهيو آهي.؟ سو وقت ٻڌائيندو. ائين ڪرڻ سان ته ويچارا متاثرين معاوضن کان به محروم رهجي ويندا.
صبح جو ڇهين بجي اشتياق انصاري ايم اين وي ڊرين تان (جتي ان جي ڊيوٽي آهي) ٻڌايو ته ايم اين وي ڊي کي خانپور سامهون رات جو چئين بجي وڏي روڻ پئجي وئي آهي، جيڪو دادوءَ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.
ڇنڊڻ موري دادو جوهي روڊ تان:
ايم اين وي کي اولهه طرف لڳل ڪيترن ئي گهارن جو پاڻي هاڻي ڇنڊڻ کان جوهي ويندڙ روڊ مٿان گذري رهيو آهي. ننڍيون گاڏيون ته نه پر اڃان وڏيون گاڏيون گذري رهيون آهن. وڏي پئماني تي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ايم اين وي ڊي بند طرف اچي رهيا آهن يا دادو وڃي رهيا آهن. جوهي ۾ روڊ بند ٿيڻ سبب خوف وڌي ويو آهي.
ڪاري موري جوهي برانچ
۽ جڏهن ڪاري موريءَ کي ڪٽ هنيو ويو!
عجيب منظر آهي هتي. سون جي تعداد ۾ ڪاري موري تي جوهي برانچ کي ڪٽ هڻڻ جا حمايتي جديد هٿيارن سان ويٺا آهن ۽ ٻئي پاسي ڪٽ هڻڻ جا مخالف جوهي واسي. وڏي خونريزي جو خطرو آهي. جوهي واسين جو موقف آهي ته ان ڪٽ هڻڻ سان جوهي جو وجود ميسارجي ويندو ۽ جيڪي علائقا ٻڏا آهن سي ته ٻڏا هاڻي اسان کي ڇو موت جي منهن ۾ ڏنو ٿو وڃي. ڪٽ هڻڻ جا حامي چون ٿا ته جي ڪٽ نه لڳو ته سندن علائقي ۾ ڪجهه نه بچندو ۽ علائقي جو وجود ختم ٿي ويندو. اوچتو هڪ گاڏين جو وڏو قافلو ڪاري موريءَ طرف ايندي نظر اچي ٿو جن وٽ برانچ کي ڪٽ لڳائڻ واري مشينري به موجود آهي. قافلي ۾ چونڊيل نمائنده ايريگيشن جا اهلڪار، ضلعي انتظاميه جا ماڻهو، روينيو، پوليس، آرمي اهلڪار ۽ گاڏيون ڪاري موري تان پار ڪري جوهي برانچ تي ڳوٺ لليا پاسي بيهي رهيا آهن. اهو منظر ڏسي جوهي طرف جي ماڻهن ۽ لليا ڳوٺ ۽ چانڊيه ڳوٺ جي ماڻهن جو ساهه سڪي ويو. طئه ٿيل فيصلي موجب ڪٽ هنيو ويو. هڪڙن خدا جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ ٻين ان کي خدا پاران عذاب نازل ٿيڻ سمجهيو. ڪير ڪامياب ٿيو ڪير ناڪام، اها ڪهڙي پلاننگ هئي سو وقت ٻڌائيندو.
دادو شهر:
خيرپور ناٿن شاهه ۽ آسپاس وارن علائقن جا لکين ماڻهو گاڏين تي لڏپلاڻ ڪري انڊس هاءِ وي ذريعي ڄامشورو ۽ ڪراچي وڃن پيا. ڪي هزارين ماڻهو دادو شهر جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بي يارومددگار ويٺل آهن. هن عيد جي موقعي تي به دادو شهر ۾ ڪا رونق نه آهي اڌ شهر اڳواٽ خالي ٿي چڪو آهي. جنهن کي هي متاثرين ڀري رهيا آهن. شهر جو مصروف چوڪ تي شام جو جيڪا رواجي رونق هوندي آهي سا اڌ رهجي وئي آهي. شهر جي مصروف بازارن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان کليل آهن. شهر ۾ موجود ڪئمپن ۾ خدا جي هن خلق ۽ پ پ پ جي ووٽرن سان جيڪا ويڌن ٿئي پئي سا ساڳي آهي جيڪا ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ نظر اچي پئي.
• شڪارپور جي هڪ ڪئمپ ۾ ماڻهو چئي رهيا آهن ته کين فقط ڇانو کپي، ٻن هفتن کان اُس تي ويٺا آهيون.
• سنڌ ۾ جي بهتر حڪومت هجي ها ته شايد ذري برابر به نقصان نه ٿئي ها يا ڪنهن قدر ان نقصان کي گهٽائي سگهجي ها. گڏيل حڪمت عملي، ڏاهپ، ٿڌي دماغ سان، سوچ ويچار سان، عقل ۽ علم سان، فني طريقن، خلوص ۽ سچائي سان پر ڇا ڪجي هت ته ڍينگو ئي ڍيري ٿي پيو آهي. شهري بابو ته اصل سنڌ سرڪار کي چرڻ به نه پيا ڏين ۽ متاثرين سان همدردي جي ته ڳالهه ئي نه پڇو، هو ان تي خوش نه آهن ته اهي ڪراچي اچن يا سندن ڪا واهر ٿئي. هي عجيب صورتحال آهي هن ڏکايل ماٿريءَ جي ماڻهن سان. هن ڏکايل گهڙيءَ ۾ هن شهري تنظيم جو جيڪو رويو ۽ ڪردار رهيو سو تاريخ جي صفحن ۾ لکجي ويو آ. سنڌ جي قومپرستن جو به ڪو سرگرم ڪردار نظر نه پيو اچي. هو به بس خانه پوري ڪري رهيا آهن.
• ڪي ٽي اين جي نيوز ايڪسٽرا پروگرام ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هيڏي وڏي تباهي کان پوءِ به چونڊيل نمائنده ماڻهن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ڪڍڻ ۽ واهر ڪرڻ بجاءِ گهارن جي سياست ۾ سرگردان آهن.
• ڪشمور ۽ غوثپور واسي ٻڌائن پيا ته پ پ پ ماڻهن کي نلڪا، راشن، پاڻيءَ جون ٽانڪيون ۽ ٻيو سامان ڏنو سو ته پ پ پ وارا پنهنجن عزيزن، مائٽن ۽ واقف ڪارن ۾ ورهائي رهيا آهن. ڀيا ڀين کي ڀيا ڏين ته پٺاڻ پٺاڻن کي. هنن چيو ته جي ٽوڙي بند پاسي سمورا چونڊيل عيوضي ڌيان ڏين ها ته اهو سانحو ڏسڻو نه پئي ها. هنن چيو ته سرڪار اسان کي (مال) جانورن جيتري به حيثيت نه پئي ڏيئي. هنن چيو ته مالڪ مال کي به ڪٿي ڇڏيندو آهي يا واڙي ۾ بند ڪندو آهي ته باقاعده چاري ڏيڻ يا بڙي بيماري ۾ سار لهندو آهي. پر اسان ته جانورن کان به بدتر ٿي ويا آهيون. شايد ان لاءِ ته محترمه کي ووٽ ڏنوسين. ماني هلائين ٿا ته پڪي ۾، چون ٿا ته ڪچي ۾ ڪو به متاثرين موجود نه آهي. اوهان صحافي آيا آهيو ۽ ڏٺو آهي ته اسين هت ڪهڙي حال ۽ حالت ۾ آهيون
• ٽوڙي گهاري وٽ آرمي اهلڪار امانت علي ٻڌائي پيو ته اسان هت اچي ڏٺو ته سنڌو ٻن حصن ۾ وهي رهيو آهي. جيترو Main Course ۾ پيو وهي اوترو ئي هن گهاري مان.
ناز سهتو جاتيءَ مان ٻڌائي رهيو آهي ته پاڻي جاتيءَ شهر ۾ داخل ٿي ويو آهي چونڊيل نمائنده ۽ ايريگيشن اهلڪار گم آهن، ماڻهو مدد لاءِ آرميءَ کي پڪاري رهيا آهن. پاڻي جاتي شهر جي مختلف وارڊن ۾ تيزيءَ سان وڃي رهيو آهي. سوين ماڻهو ڦاٿل آهن. جاتيءَ ۾ صورتحال تمام خراب آهي.
تڙ خواجه شهر خالي ٿي ويو آهي. جتان رات جو ٻيڙين تي چڙهي ماڻهن چوريون ڪيون آهن ۽ سجاول ۾ به ائين ئي ٿيو. هن ٻڌايو ته پنياري ڪئنال کي گهارو لڳو آهي سو به پاڻي جاتيءَ ۾ داخل ٿيندو.
• بلوچ اڳواڻ حاصل بزنجو ڪي ٽي اين تي هوسٽ منظور شيخ کي هڪ پروگرام ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته حب ۾ 60 هزار متاثرين آهن ۽ ڪيترائي خضدار ۾ آهن اوسته محمد، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ ۽ ٻين علائقن کان آيل آهن. هنن کان ٻوڏ سڀ ڪجهه کسي ڇڏيو آهي، ماحول، مٽ مائٽ، علائقا، اميري، غريبي، سک، سڪون، مال ملڪيت سڀ کسي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀلا متاثر ٿيندڙ کڻي سڀ امير نه هئا پر غريب ئي سهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي حال سان سڪون سان ته رهيا پيا هئا ۽ پنهنجن سان گڏ هيو، ڪو ماني ٽڪر ته ڏيندو هوندن ڪو ڏک درد ته ٻڌڻ وارو هوندن، پر هتي ته هو اڪيلو، لاچار ۽ مجبور آهي.
ڪي ٽي اين تي ٺٽي ويجهو چليا تي قائم ڪئمپ ۾ متاثرين اهي ئي داستان ٻڌائين پيا جيڪي سموري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود متاثرين ٻڌائين ٿا. يعني واهر نه ٿيڻ ۽ سار سنڀال نه لهڻ.
• ٻوڏ متاثر ٻار گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن. هزارين ٻار ڪئمپن ۾ ٿيليسيميا جا مريض آهن انهن بابت اڃان شايد ڪنهن سوچيو به نه آهي، انهن جو ڇا ٿيندو، اهي اٽينڊ به ٿيندا يا مري ويندا. هزارين ماڻهو هيپاٽائيٽس سي ۽ ٻين خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟ هزارين ماڻهو دل جي مرض ۾ مبتلا هوندا تن کي ڪئمپن ۾ ڪير دوائون ڏيندو. هزارين ماڻهو ڊائيلاسز تي هوندا تن کي ڪير اٽينڊ ڪندو. ڇا اهي سڀ موت جي منهن ۾ آهن. هئڻ ته ائين گهرجي جو سرڪار ڪراچي ۾ جناح اسپتال، حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل ڄامشورو ۽ سکر ۾ ڪنهن اسپتال ۾ ڪي خاص ايمرجنسي وارڊ فقط ٻوڏ متاثرين لاءِ مخصوص ڪري جتي انهن جو علاج ٿئي، ڏسون ته سرڪار ڇا ٿي ڪري؟
• ڪي ٽي اين رپورٽ ڪيو آهي ته محرابپور ۾ خان محمد چانڊيو ۽ سندس زال هير ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرين کي اجهو ۽ کاڌو فراهم ڪري هڪ روايت قائم ڪئي آهي. ڪاش سڄي سنڌ ۾ ائين ٿئي؟
اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي،
متان سمجهين ويا مور سارا مري.
• سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ اي اين پي ڇا پئي ڪري جيڪا پڻ سرڪار جو حصو آهي سنڌ ۾ آباد پٺاڻ وڏا مالدار آهن، ڪراچي م ته تمام سکيا ستابا آهن ، سنڌ هنن کي ورهين کان پناهه ڏيئي پالي رهي آهي. هت ڏکي گهڙي ۾ هنن ڪا سٺي موٽ نه ڏني آهي. انهيءَ جا سبب ڳولڻا پوندا.
• نظام شيخ جوهي برانچ تي موجود سوين هٿياربندن کان انٽرويو ڪري رهيو آهي، جيڪي چون پيا ته ڪجهه به ٿئي سڀ مري وڃون، پر پنهنجا گهر، ٻار ٻچا ٻوڙڻ ۽ لوڙهڻ نه ڏينداسين. ٻئي ڌريون ساڳي زبان پيون ڳالهائن. هاڻي ڪير سچ تي ۽ ڪير ڪوڙ تي؟
نظام پڇين ٿو ته هنن هٿيارن کڻڻ جي نوبت ڪيئن آئي؟ وراڻي ۾ چون ٿا ته سرڪار گم آهي، نمائنده گم آهن، ايريگيشن گم آهي پوءِ جنهن کي جيئن سمجه ۾ ايندو تيئن ڪندو.
ٻوڏ متاثرين هر هنڌ اهي دانهون پيا ڪن ته چونڊيل نمائنده واهر نه ٿا ڪن، موبائيل فونون بند ڪيو ويٺا آهن. خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ مان هزارين ماڻهو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن پر ڪير به سندن سار نه ٿو لهي نه ئي ڪار رسيڪيو پئي ٿئي نه ڪو راشن پيو ملي.
• دادو پريس ڪلب ۾ صحافي صابر ڀنڊ پيو چوي ته حيرانگي ٿئي پئي ته سنڌ جون مذهبي تنظيمون هن ڏکيءَ گهڙي ۾ گم ٿي ويون آهن، بوسنيا، ڪشمير، افغانستان، فلسطين، سوات ته کين ياد آهي پر پنهنجي گهر م ڪلور ٿيو آهي تنهن بابت هو بجاءِ ٻاهر نڪري ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي مسجدن مان واعظن ذريعي متاثرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن، ڇا اهي خدا وٽ جواب نه ڏيندا؟
• ڪي ٽي اين تي ايم پي اي مهرين ڀٽو چوي پئي ته هينئر لکين ماڻهن جو وجود سخت خطري ۾ آهي هو اڳتي هلي اهو سوال ڪندا ته اسين ڪير آهيون،؟ اسان جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟ ۽ هينئن پنهنجي ديس ۾ ڪئمپن ۾ ڪيترو عرصو گذارينداسون.؟
بلوچ اڳواڻ حاصل بزنجو چوي ٿو ته وفاق کي متاثرين بابت سنجيده ٿي سوچڻو پوندو ۽ انهن جي بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو.
• سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ اتحاد سبب متاثرين جي بحالي ۽ امداد ۾ وڏيون پيچيدگيون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ لڳي ٿو ته انهيءَ غير فطري اتحاد سبب متاثرين گهڻو ڀوڳيندا.
• ڪي ٽي اين تي ٽوڙي واسي ٻڌائين ٿا ته هت اسان وٽ بند ٻڌڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ فوجي ساٿ ڏين پيا. ۽ آبپاشي کاتي وارا ساٿ ته پري جي ڳالهه، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هتي ڳوٺاڻن جي هڪ ٻيڙي ٻڏي رهي هئي ته اهي بجاءِ مدد ڪرڻ جي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا.
• ناز سهتو مڪليءَ تي ڪئمپ ۾ موجود ٻوڏ متاثرين سان حال احوال ڪري رهيو آهي.
ناز: هت ته مئل ماڻهو رهندا آهن پوءِ اوهان هت ڇو رهيا آهيو؟
جواب: اسين به مئل آهيون.
ناز: هت ته مئل ستا پيا آهن اوهان انهن سان گڏ ڪيئن ستا پيا آهيو؟
جواب: اسين مئلن کان به وڌيڪ آهيون ۽ انهن کان به وڌيڪ بدتر زندگي گهاري رهيا آهيون.
• متاثرين جي حق ۾ قاضي عليءَ جو آواز گونجي رهيو آهي. هو چوي پيو ته هي ڌرتي ڌڻي آهن هنن کي ائين ننڌڻڪو نه ڇڏيو وڃي.
اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي،
متان سمجهين ويا مور سارا مري
مهراڻ ٽي وي تي ناصر مورائي ۽ هاشم لغاري چون ٿا ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پ پ پ وارن کي چوي ها ته اوهين ڇڏيو، پري ٿيو هنن جي مدد، خدمت ۽ سنڀال اسين ڪنداسين ڇو ته هنن ئي ماڻهن 1947ع ۾ ۽ ان کان پوءِ اسان جي دل کولي مدد ڪئي پنهنجا گهر اسان کي ڏنا، ملڪيتون ڏنيون، زمينون ڏنيون، شهر ڏنا، اجهو ۽ پناهه ڏني، اڄ هي تڪليف ۾ آهن ۽ ساڳي وانگر اسان جي اڪثريتي شهر ۾ آيا آهن لحظه اهو اسان تي فرض آهي ته اسين اهو قرض موٽايون پر افسوس جو انهن ائين نه ڪيو، الٽو ڪيئي رڪاوٽون وڌيون، مسئلا پيدا ڪيا جنهن سبب متاثرين ڪراچي ۾ رولڙي جو شڪار ٿيا ۽ تڪليفن ۾ اچي ويا آهن هاءِ ڙي زمانه، اڙي آسمان حيف ٿئي
سنڌين کي واقعي مهمانوازي جي ايڏي وڏي سزا ملي آهي جو هنن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. اڃان به ڪي سنڌي هوندا جيڪا پاڻ کي مهمانواز سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هوندا. آءٌ نه ٿو سمجهان. يا مان غلط هجان. اهو وقت ٻڌائيندو؟
ڪي 20 ڏينهن اڳ اشتياق انصاري ۽ بدر ابڙو کي مون ٽوڙيءَ مان ايندڙ پاڻيءَ جي آخري ڇوڙ منڇر ۽ دادو ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ امڪاني خطرن ۽ دنگل بابت آگاهه ڪيو هو ۽ پڻ ٻين ڪيترن دوستن ۽ ساٿين ۽ مهربانن پروفيسر اعجاز قريشي، نوراحمد ميمڻ، نوراحمد جهنجهي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،عثمان ميمڻ، نصير ميمڻ، ادريس راجپوت، الطاف ابڙو، ناصر پنهور، حاڪم علي شاهه بخاري، گل محمد عمراڻي، حفيظ ڪنڀر، منظور ميراڻي، ڊاڪٽر علي احمد رند، مصطفيٰ ميراڻي، همسفر گاڏهي، معشوق شابراڻي، ذوالفقار شيخ، نظام شيخ، گلڻ ڀنڊ، صابر ڀنڊ، نصير اعجاز، قربان خشڪ، وفا برهماڻي، ڊاڪٽر حميد سومرو، اڪبر لاشاري، معشوق برهماڻي، مرتضيٰ سيال، ناز سهتو ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻين ڪيترن شخصيتن ۽ سڄاڻ ڌرين کي فقط ان نيت سان ته جيئن هو بروقت پنهنجن لکڻين يا اثر رسوخ کي استعمال ڪندي اختيارين تائين دادوءَ کي امڪاني سخت خطرن بابت آگاهه ڪن ۽ بروقت ڪي فيصلا ڪري ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.
مون مختصر اهو ئي تجزيو ڪيو هو ته ٽوڙيءَ مان ايندڙ پاڻي دادوءَ ۾ هڪ وڏو دنگل ڪندو، نقصان ڪندو ۽ مبادا اهو پاڻي سيوهڻ کان لاڙڪاڻي جي حدن تائين علائقا ٻوڙيندو ڇو ته دادو جي جاگرافي حيثيت ٽوڙي پاڻيءَ لاءِ هڪ ڊيم مثل هوندي جنهن ۾ مسلسل هڪ طرف کان (اُتر کان) ڪيترن ئي ڏينهن تائين هڪ ٻيو متبادل درياهه وهندو رهندو /داخل ٿيندو رهندو جنهن سبب منڇر ڀربي، ڪاڇو ڀربو، ايم وي ڊرين تي دٻاءُ ٿيندو، ايف بي بند تي دٻاءُ ٿيندو، حمل تي پڻ وزن پوندو پوءِ منڇر، ايف پي، ايم اين وي يا حمل ڪنهن وقت ڪٿان ٽٽا ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
• اڄ جڏهن شام جو آر بي او ڊي ڪالوني ۾ اشتياق سان سندس ڪمري ۾ روز شام واري گپ شپ ۾ ويٺو هوس ته بدر صاحب جو فون آيو ته عزيز تنهنجو اندازو 100 سيڪڙو درست ثابت ٿئي پيو ۽ هاڻي دادوءَ لاءِ فقط دعا ئي ڪري سگهجي ٿي. بدر اشتياق سان به ڳالهايو تنهن پڻ بدر کي اهو ئي ٻڌايو ته عزيز جيڪو 17.8 تي ڪاوش لاءِ ٻه ڪالم لکي منهنجي حوالي ڪيا تن ۾ جيڪا صورتحال بيان ڪئي وئي آهي. حالات ان طرف پيا وڃن ۽ ساڳي صورتحال ٺهي پئي يا نظر اچي پئي. ٻن مضمونن مان هڪ مضمون ڪاوش ۾ ڇپيو .
مون اشتياق ۽ بدر صاحب کي ٻڌايو ته 1997 ۾ نئه گاج جي موتمار وهڪري سبب دادو ضلعي ۾ ان وقت ڪي 300 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون هيون، ايف پي بد هنڌان هنڌان ٽٽي پيو، يعني نئه گاج ايف پي بند کي ڳوٺ الهبچايو جمالي وٽان (گاج جي قديم وهڪري وارو هنڌ) ٽوڙيو هو ۽ وري ايف پي واري گهاري سڌو اچي هٽ ڪيو هو ايم اين وي ڊي کي ۽ پوءِ جڳ ڏٺو ته دادو شهر ٻاهران ڪي لمحن ۾ انڊس هاءِ وي تي پاڻي وهي رهيو هو ۽ انڊس هاءِ وي بند ٿي ويو. هوڏانهن منڇر کي نه صرف گهارا لڳا پر دانستر ريگيوليٽر به لڙهي ويو. ڪي 2 لک ماڻهو رات پيٽ ۾ ايف پي بند، ايم اين وي ڊي بند، منڇر بند ۽ ٻين هنڌن تي پناهه لاءِ اچي پهتا هئا. 4 لک ايڪڙن تي بيٺل تباهه ٿيا هئا هڪ وڏي تباهي هئي جيڪا فقط نئه گاج جي وهڪري سبب ٿي هي. جنهن ۾ مون هڪ انگريزي اخبار جي (خاطوءَ) نمائندي طور رپورٽ ڪيو هو ۽ ڪي 18 ڏينهن مسلسل ليڊ ورتي هئي. پاڻي ته ان وقت دادو شهر ٻاهران نور واهه تائين اچي پهتو هو ۽ شهر ۾ افراتفري مچي هئي سو هاڻي ته هي هڪ ٻيو درياهه پيو دادو ڏانهن ڌوڪيندو اچي. خدا خير ڪري
اشتياق جي ڊيوٽي جيئن ته دادو شهر کان ويجهو الهندي طرف الهندي ناري ايم اين وي ڊي جي ڪناري تي آهي جتي هو ايمانداريءَ سان رات ڏينهن اوجاڳا ڪري ڊيوٽي ڪري ٿو. بقول ان جي ته جي منهنجن اوجاڳن ۽ ڪوششن ڪري دادو شهر بچي ٿو ته اها منهنجي لاءِ زندگيءَ جي شاندار اچيومينٽ هوندي. آءٌ اشتياق ڏي گهوري ڏسان پيو ۽ کيس يقين سان اهو چوان ٿو ته تنهنجي ان جذبي جي ڪري ئي شايد دادو بچي پوي.
• دادو بس اسٽاپ تي ڪي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شهر خالي ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي وڃڻ لاءِ انبوهن جي صورت ۾ سامان سميت انتظار ۾ آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ گم آهي. ٽرانسپورٽرن ماڻهن جي اهڙي خوف ۽ پريشانيءَ کان ڀرپور فائدو وٺندي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ لاءِ روٽين جي سروس بند ڪري ڇڏي آهي ۽ جي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون ننڍيون ۽ وڏيون هلي به رهيون آهن ته سندن ڪرايا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. حيدرآباد لاءِ 120 رپين بجاءِ هڪ هزار کان 1100 سئو تائين ۽ ڪراچيءَ لاءِ 250 رپين بجاءِ 3000 هزار رپين تائين وصول ڪيو پيو وڃي پوءِ به ماڻهو وڃن پيا. ڇا ڪن سر ته بچائڻو آهي. ٻچن کي محفوظ هنڌن ڏي ته موڪلڻو آهي. نجي الڳ سواري جو ڪرايو ته جهڙوڪر عمري جي ڪرائي جيترو وصول ڪن پيا يعني حيدرآٻاد لاءِ وين 15000 کان 2000 هزار ۽ ڪراچيءَ لاءِ 50000 هزار تائين. هي پنهنجائي ڄاتل سڃاتل ٽرانسپورٽر ۽ مالڪ آهن جيڪي هينئر شهرين سان هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ هي ڪيس ۽ ڪلور ڪري رهيا آهن. ڇا ته ڏکائينداڙ منظر آهن بس اسٽاپ تي هڪ طرف دادوءَ جا شهري شهر مان وڃڻ لاءِ آتا ته ٻئي طرف خيرپور ۽ ميهڙ مان متاثر ٿي آيل ماڻهو پڻ دادو شهر پهچي ۽ اُتان حيدرآباد ڪراچي وڃڻ لاءِ بيچين. ڇا ته هن ٻوڏ ماڻهن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي.
• دادو پريس ڪلب ۾ به صحافي دوستن ۾ اڄ ڪجهه بيچيني وڌيڪ پئي محسوس ٿئي. هو پنهنجون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ صحافتي ذميواريون نڀائين يا پنهنجا ٻار ٻچا شهر مان ڪڍي ٻئي پاسي وڃن. کين ڪجه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
ميڊيا تي شهر مان چونڊيل ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي شهر واسين کي شهر جلد ڇڏڻ جي صلاح کان پوءِ جيڪا شهر ۾ ڀاڄ پئي آهي سا ڏسي دل روئي پئي. هڪ پاسي شهر مان جيترا ماڻهو نڪري رهيا آهن ٻئي پاسي اوترائي متاثرين ٻين پاسن کان شهر کي ڀري رهيا آهن. ريلوي اسٽيشن، روڊ، فٽ پاٿ، پئٽرول پمپ ويجهو پيل زمين، شهر جي اردگرد زمين جي ڪجهه ٽڪرن تي اسڪولن ۾ سرڪاري عمارتن ۾ متاثرن ئي هر طرف نظر اچي رهيا آهن. اوچتو تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. شهري پنهنجن گاڏين ۾ تيل ۽ گئس وجهرائڻ لاءِ پئٽرول پمپن تي اچي قطارون ڪري بيٺا آهن کين اهو ڊپ آهي ته اهڙي ڀاڄ کان پوءِ شايد کين ايمرجنسي ۾ تيل يا گئس به کين نه ملي.
• شام جو جڏهن آر بي او ڊي ڪالوني ۾ اشتياق سان ملڻ ويس ته ان شهرين جي اهڙي ڀاڄ ۽ ايم اين وي ڊي بندن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مون کي دوستانه صلاح ڏني ته مان به پنهنجي فيملي وٺي سندس حيدرآباد واري گهر ۾ وڃان. هن چيو ته هاڻي هت رهڻ هڪ وڏو رسڪ هوندو. ٿي سگهي ٿو ته پوءِ شهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪو رستو به نه بچي. ڇو ته دادو مورو روڊ به بند آهي. مون سندس آڏو وري به اها ڳالهه رکي ته گهر وارا ايڏو سولائي سان پنهنجو گهر ڇڏڻ نه ٿا چاهين ۽ ٻيو ته اسان پورو هڪ مهيني جو راشن وٺي رکيو آهي، جيڪڏهن شهر طرف ڪو گهارو لڳو يا پاڻي پهچڻ جي ڪندو ته اسان کي ڪي ڪلاڪ يا ڏينهن ملي ويندو ۽ اسين هتان نڪري وينداسين باقي گهاري لڳڻ ۽ شهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان پهرين نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي ۽ بابا به چوي ٿو ته اوهان ڀلي سڀ هليا وڃو آءٌ گهر اڪيلو ۽ خالي نه ڇڏيندس ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اسان کيس ڪئين اڪيلو ڇڏي وڃون. اشتياق جي صلاح ته عقل واري آهي پر اسان سخت مونجهاري جو شڪار آهيون. واقعي سڀني جو ننڊون حرام آهن ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ شهر ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ٿو وڃي. اڌ کان وڌيڪ شهر ته خالي ٿي ويو آهي. شهر جي مين چونڪ تي شام جي وقت ۾ ٿيندڙ رونق ختم ٿي وئي آهي. ورلي ڪو واقف شهر ۾ نظر اچي ٿو نه ته اڪثر ويچارا ٻوڏ متاثرين ئي شهر ۾ نظر پيا اچن. گلڻ ڀنڊ، صابر ڀنڊ، نظام شيخ، ولي محمد لنڊ، فريد شيخ ۽ ٻين صحافين چيو ته هنن پنهنجون فيملون شهر مان ڪڍي ٻاهر موڪلي ڇڏيون آهن ۽ شهر تيزيءَ سان خالي ٿي رهيو آهي. انجنيئر صدام رانجهاڻي به آيو ته هاڻي ٻڌايو ته اسين ڇا ڪيون ڪيڏانهن وڃون. مون کين ٻڌايو ته في الحال اهو ئي ڪيو جيڪي اسين پيا ڪيون يعني انتظار. بهتر جي اميد ۽ بدتر لاءِ تيار. مهتاب عزيز شهر مان جائزو وٺي ٻڌايو ته شهر ۾ مسلسل ايم اين وي ڊي کي گهارن لڳڻ جي افواهن کان پوءِ تيزيءَ سان ڀاڄ پئي آهي، سو بهتر ٿيندو ته اسين به شهر کي ڇڏي حيدرآباد هلون. سنڌو ٽيوش سينٽر تان واپس اچي ٻڌايو ته سندس سمورن سهيلين جون فئمليون شهر مان نڪري ويون آهن ۽ هاڻ پاڻ کي به حيدرآباد يا ڇني هلڻ گهرجي.
ڪي ٽي اين تان خبر هلي ته لاڙڪاڻي مان ڪا خاص ريل رواني ٿي راڌڻ پهچي ٻوڏ متاثرين کي ايمرجنسي ۾ کڻي لاڙڪاڻي پهچايو. هي سٺو عمل آهي شايد ميهڙ ۽ خيرپور وارن کي به فائدو رسي.
• وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ميڊيا کي ٻڌائي رهيو آهي ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي ٿي آهي سا ڪره ارض تي سڀ کان وڏي تباهي آهي. يو اين به هن تباهيءَ کي دنيا جي وڏي تباهي قرار ڏنو آهي.
• ڪي ٽي اين تي جوهي مان حاڪم لغاري ٻڌائي پيو ته جوهي جي مختيارڪار عبدالفتاح پنهور پاران شهرين کي شهر خالي ڪرڻ جي آخري وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ٻوڏ جو پاڻي شهر ٻاهران رنگ بند سان اچي ٽڪرايو آهي ۽ شهر ۾ ڀاڄ پئي آهي. جوهي شهر ۾ قائم ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين، خوف ۾ ورتل ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون واهر لاءِ اپيل. هن ٻڌايو ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ واهي پانڌي، ڇني، حاجي خان ۽ ٻين رستن ذريعي ڪاڇي طرف پناهه لاءِ وڃي رهيا آهن جتي نه ڪئمپون موجود آهن نه علاج جون سهولتون ۽ نه راشن ته پوءِ ڪاڇي طرف ويندڙ هزارين ماڻهن جي زندگين جو ڇا ٿيندو؟ فوٽيج ۾ ماڻهن کي ڏيکاريو پيو وڃي ته اهي پنهنجن گهرن جون ڇتيون پٽي ۽ ٽيئر گارڊر ڪڍي وڃي رهيا آهن ڄڻ ڪي انهن کي هاڻي ٻيهر هتي موٽڻو ئي ناهي.
• ڪي ٽي اين تي منجهند 3 وڳي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي حوالي سان خبر هلي ته دادو جا شهري محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃن.
پير مظهر اسڪرين تي ٻڌائي پيو ته دادو شهرين لاءِ بهتر آهي ته اهي پنهنجون فيمليون ڪڍي وڃن.
• صبح جڏهن گهران پريس ڪلب وڃي رهيو هوس ته واٽ تي هڪ دوست چنه ٻڌايو ته پير صاحب رات فون ڪري چيو ته پنهنجا ٻار ڪڍي وڃي باقي پاڻ ڀلي شهر ۾ گهر جي سنڀال لاءِ هجي. پريس ڪلب پهتس ته صحافين ۾ به پير مظهر جي حوالي سان اها ساڳي ڳالهه ٻڌائي ته پنهنجون فيمليون شهر مان ڪڍي وڃو.
دادو شهر جي مين چوڪ تي سخت رش ۽ پيهه آهي. افراتفري جو ماحول آهي. هڪڙا دادو ڇڏين پيا ۽ ٻيا دادو اچن پيا. عجيب پريشاني ۽ ڏک وارا منظر ڏسڻ وٽان ملي رهياآهن، ماڻهو پنهنجن فيملين ۽ سامان کي گاڏين ۾ سٿي شهر خالي ڪري رهيا آهن. سڀني جا هوش حواس ختم. کين ڪا سنڌ نه آهي ته ڪير ڪيڏانهن پيو وڃي.
ناميارو صحافي علي قاضي ڪي ٽي اين تي پنهنجي مشهور پروگرام اوپينيئن وٿ علي قاضي ۾ چوي ٿو ته ”انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سيتا، ڦلجي، جوهي ٻڏي رهيا آهن ۽ هاڻي دادوءَ جو تاريخي شهر به ٻڏڻ جي خطري هيٺ آهي. هن چيو ته هن مها ٻوڏ ۾ سنڌ اندر انتها درجي جي مس مئنيجمينٽ ڏٺي وئي.
• ٻوڏ سٽيلن علائقن ۾ هوا ۾ اڏامندڙ هيليڪاپٽرن کي زمين تي موجود خلق خدا ڪنهن چڱي نظر سان نه پئي ڏسي هو سمجهن ٿا ته چونڊيل نمائنده، انتظامي عملدار يا ٻيا جيڪي انهن ۾ سوار آهن سي خلق خدا جي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪري سگهيا ٺلهو رڳو دورن ۾ پورا آهن ۽ خوامخواهه وڏو عوامي پئسو ضايع ڪري رهيا آهن. ماڻهن جو واقعي انهن تان اعتماد کڄي ويو آهي جو مصيبت وقت ۽ ان کان پوءِ هاڻي امداد ۽ بحالي واري مرحلي ۾ کين ڪو به سار لهڻ وارو نظر نه پيو اچي. سو هو هاڻي اهڙن دورن کي وقت ۽ پئسي جو زيان سمجهي رهيا آهن. ماڻهو چون ٿا ته 1976ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اهي هيليڪاپٽر سندن لاءِ آٿت ثابت ٿيندا هئا جن ۾ بروقت سندن واهر ٿيندي هئي، ريسڪيو ٿيندي هئي ۽ امداد ملندي هئي پر هن ڀيري صورتحال مختلف آهي. ماڻهو اهو به چون ٿا ته جي شهيد بينظير زنده هجي ها ته شايد ڪا واهر ٿئي ها پر هاڻ ان جي پارٽي نه ڄاڻ ڇو ۽ ڪهڙين مصلحتن ۽ معاهدن ۾ ڦاسي پنهنجن ووٽرن جي سار نه ٿي لهي.
• گڏيل قومن ۽ دنيا جي ٻين ادارن چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪو نقصان ٿيو يا جيڪو ڊزاسٽر ٿيو آهي سو تاريخ جو سڀ کان وڏو الميو آهي جنهن ۾ ڪي ڪروڙ ماڻهو پنهنجن علائقن مان ڌڪجي دربدر ٿيا لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال ۽ جايون جڳهيون ڊهي پٽ پئجي ويون. اناج جا ذخيره تباهه ٿي ويا ۽ مختلف قسم جون ملڪيتون جن ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل، دڪان، ڪارخانا، روڊ، رستا، پليون، اسڪول ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پاڻي لوڙهي ويو يا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ لکين ماڻهو پنهنجن عزيزن، مٽن مائٽن کان جدا ٿي ٽڙي پکڙي ويا ۽ تقريبن هن ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جو ساڄو پاسو پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺو ۽ سواءِ جبلن ۽ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ شهرن جي ڪا اهڙي زمين نه بچي جتي ٻوڏ متاثرين پناهه وٺن. هن هيڏي وڏي سانحي ۾ سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار يا اڃا به ڪي عالمي اداره ۽ ملڪ جيڪا به مدد ڪن سو وقت ٻڌائيندو پر سنڌ تي آيل هن ڏکي گهڙيءَ ۽ مصيبت ۾ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ۽ سنڌ م موجود ڪي اهڙين سخصيتن جو به فرض آهي جيڪي پنهنجي فيلڊ ۾ هڪ سٺي ريپوٽيشن رکن ٿا يا دنيا جي واءُ سواءُ، اوڀارين ۽ لهوارين، سياسي سماجي، اقتصادي تبديلين تي نظر رکن ٿا ۽ دنيا گهمن ٿا تن جو به فرض آهي ته هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ديس ۽ وطن جي انهن ماروئڙن لاءِ ڪجهه ڪن جيڪي هينئر سڀ ڪجهه پنهنجو لٽائي ڦرائي بي يارو مددگار پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر ڪئمپن جي زندگي گهاري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ پير صاحب پاڳارو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، عبدالستار ايڌي، پرنس ڪريم آغا خان، علي قاضي، شيري رحمان، حسن مجتبيٰ، عادل راشدي، سني پنهور، اقبال ترين، منور لغاري، جاويد سومرو، ميتلو فيملي، مسعود انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، قاضي اسد عابد، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادرمگسي،بشير خان قريشي، اياز لطيف پليجو، نصير ميمڻ، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، پروفيسر اعجاز قريشي،يوسف ميمڻ، سوڀو گيانچنداڻي، سسئي پليجو، حميره علواڻي، ناصر پنهور، ناصر مورائي، ڊاڪٽر ڪريم راڄپر، حسين هارون، سومره فيملي، کهڙو فئملي، آفندي فيملي، ماروي ميمڻ، نثار ميمڻ، مصطفيٰ قريشي، عابده پروين، عتيقه اوڍو، سڪينه سمون ، حميره رحمان، امر جليل، ظفر جوڻيجو، عرفانه ملاح، مظهر الحق صديقي، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، فاطمه ڀٽو، غنويٰ ڀٽو، ممتاز ڀٽو، جتوئي فيمليز، هالا جا مخدوم، ڀٽ شاهه، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز، صوفي عنايت جا گادي نشين، ٽنڊي محمد خان جا سرهندي، ارباب رحيم، گل محمد مستوئي، ناز سهتو، گل محمد جکراڻي سميت سنڌ ۽ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ڄاوا، سنڌو دوست انسان دوست شخصيتون ۽ خاندان جيڪي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندڙ هجن تن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ متاثرين جي بحاليءَ تائين پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ ڄاوا هندو به تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته اسين انهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪيون. مثلن سنڌ م يا سنڌ کان ٻاهر فنڊريزنگ لاءِ مهم هلائڻ يا ميڊيا ۽ ٻين وسيلن ذريعي سنڌ جي حقيقي متاثر ٿيندڙن جو ڪيس پيش ڪري کانئن مدد يا امداد حاصل ڪجي.
• ڪي ٽي اين ويجهي ايندڙ عيد جي حوالي سان ڪئمپن ۾ وڃي حال احوال وٺي رهي آهي. سڀ روئن پيا ٻار ٻچا، مرد، عورتون ڇاجي عيد؟ ڪنهنجي عيد؟، سڏڪا، رڙيون، دانهون، ڪوڪون، آهون ڳوڙها پٽڪا، يا الله هي ڇا هيڏو ڪِيس؟
ڪنهن سان عيد ڪن؟، ڪٿي ڪن؟ هتي ته گهر گهر مان ڪنهن جو ڪو نه ڪو ڀاتي وڇڙي ويو آيا موت جي منهن ۾ هليو ويو آ. عيد جي لفظ ٻڌڻ سان ئي هو پنهنجا لڙڪ ۽ سڏڪا نه ٿا روڪي سگهن. هينئر به ڪي ڌريون سنڌ ۾ هن هيڏي وڏي سانحي کي لڪائڻ يا ان جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيون آهن ۽ شروع کان پنهنجي ڪرت کي لڳيون پيون آهن. ڇا هن سانحي جي شدت کي لڪائڻ، حقيقي جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر يا تفصيل لڪائڻ يا انهن ۾ هيراڦيري ڪرڻ هڪ سفاڪي، بيحيائي، انسان دشمني، ڪميڻائپ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.؟ مثلن ڪي ڌريون بار بار اهو ورجائين ٿيون ته سنڌ ۾ جاني نقصان گهٽ ٿيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نقصان گهٽ ٿيو. شڪر آهي جو سنڌ ۾ فقط چند جانيون ضايع ٿيون. ڇا هي متاثرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر نه آهي.
• رات جو هڪ وڳي اشتياق بند تان پنهنجي ڪئمپ ويجهو ايم اين وي ڊي ۾ روڻ پوڻ جو اطلاع ڏنو. اهڙيون روڻيون دادو لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن ۽ بند جي مذڪوره پوزيشن مان ئي دادوءَ کي وڌيڪ خطرو آهي.
• بدر ابڙو ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته ميهڙ ويجهو سندس اباڻو ڳوٺ 12 فٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي. بعد ۾ هن فون ڪري ٻڌايو ته کيس سخت صدمو رسيو آهي ان ڪري ته ان ڳوٺ سان سندس جون ڪيئي ننڍپڻ جون يادون وابسته آهن. هو سوال ڪري ٿو ته ڇا عزيز دادو به ائين 12 فٽ پاڻيءَ هيٺ هوندو ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ۾ چوي ٿو ته نه خدا نه ڪندو ۽ اهو منظر هڪ صدمي کان گهٽ نه هوندو. هو اميد ڪري ٿو ته دادوءَ کي اعليٰ اختياريون جي بچائڻ چاهين ته اهو ممڪن آهي.
• دادو پريس ڪلب ۾ صحافي دوستن ٻڌايو ته تازو اطلاع اهو آهي ته ڊسٽرڪٽ جيل دادو مان قيدين کي حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽گڏوگڏ نادرا آفيس دادو به پنهنجو سمورو رڪارڊ ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو آهي ۽ پڻ ضلعي جي روينيو رڪارڊ سميت ٻيو اهم رڪارڊ پڻ ٻوڏ جي خطري ۽ شهر جي ٻڏڻ جي خطري سبب محفوظ هنڌ تي منتقل پيو ٿئي. اهڙي خبر صحافين سميت شهرين کي ان وقت سخت مونجهاري ۽ ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن نظام شيخ دادو مان ڪي ٽي اين تي اهڙي خبر بريڪ ڪئي جنهن سبب وڏي تعداد ۾ شهرين جي لڏ پلاڻ محسوس ڪئي وئي.
دادو پريس ڪلب به هن ٻوڏ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي جو سموري ضلعي جو سمورو احوال سرڪاري توڙي غير سرڪاري هت ميڊيا کي مليو وڃي ۽ انهن ذريعي سموري دنيا کي. هر روز وڏا وڏا تبصرا ۽ بحث پيا هلن. صحافين جو به پنهنجو هڪ الڳ جهان ۽ دنيا آهي احساس آهن وابستگيون آهن. هڪڙا پ پ پ جا حمايتي ته ٻيا وري لياقت جتوئي جا هڪڙا پير مظهر جا جذباتي حد تائين حامي ته ٻيا وري رفيق جمالي ۽ ٻين جا. دادو ميڊيا جا ڪجهه دوست ته هن ٻوڏ ۾ مسلسل ڏينهن رات ڪري اوجاڳا ڪاٽي رپورٽنگ ڪري رهيا آهن ۽ ٻيڙين ذريعي ڏکين هنڌن تي وڃي پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي رهيا آهن. منهنجو به گهڻو وقت ساڻن پريس ڪلب ۾ گذري ٿو، جتي نظام شيخ ، گلڻ ڀنڊ، قربان خشڪ، صابر ڀنڊ، فتاح شيخ، ولي محمد لنڊ، ولي محمد چانڊيو، نصير ڀنڊ، نويد قريشي، طارق لغاري، سعيد سنڌي، هوت ڏاهري ۽ ٻين صحافين سان دنيا جهان جا حال احوال ڪندي گذري ٿو. پريس ڪلب ۾ اچڻ جو وڏو فائدو اهو ٿئي جو ماڻهو هر خبر کان باخبر ٿيو وڃي. بحرحال صحافي به هن معاشري جو حصو آهن پر هي پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي ٻين جي ڏکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون دنيا وارن آڏو پيش ڪن ٿا.
• سکر مان ڪي ٽي اين تي ممتاز بخاري ٻڌائي ٿو ته ساڌ ٻيلو ٻوڏ سبب سخت متاٿر ٿيو آهي ۽ اڃان تائين ڪنهن به واسطيدار نقصان جي ازالي يا مندر جي مرمت لاءِ ڪي ڪوششون نه ڪيون آهن. تاريخي ساڌ ٻيلي ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪاهجي پيو ۽ تاريخي باغ به سخت متاثر ٿيو آهي پر شڪر آهي جو قديم ڪتابن واري لئبريري بچي وئي آهي.
• مڪلي مان ناز سهتو ٻڌائي رهيو آهي ته هزارين جيئرا ماڻهو مردن سان گڏ پاسي ۾ ائين ستا پيا آهن جيئن هو به زندهه لاش هجن. کين ڪجهه به نه آهي نه کائڻ لاءِ نه پهرڻ لاءِ بس ڏک، سور ۽ اهنج ئي سندن جا ساٿي آهن. هن تاريخي ۽ عالمي ورثي کي هزارين ماڻهن سبب سخت نقصان جو انديشو آهي تنهن لاءِ واسطيدار ادارا فورن هن ورثي کي بچائڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪن.
• ڪي اين شاهه مان اصغر شاهه رپورٽر ڪي ٽي اين ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ ماڻهو جهڙوڪر موڳا ٿي پيا آهن کين ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. شهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويو آهي ڪو نيڪال نه آهي هر طرف ويراني آهي.
• ڀان سعيد آباد مان ڪاوش عيوضي پرديپ ڪمار ٻڌائي ٿو ته ڀان ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن ڳوٺن ۽ ڪئمپن ۾ 10 کان وڌيڪ ٻار، مرد ۽ عورتون گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا آهن. انڊس هاءِ وي بند آهي، منڇر مان ڇوڙ گهٽ آهي. جيڪو وڌايو وڃي.
• آبپاشي وزير سيد مراد علي شاهه چوي ٿو ته منڇر ۾ چار ايم اي ايف پاڻي جمع ٿيو ۽ هن ڍنڍ دنيا جي وڏي ڍنڍ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
• نوشهروفيروز مان قاضي ذوالفقار ٻڌائي ٿو ته سوين ٻوڏ متاثرين وطن ڪارڊ نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي. ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي.
• ڪي ٽي اين تي فيض کوسو ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب انڙپور شهر تباهه ٿي ويو آهي. هڪ پوڙهي ٻڌائي پئي ته سندس پٽ ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي ويو.
• ڪئمپن ۾ موجود متاثرين ڪي ٽي اين کي ٻڌائي رهيا آهن ته سرڪار زوري پئي ڪڍي پر اسين نه نڪرنداسين، گهر ٻڏل آهن ڳوٺ ۽ ٻنيون ٻڏل آهن سرڪار ڪئمپن ۾ پاڻ گهرايو هاڻ ڪيئن ٿي چوي ته نڪري وڃو. جي زوري ڪڍيائون ته روڊ تي ٻچا وٺي پاڻ کي گاڏيءَ هيٺان ڏينداسين. ٺل مان بنگلاڻي ٻڌائي ٿو ته ٺل تعلقي جي هڪ ڳوٺ جا 44 ماڻهو لاپته آهن يا ته لڙهي ويا يا مري يا وري گم ٿي ويا آهن .سندن وارثن کي ڪو اتو پتو نه آهي.
• مختلف شهرن ۾ حجامن سوين ٻوڏ متاثرين جي مفت ۾ سنوارت ڪري سندن سان يڪجهتي ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. واقعي متاثرين وٽ ايتري به سگهه نه آهي. جو هو پنهنجي سنوارت ڪن يا کين ايترو به وقت نه مليو آهي جو سنوارت جو سوچين. مسلسل اهنجن، سورن، ڏکن ۽ عذابن ۾ آهن. ڪٿي آهن اهي بليڊ ڪمپنين وارا جن انهيءَ ئي خلق خدا کان ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن.
• سنڌ ۾ هن ڀيري مها ٻوڏ سبب جيڪا تباهي بربادي ۽ لڏ پلاڻ ٿي آهي سا تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪٿي ايڏي تباهي نه ٿي. بدقسمتي سان تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي سنڌ جي مقدر ۾ لکيل هئي ۽ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ سنڌين جي پلئه پوڻي هئي. هي جيڪي رات پيٽ ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شهرن، ڳوٺن ۽ ميدانن ۾موتمار پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا تن کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪچي ۽ پڪي تي سڄي سنڌ مان مهاڻا، ملاح، ميربحر ميدان تي اچي ويا. دنيا جي سڀ کان وڏي ريسيڪو آپريشن ۾ پاڻمرادو بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجا ٻار ٻچا گهر تڙ ڇڏي پنهنجا ونجهه سنڀالي ٻيڙيون ڪاهي هن مها ٻوڏ ۾ پاڻي جي موتمار وهڪرن ۾ ڪاهي پيا. دنيا جي هن سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن ۾ سنڌ جي درياهي، منڇري ۽ ٻين پاڻين جي مهاڻن مڙسي ڪري ڪي لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. اهو واقع عجيب اتفاق آهي ته سنڌ جي مهاڻن جن ڪيترن ئي سالن کان درياهه ۽ ڍنڍن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب پنهنجي گذر جو اهم وسيلو ٻيڙيون بيهاري ڇڏيون هيون ۽ هاڻي تازي مها ٻوڏ سبب اوچتو بجلي جي رفتار سان هنن جيڪو هي ڪارنامو ڪري لکين ماڻهن کي نه صرف بچايو پر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻيڙين وسيلي ماڻهن جي آمد رفت جاري رکيو پيا اچن ۽ پڻ سامان جي رسد ۽ پهچ کي يقيني بنايو آهي سو واقعي هڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن لاءِ کين عالمي سطح تي مڃتا ملڻ ضروري آهي. اسان ڪاڇيلن کي ته منڇري مهاڻن جي اهڙي تڪڙي ريسڪيو آپريشن جي ته شروع کان سُڌ آهي جو جڏهن نئه گاج ۽ کير ٿر جابلو سلسلي ۾ برساتن سبب جڏهن ڇڙواڳ نيون لهنديون آهن ته رات پيٽ ۾ فريد آباد حمل ڍنڍ کان وٺي ڇني، لڪي، جهانگارا، سيوهڻ تائين منڇر کي هڪ ڪريو ڇڏين ۽ اهڙي صورت ۾ هميشه هزارن جي تعداد ۾ ڪاڇيلا رات جي اونداهيءَ ۾ پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويندا آهن پوءِ ٿينديون آهن رڙيون، واڪا، دانهون، ڪوڪون بچايو بچايو پاڻي ڙي پاڻي. بچايو بچايو. پوءِ اهڙي وقت ته نه سرڪار هوندي آهي نه ڪو اڳواٽ ڪو ريسڪيو پلان، پوءِ اهي ئي منڇر جا مهاڻا ۽ انهن جون سوين ٻيڙيون هونديون آهن جيڪي کيرٿر ۽ ڪاڇي ۾ برساتن پوڻ سان ئي ڪاڇي ۾ اڳواٽ خطري کي محسوس ڪندي ٻيڙيون ڪاهي ماڻهن کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ جيئن ئي وشال منڇر ۾ ڪو، کامون، ڪو ڍورو ڇوڙ ڪري ۽ ٻيڙين لاءِ ڪو گس ٺهي ته منڇري مهاڻا اهو گس وٺي ونجهه سنڀالي ٻيڙيون هاڪاري ڪاڇي جي ميدانن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڦاٿل انسانن انهن جي مال متاع ۽ سامان کي ڏينهن هجي يا رات ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائيندا آهن ۽ اهو سلسلو منڇر ۽ ڪاڇي ۾ صدين کان ائين جاري وساري آهي. هن ڀيري ته سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ سبب سمورو ڪچو ته پاڻي هيٺ اچي ويو. جتان ملاحن ماڻهن کي بروقت ڪڍي پڪي تي پهچايو پر اوچتو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ وٽان گهاري پوڻ سبب جيڪو موتمار پاڻي هلان ڪندو، ڌوڪيندو، ماڻهن کي ٻوڙيندو، شهرن ۽ ڳوٺن کي مسمار ڪندو اڃا تائين وهندو پيو اچي ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي جو سيوهڻ تعلقو ٻڏي رهيو آهي ۽ منڇر ۾ سطح انتها دردرجي تائين پهچڻ بعد ان کي گهارا پئجي ويا آهن.
انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي هن بوٽ ريسڪيو آپريشن جيڪو بغير ڪنهن سرڪاري، خانگي ملڪي توڙي عالمي سهڪار کان سواءِ اوچتو ۽ پاڻ مرادو ڪيو ويو تنهن ۾ هڪ اندازي موجب 3000 هزار کان مٿي ٻيڙين، 9000 کان مٿي ملاحن حصو ورتو ۽ ڪي 10 لک کان وڌيڪ انساني جانيون بچايون ۽ اربين روپين جو چوپايو مال ۽ متاثرين جو ٻيو سامان محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ هينئر تائين سنڌوءَ جي سموري ساڄي ڪپ تي روڊ نيٽ ورڪ تباهه ٿيڻ سبب ۽ شهر ۽ رستا پاڻيءَ هيٺ هئڻ سبب هي مهاڻا سموري نظام کي هلائي رهيا آهن جيڪو هڪ عالمي ڪارناموئي ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ٻيڙين جي ذريعي ايڏي وڏي آمدرفت کي نظر ۾ رکندي ۽ ڦيٿي کي مفلوج ڏسندي ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن واتان اهي جملا ٻڌايا ويا ته ”هاڻي روڊ رستا ته ويا ٻڏي ۽ ڊهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي ڦيٿو ته هلي نه ٿو سگهي سو ڇو نه روزگار واسطي گاڏيون وڪڻي ڪي ٻيڙيون وٺجن“
• سنڌ جا ماڻهو سوچين ٿا ته جي گڊو ۽ سکر بئراج وٽان سنڌوءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڪي ٻه وڏا فلڊ ڪئنال يا ڇنڊڻيون هجن ها ته هن مها ٻوڏ ۾ به سواءِ ڪچي کان باقي سموري سنڌ سڪون سان هجي ها ۽ نه ئي بئراجن کي خطرو هجي ها ۽ نه ئي ايڏي وڏي پئماني تي هي خلق خدا آزار ۾ اچي وڃي ها ۽ نه اڌ سنڌ تباهه ٿئي ها.
اهي وهڪرا ڀلي سنڌوءَ جي قديم وهڪرن الهندي ناري ۽ اڀرندي ناري يا علي واهڻ کي منصوبابندي ڪري جوڙيا وڃن ها ته جيئن مها ٻوڏ اچڻ جي نتيجي ۾ سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن کان انهن قديم وهڪرن ذريعي پاڻي کاٻي پاسي کان سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ها ۽ ساڄي پاسي ۾ اهو منڇر ۾ اچي وري ٻيهر سيوهڻ وٽان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري سنڌي سمونڊ ۾ هليو وڃي ها. اها منصوبابند ڪير ڪري ها؟ ڪنهن کي ڪرڻي هئي؟ آيا پاڪستان کان پهرئين اهو ٿيڻ گهربو هو يعني انگريز دور ۾ يا ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ان منصوبابنديءَ کي مڪمل ڪجي ها؟ اهو اڃان تائين ڇو نه ٿي سگهيو؟ اهڙن سوالن جا جواب ته وقت ئي ٻڌائيندو؟
اوهان ٿو رو سوچيو ته سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن اهي وڏيون ڇنڊڻيون ”يا هي قديم وهڪرا يا فلڊ ڪئنال ڪچا يا پڪا موجود هجن ها ته ڇا ايڏي وڏي تباهي سنڌ ڏسي ها؟ جواب آهي نه. بلڪه سنڌ ته اهڙن ڪئنالن کان سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ هٽڻ کان پوءِ ڊيمن جو ڪم به وٺي سگهي ها. ها اهي ٻه سنڌو جي سيني تي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ملڪ جا وڏا ڊيم پڻ هجن ها. اڃا به وقت نه ويو آهي جو مستقبل ۾ سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏن کي نظر ۾ رکي اهڙي منصوبابندي فورن ڪرڻ کپي. ان کان اڳ جو سنڌوءَ جو کاٻو پاسو به ڪڏهن اسان جي سستي، نااهلي، غفلت ۽ غلط منصوبابندي سبب ساڄي ڪناري وارو منظر پيش ڪري يا مورڳو سکر بئراج کي ئي لوڙهي وڃي. هي وقت آهي ته ائين ڪجي سنڌ لاءِ ملڪ لاءِ ۽ پڻ دنيا لاءِ به اهو بهتر، ڪارگر ۽ مفيد ثابت ٿيندو ڇو ته سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي. دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي وسيلا هڪ علائقي جا نه پر دنيا جي مشترڪه ۽ گڏيل ملڪيت آهن. اوپن مارڪيٽ سبب به اهو ايڏو ڏکيو يا مهانگو به نه آهي. جڏهن اسين سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ايل بي او ڊي ۽ ساڄي پاسي آر بي او ڊي جهڙا منصوبا اربين رپيا خرچ ڪري مڪمل ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ڪروڙين جانيون ۽ کربين رپين جو ملڪيتون ۽ مال بچائڻ لاءِ ڄاڻايل ڪئنال ڇو نه ٿا ٺاهي سگهون؟ ڏسون ته ان سلسلي ۾ ڪير ٿو اڳڀرائي ڪري.
• جوهي مان امر لاشاري ايس ايم ايس ڪري ايف پي بند کي جوهي ويجهو ڳوٺ الهبچايو جمالي وٽان گهاري جو اطلاع ڏنو، هي اطلاع هن رات جو 2 وڳي ڏنو. هي گهارو جوهي لاءِ بنهه خطرناڪ آهي ۽ ايف پي بند کي هي پهريون لڳل گهارو آهي. منڇر زيرو پوائنٽ کان وٺي حمل ريگيوليٽر تائين. ڇا هاڻي حمل کان ڪاڇي رستي منڇر ويندڙ پاڻي به جوهي ۾ ڪاهي ايندو؟ يا الله خير. هي گهاري جو اهو ئي هنڌ آهي جتي 1995ع ۾ نئه گاج جي موتمار وهڪري ۾ گهارو لڳو هيو جنهن سبب مذڪوره سڄو ڳوٺ تباهه ٿي يا لڙهي ويو هو ان وقت 1995ع ۾ بروقت مان ۽ نظام شيخ دادو مان گهاري واري هنڌ پهچي رپورٽنگ ڪئي. دردناڪ منظر هيا. سمورو ڳوٺ لڙهي ويو هو.
• صوبائي وزير پيرمظهرالحق ٽي وي تي ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته نادر مگسي چوي ٿو ته پاڻي تمام گهڻو آهي. پير صاحب جي ان جملي تي ميڊيا تبصرو ڪندي چيو ته ڇا پاڻيءَ جي خبر فقط نادر مگسي کي آهي، پير صاحب خود دادو ۽ سنڌ جو رهواسي نه آهي؟ ڇا کيس نادر مگسي کان وڌيڪ پنهنجون صوبائي اختياريون کيس اهڙو اطلاع نه ٿيون ڏين يا سندن وفاق ۽ ان جا مواصلاتي اداره کين پاڻيءَ بابت سنڌ کي صحيح معلومات فراهم نه ٿا ڪن جو سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير کي پاڻي جي مقدار بابت هڪ ٻئي صوبائي وزير نادر مگسي کي ڪوٽ ڪرڻو پيو آهي. ڇا سرڪاري مشينري ناڪام پئي وڃي يا هن هيڏي وڏي ڊزاسٽر ۾ سڀ منجهي پيا آهن. بحرالحال ڇا به هجي.
سنڌ ٽي وي تي منظور سولنگي ٻڌائي پيو ته ٻوڏ متاثرين جو نقصان ٻڌايل انگ اکرن کان گهڻو وڌيڪ ٿيو آهي ۽ کوڙ شيون ۽ اسم ته رپورٽ به نه ٿيا آهن. هو چوي ٿو ته سَوَن جي تعداد ۾ فش فارم لڙهي ويا انهن جو معاوضو ڪير ڏيندو؟ رکيل اناج لڙهي ويو، ڳهه، ڏاج، مال متاع، نقد، سڀ لڙهي ويا انهن جو معاوضو ڪير ڇا لڳائيندو؟ هو ڳڻتي ظاهر ڪري ٿو ته متاثرين ڪٿي سڄي زندگي متاثرين ئي نه رهجي وڃن.
• دادو شهر واسين کي اڄ هڪ خوشخبري ملي ته دادو مورو روڊ تي لڳل گهارو بند ٿيڻ سبب دادو مورو جو روڊ رابطو بحال ٿي ويو آهي. دادو وارن لاءِ واقعي هي خبر ان Sense ۾ اهم ترين آهي ته شهر ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ سبب شهر کي جلدي ۾ ڇڏڻ ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ لاءِ سولو ۽ آسان رستو آهي. اها به ميڊيا رپورٽ ڪئي ته ٽرانسپورٽر ۽ ٻيڙي وارن جو جهيڙو جنهن م 6 ماڻهو زخمي ٿيا. جهيڙو ڇاتي؟ ان ڳالهه تي ته اڃان اتان ٽرئفڪ نه هلي ۽ هر روز سون جي تعداد ۾ مورو کان دادو ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن کي ٻيڙين رستي پار ڪرائجي ۽ مال ڪمائجي، واهه ڙي حضرت انسان واهه، واهه تنهنجو عقل، تنهنجي ڏاهپ تنهنجي سوچ
• ڪي ٽي اين تي ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثر ڪئمپ جي ماحول ۽ ڪراچي واسين جي رويي ۽ بي حسيءَ کي نظر ۾ رکندي چوي ٿو ته ”اسان کي ڪجهه نه کپي، نه امداد، نه 20 هزار، نه راشن فقط واپسيءَ جو ڪرايو کپي ته ههڙي زندگي گهارڻ کان بهتر آهي ته ڳوٺ ۾ واپس وڃون پوءِ مرون يا بچون هت ته ڪير سار لهڻ وارو به نه آهي.
• ڪي ٽي اين تي قيصر بنگالي ڏاڍو سٺو پيو ڳالهائي ته متاثرين جو وڏو نقصان ٿيو آهي جاني ۽ مالي ٻئي سو کين ڏيڻو پوندو. هو چئي پيو ته ”فصل تباهه ٿيا تن جو معاوضو، ڪو دڪان هيو اهو بند ڪري مالڪ محفوظ هنڌ تي هليو ويو ۽ اهو تباهه ٿي ويو تنهن جو معاوضو ڏيڻو پوندو. ڍور ڍڳن جو معاوضو، انساني جانين جو معاوضو، ڊهندڙ گهرن ۽ ملڪيتن جو معاوضو ڏيڻو پوندو“ اهو ڪيئن ٿيندو سو حڪومت کي سوچڻو پوندو. لکين ماڻهو ڪئمپن کان ٻاهر روڊن تي ۽ عزيزن ۽ واقف ڪارن وٽ ترسيل آهن تن جي معاوضي جو ڇا ٿيندو؟ انهن کي ڪيئن ۽ ڪٿان معاوضو ملندو؟ اهو سڀ اسان کي سوچڻو پوندو.
• رات جو 2:50 منٽن تي اشتياق ايم اين وي ڊي تان دادو جوهي روڊ تي ڇنڊڻ ويجهو گهاري جو اطلاع ڏنو. اشتياق جي گذريل 13 ڏينهن کان ايم اين وي ڊي بند تي رات جو ڊيوٽي آهي. هو انهن لاپرواهه آفيسرن مان نه آهي جيڪي رات جو سمهي رهن. هو سڄي رات جاڳي ٿو بندن جي چوڪي ڪري ٿو ۽ انهن کي مضبوط بنائڻ ۽ انهن جي حفاظت پنهنجو انساني، اخلاقي، قانوني ۽ قومي قرض سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو رات دير تائين به سنگت سان رابطي ۾ رهي ٿو.
• قاضي علي ڪي ٽي اين تي چوي پيو ته ڏوهه درياهه جو نه بلڪه بيڊ گورننس جو آهي جنهن سبب بند ٽٽا. ٻيو سنڌ ۾ متاثرين کي امداد عيد کان پهرين ڪير ڏيندو ۽ انهن متاثر ماڻهن کي معاوضو ڪير ڏيندو جيڪي پنهنجي مٽن مائٽن وٽ وڃي پناهه ورتي آهي ۽ جن انهن کي پناهه ڏني آهي سي به ته هڪ سينس ۾ متاثرين ئي ٿيا تن کي ڪير معاوضو ڏيندو جيڪي انهن کي پالي رهيا آهن؟ هن چيو ته وڏي تعداد ۾ متاثرين ڪئمپن جي حالت زار کي ڏسي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجن مائٽن وٽ وڃي رهيا آهن سي به برابر جا امداد ۽ معاوضي جا حقدار آهن .
• اڄ عيد جو ڏينهن آهي پر سنڌ ۾ ڇا جي عيد؟ اڌ آبادي ته پنهنجا اجها ڇڏي مٽ مائٽن کان وڇڙي دربدر ٿي، ڪک پن ٿي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، ڄامشورو، ڪوٽري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ڪيترن ضلعن ۾ ذلت واري زندگي گذاري پئي. ڪيترن کي ته واقعي پائڻ لاءِ به ڪو وڳو نه آهي سواءِ سندن بدن تي پيل وڳي جي ڇو ته هو فقط جانيون بچائي خشڪيءَ تي پهتا. ميڊيا ڏيکاري پئي ته متاثرين جي ڪئمپن جا منظر ڪهڙا آهن، رڙين، دانهن، ڪوڪن، ڳوڙهن، لڙڪن، سڏڪن، آهه زاري کانسواءِ اتي ڪجهه به نه آهي، هن مذهبي ڏڻ تي کين پنهنجن مسلمان ڀائرن کي ڪنهن به پنهنجو نه ڪيو ۽ خوشين ۾ شريڪ نه ڪيو نه سرڪار نه مذهب جون دعوائون ڪندڙ تنظيمن، نه شهري وڏيرن، نه انساني حقن جي علمبردارن ۽ نه ئي نه ڪنهن ٻئي، سنڌ جو وڏو وزير آهي. سو هر وقت ۽ سنڌ جي فضائن ۾ هيليڪاپٽر تي لامارا ڏيئي رهيو آهي. نتيجو سنڌ جو عوام ڏسي رهيو آهي.
هن عيد جي موقعي تي ڪراچي جي متاثرين لاءِ نه سفاري پارڪ، نه ڪلفٽن، نه ٻين تفريحي ماڳن ۽ پارڪن ۾ ڪا مفت سهولت رکي وئي ۽ نه ئي ڪي پروگرام رٿيا ويا.
جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا
وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا
(شاهه)
• ڪراچي سائيٽ جي ڪئمپ جي حوالي سان ميڊيا تي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي انتظاميه ڪالهه کان کين پاڻي نه پئي پهچائي جنهن سبب هو اڄ عيد نماز به نه پڙهي سگهيا، قومپرستن مان به ڪو لڙي نه آيو. دودو چانڊيو ٻڌائي رهيو آهي ته هنن ڪئمپن جي ذميواري ڊي سي اوز، مختيارڪار ۽ ڊي ڊي اوز تي آهي پر انهن مان ڪنهن کي به ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته سڀاڻي ڪا عيد به آهي. هي واقعي مسلمانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڪراچي انتظاميه جي منهن تي به چماٽ آهي. ڪيڏانهن وئي سندن مسلماني، انسان دوستي ۽ اسلامي دعوائون. لڳي ٿو سڀ ڪوڙ آهي. متاثرين پنهنجو ڏکيو وقت گذاري ويندا پر سڀني جو اصل چهرو ظاهر ڪري ويندا دنيا آڏو.
• ڪي ٽي اين تي جوهي شهر ۾ گڏيل قومن جي امداد کڻي ايندڙ هيليڪاپٽر تي ماڻهن جي ڪاهه جا منظر/ فوٽيج هلي رهيا آهن. ماڻهو زبردستي هيليڪاپتر تي چڙهي سامان جي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي لاءِ وڌ کان وڌ سامان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ڇو ته هو ڪيترن ڏينهن کان شهر ۾ زمين جي ڪجهه ٽڪري تي محصور ٿيل آهن. سندن چوڌاري 10 کان 12 فٽ پاڻيءَ جو گهيرو آهي ۽ فقط پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏنل شهر کي رنگ بند سبب ٻڏڻ کان بچيل آهن. هو پراميد آهن ته سندن رنگ بند جي شڪل ۾ اها محنت، جستجو ۽ جاکوڙ کين ٻڏڻ کان بچائيندي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو وڌ کان وڌ راشن يا سامان حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هيليڪاپٽر لهندي ئي ان مٿان ڪڙڪي پيا آهن. انتظاميه نالي شايد جوهي ۾ ڪنهن شيءِ جو وجود نه رهيو آهي جو کين ائين ڪرڻ کان روڪي يا پنهنجي نگرانيءَ ۾ اها ورهاست ڪري.
• ڪي ٽي اين تي ميهڙ شهر مان اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق مهيسر جو آواز گونجي پيو ”نادرمگسي دادوءَ کي ٻوڙايو ۽ هاڻي اهو ڪير ٿيندو آهي جو کيس دادو کي بچائڻ جو چيف منسٽر ٽاسڪ ڏيئي رهيو آهي.“
قاضي اها ڳالهه وزيراعليٰ جي ان بيان جي رد عمل ۾ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته دادوءَ کي بچائڻ جو فيصلو سيد مراد علي شاهه، نادرمگسي ۽ سيڪريٽري آبپاشي شجاع جوڻيجو هڪ فضائي دوري کان پوءِ ڪندا ۽ پنهنجي رپورٽ ڏيندا ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ دادوءَ کي ڪيئن ايم اين وي ڊي جي امڪاني خطري کان بچائجي.
• ڪي ٽي اين تي غوثپور واسي عورتون ٻڌائن ٿيون ته ”ڪو هت ڪراچي جي ڪئمپن ۾ سڪ مان نه پهتا آهيون، ٽوڙي سامهون ٽي ڳوٺ هيا جن کي پاڻي وڻن سميت پاڙئون پٽي ويو ۽ پاڻي ٻيٽ ڪري ويو جي اُتي زمين جو ٽڪرو به هجي ها ته اسين هت نه اچون ها. هن چيو ته اسان جا ڏوڪڙ آهن جيڪي سرڪار کي مليا آهن ۽ سرڪار اسان کي هڪ روپيو به نه ٿي ڏيئي جو ٻارن کي ڪو بسڪوٽ يا پاپو وٺي ڏيون. اها حالت رهي ته جهيڙو ٿيندو پوءِ جيڪو بچيو جيڪو مئو.
• ڪڍ واهه اٿلڻ سبب جهانگاره شهر جو قبرستان ۽ شاهي بازار پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. ڇا هاڻي ڪاڇي جي شهرن ۽ ڳوٺن سان دادو سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جو جيڪو رابطي واسطي آخري رستو بچيو هيو سو به بند ٿيڻ وارو آهي؟ جي ائين واقعي به ٿيو ته اهو سانحي کان گهٽ نه هوندو ڇو ته واهي پانڌي، ڇني، ٽنڊو رحيم خان، شاهه حسن، گاجي شاهه، علي مراد شاهاڻي ۽ ڪاڇي کير ٿر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي جوهي، دادو سميت ڀان ۽ مختلف علائقن مان هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري اتي ترسيل آهن، تن جو ڇا ٿيندو؟ کين ڪهڙي رستي سان ۽ ڪيئن امداد ڪئي ويندي؟ ڇا اهي ماڻهو بکون ڪاٽي مري ويندا يا سرڪار هيليڪاپٽرن ذريعي سندن سار لهندي، ڏسون ته ڇا ٿي ڪري سرڪار .
ڪي ٽي اين تي فيض کوسو گنجو ٽڪر واري ڪئمپ ۾ متاثر ماين کان حال وٺي رهيو آهي ”اسين ڪٿان آيا آهيون، اهو ئي درياهه جي وچوڙ مان آيا آهيون. هن ڀونگي ۾ ويٺا آهيون ماڻهو ڀلي جهجهو کائين، اسان وٽ ڪجهه به نه آهي“ هوءَ وراڻي ٿي ”درياهه مان کي اچي ٻچن ۾ پيو، درياهه جو ڏوهه ناهي، اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي“
”ڪئمپن ۾ ڪجهه ماڻهن جي گفتگو، لهجو، جملن، لفظن جي ادائيگي حيران ڪري ٿي. انهن ۾ هڪ نواڻ ۽ سچائي ڇلڪي ٿي. ڪي ڪمال جا نوان ۽ عجيب جملا ۽ اصطلاح پڻ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جيڪي هن وقت تائين ادب ۾ شايد لکت ۾ نه آيا هجن.
گنجي تي فيض سان هڪ مري عورت مخاطب آهي
”اسان کي ٻروچ ۽ مري سمجهي ڌڪارين ٿا ۽ امداد نه ٿا ڏين، وٺڻ لاءِ ڀڄون ٿا ته چون ٿا ته ڀڄو اوهين مري آهيون، ابا ڪولهين ، باگڙين ۽ ٻين کي ڏين ٿا پر اسان کي نه ٿا ڏين، اسين مسلمان آهيون“
هي ڇا؟ جي واقعي سنڌ ۾ ڪو ائين ڪري رهيو آهي ته اهو سواءِ انسانيت کي لڄائڻ ۽ بي شرميءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. ڇا جو سنڌي ڇا جو مهاجر ڇاجو پٺاڻ ڇاجو پنجابي، ڇاجو بلوچ، ڇاجو ڪشميري ٻوڏ ته اها تميز نه رکي پوءِ هي ڪهڙا ڄٽ آهن جيڪي اهو فرق رکي رهيا آهن. ڪاش اهو سچ نه هجي؟
• دادو شهر جي مٿان هينئر صبح جو شايد اهو ئي هيليڪاپٽر اڏامندي نظر اچي ٿو جنهن ۾ 3 رڪني ڪميٽي دادوءَ جي مستقبل (ٻڏڻ يا نه ٻڏڻ) جو فيصلو ڪرڻ لاءِ فضائي جائزو وٺي رهيو آهي. 1976ع جي ٻوڏ ۾ ياد آهي ته جڏهن ڪاڇي جي شهر ڇنيءَ ۾ اهي هيليڪاپٽر آسمان تي اڏامندي نظر ايندا هئا ته ماڻهو خوش ٿيندا هئا ۽ هن ڀيري هن ٻوڏ ۾ ماڻهو هيليڪاپٽرن جي لامارن تي خوشيءَ بجاءِ ڳڻتيءَ ۾ نظر آيا. سو ڇو؟
• ڪي ٽي اين تي اسلام آباد مان محسن ٻٻر انهن ماڻهن جي خاندانن جا انٽرويو ڪري رهيو آهي جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن مان ٻوڏ کان متاثر ٿي سخت تڪليفن مان پار پئي اسلام آباد تائين وڃي پهتا آهن. هن ٻوڏ به ڪي وڏا ڪيس ۽ ڪلور ڪيا آهن ۽ ماڻهن کي پناهه وسطي سوين ميلن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پيو آهي. متاثر ٿيندڙن مان ڪن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪئمپن ۾ رهڻ کان موت کي ترجيح ڏني ڇو ته اتي جيڪا ذلالت ڏسڻ وٽان ملي سا بيان کان ٻاهر آهي. ٺل مان اسلام آباد پهتل هڪ خاندان ٻڌائي پيو ته هو پهرئين ڪوئٽا ويا جتي سندن ڪنهن به سار نه لڌي. ڪوئٽا جي ڪئمپن ۾ ڪا به سهوليت نه هئي بلڪه جڳهه ئي نه هئي. پوءِ اُتان ڊيره بگٽي ذريعي جابلو سفر ڪري صادق آباد پهتاسين جتان ريل رستي اچي لاهور ۽ اسلام پهتاسين پنهنجن ڪن عزيزن وٽ. وڏا خرچ ٿيا پر اها ته پڪ آهي ته هتي ماني ٽڪر ته ملندو.
• امر لاشاري جوهي مان ٻڌائي ٿو ته 8 فوٽ وارو رنگ بند (جوهي شهر کي) شهرين پنهنجي مدد پاڻ ڪري ڏينهن رات اوجاڳا ڪري هاڻي 13 فٽ تائين پهچايو آهي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته جوهي واسي ڪامياب ويندا يعني ٻڏڻ کان بچي ويندا. ڇنڊڻ کان جوهي تائين هلندڙ ڏينهن ۾ ڪي 100 کان وڌيڪ ٻيڙين جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته انهن جو ڪرايو 100 رپيا آهي جيڪو غريبن جي پهچ کان وڌيڪ آهي ۽ سرڪار جوهي واسين جي اچ وڃ لاءِ اڃان تائين ٻيڙين جو ڪو به بندوبست نه ڪيو آهي.
ملاح به ڇا آهن سڄي زندگي هو روڊن تي هلندڙ گاڏين جا روز وڌندڙ ڳرا من پسند ڪرايا ڀري ڪنگال ٿي پيا آهن ۽ هاڻي جڏهن اڌ سنڌ تي ڦيٿو نه ٿو هلي سگهي ته هو به ماڻهن کان شايد پنهنجو قرض چڪائي رهيا آهن يا انتقام وٺي رهيا آهن. عجيب مڪافات عمل آهي. بحرالحال ويچارن مهاڻن جا ته ڪي هي ٻه ٽي هفتا پوءِ ته ٽرانسپورٽر کين هر وقت لٽيندا ۽ ڦريندا.
• لاڙڪاڻي مان ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي پروين جي گيسٽرو وگهي فوت ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿي آهي. والدين کي ڪفن جا پئسا ۽ ٽرانسپورٽ جي وسعت نه هئڻ سبب ڪفن ته ايڌي وارن ڏنو ۽ لاش ڪيئي ڪلاڪ ماءُ ۽ پيءُ آڏو جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ روڊ تي پيل رهيو. بيوسيءَ جو عجيب عالم آهي. لاڙڪاڻي واسي فقط تماشو پيا ڏسن. ميڊيا رپورٽ ڪيو ته پوري شهر ۾ ڪنهن به کين مدد نه ڪئي نه ٽرانسپورٽ ۾ نه ڪفن ۾.
• هي سنڌ جي راڻي بينظير شهيد جو شهر آهي، هي ايشيا جي عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جو شهر آهي هي پ پ پ جو مضبوط قلعو آهي ۽ اڄ پ پ پ جا ووٽر ڪفن ۽ دفن لاءِ پنهنجا مئل ٻچا پنهنجي سامهون روڊ تي رکي روئي رهيا آهن. هن جو ذميوار ڪير؟ انتظاميه، پ پ پ حڪومت، لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر، لاڙڪاڻي جون سيٺيون، سياستدان ناميارا وڪيل، ها سڀ ذميوار آهن. ڇا هي متاثر ٿيندڙ ڪي جنگي مجرم آهن يا دشمن ملڪ جا ماڻهو آهن جو کين خسيس ڪفن لاءِ به ڪير هتي اڳتي نه ٿو اچي ۽ کين ڪا گاڏي نه ٿي ڏني وڃي ته هو پنهنجي جگر جي ٽڪري کي پنهنجي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنائي اچن. هي آهي اسان جو حال ته پوءِ غيرن تي ڪهڙي ميار؟
• خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن مان فوجي گاڏين ۾ متاثرين سٿجي دادو شهر ۾ ڪئمپن ۾ اچي رهيا آهن. دادو شهر کان ڪڪڙ تائين سون جي تعداد ۾ موٽر سائيڪلن، چنگچي رڪشائن، ڪارن، ٽرڪن، بسن ويگنن، پنڌ پيادل قافلا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال پناهه لاءِ ان شهر ۾ اچي رهيا آهن. جنهن جا رهواسي پاڻ پناهه لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي وڃي رهيا آهن. هي واقعي حيران، پريشان ۽ دل ڏاريندڙ منظر آهي. ڪيترن ئي قافلن سان ته اهو ظلم به ٿيو ته هو تڪڙ ۾ ڪي 15/10 هزارن ۾ سواري ڪري اچي دادو شهر پهتا ۽ سامان مس لاٿائون ته وري کين ڪنهن اطلاع تي ٻيهر ڪا ٻي سواري ڪري ڪنهن ٻي منزل ڏانهن روانو ٿيڻو پيو ۽ ائين لٽيل قافلا ٻيهر لٽبا ويا.
• هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال دادو شهر جي ٻاهران جمع ٿي ويو آهي جتي مالڪ کليل آسمان هيٺ انهن جي رکوالي ڪري رهيا آهن. کين مال کي چارو ڏيڻ جي به وسعت نه آهي. بلڪه کين پاڻ کي به کائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿو ملي ته هو هيڏي وڏي ڌڻ کي ڪيئن کارائيندا. انهيءَ ڌڻ مان ڀڳڙن مٺ تي ڪي سفاڪ قسم جا ماڻهو 20 هزارن جي قيمت وارو مال 10 يا 5 هزارن ۾ کانئن وٺن ٿا ۽ هو انهن پئسن سان پاڻ به کائين ته مال به کائي. انسانيت جو ڀيانڪ روپ هن صورت ۾ ظاهر ٿي پيو آهي. متاثر علائقن جي ڪيترن ئي ماڻهن ايمرجنسي ۾ پنهنجي شهر ۾ يا دادو اچي 40 هزارن وارو سون 10 هزارن ۾ به کپائي ڪا سواري ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا يا پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا به اطلاع آهن ته وياج خور به پنهنجي ڪرت سان اڳي کان اڳڀرا نظر اچن پيا. هي ڇا ٿي ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌين کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي ۽ هن جو نتيجو ڇا نڪرندو. سو وقت ئي ٻڌائيندو.
• عجيب سنڌ جا هينئر منظر آهن. هڪ طرف غوثپور جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهو واپس پنهنجن اجهن ڏي اچي رهيا آهن ته ٻئي طرف دادوءَ م ٻوڏ هلي رهي آهي شهر ۽ ڳوٺ ٻڏي رهيا آهن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. ڪئمپون ڀرجي رهيون آهن ۽ رستا بند ٿي رهيا آهن ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ ڀان ۽ سيوهڻ جا رهواسي ٻوڏ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
• اڄ ڳوٺ ڇني مان نوجوان معشوق رانجهاڻيءَ جي بجليءَ جي پول تان ڪري فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو، ڳوٺ ويجهو ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب بجليءَ جو لڳل ٿنڀو بنياد کان ڪمزور هئڻ سبب اوچتو سندس مٿان ڪريو کيس دماغ ۾ ڌڪ لڳا رستا بند هئڻ ڪري وڏي مشڪل سان کيس سخت زخمي حالت ۾ ٻيڙي ذريعي بوبڪ بند تائين نيو ويو جتان حيدرآباد ويندي سيوهڻ ويجهو دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ٻوڏ جتي ڪيترائي راڱا ڪيا آهن اتي ڪن هنڌن تي بجلي جي ٿنڀن ڪرڻ ۽ اوچتو ديوارن ۽ جاين ڪرڻ سبب به ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن.
• دادو شهر ۾ اڃا تائين ماڻهو گهرن، گهٽين، دڪانن، پاڙن، ڪارخانن، آفيسن ۽ ٻين هنڌن تي 6 کان 10 فٽ تائين پڪيون ديوارون ڏيارڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. کين يقين آهي ته ايم اين وي ڊي تي سخت خطري سبب گهارن لڳڻ ڪري اهو پاڻي شهر ۾ ڪا هجي ايندو جنهن سبب هو پنهنجي ملڪيتن کي بچائڻ لاءِ ائين ڪري رهيا آهن ۽ گڏوگڏ شهر مان وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ پڻ جاري آهي. عجيب صورتحال آهي هڪڙا ماڻهو ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، جوهي ۽ دادو تعلقي جي علائقن مان ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب متاثر ٿي دادو پناهه لاءِ اچي رهيا آهن ته ٻئي پاسي دادو شهر جا رهواسي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪري رهيا آهن. عجيب افراتفري وارو ماحول آهي. ڪيترائي مهربان جن ۾ بدر ابڙو، اشتياق انصاري، غلام شبير شيخ ۽ ٻيا دوست دادوءَ کي خطرن ۾ ڏسي مون کي فيملي ڇني، حيدرآباد يا ٻئي ڪنهن هنڌ شفٽ ڪرڻ جو چئي رهيا آهن ۽ منهنجو کين اهو ئي جواب آهي ته پنهنجو گهر ڇڏڻ ڏکيو آهي گهڻا ڀاتي آهيون ڪيڏانهن وينداسون. جڏهن ڪو گهارو لڳو ۽ شهر ۾ پاڻي داخل ٿيندو ڏسي ايمرجنسي ۾ نڪري وينداسون ۽ مون اهو ئي سوچيو آهي. اشتياق انصاريءَ ته اهو به چيو آهي ته حسين آباد ۾ ڀائو اخلاق جو گهر جيڪو خالي پيو آهي ان ۾ اوهان رهي سگهو ٿا يا منهنجي گهر ۾ ڏکيو سکيو رهي اوهان هي وقت ڪڍي سگهو ٿا. واقعي هي اشتياق صاحب جو خلوص آهي آءٌ ان خلوص جي موٽ ۾ فقط ايترو چوندس ته هو مهل جو مڙس ماڻهو آهي دوست جي تڪليف ۽ پريشانيءَ کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ هر ممڪن ساٿ ڏيندو آهي. ڀلا جاکوڙي جو ٿيو.
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
• گهڻن ڏينهن کان اشتياق انصاري جي خواهشن هئي ته جوهي هلي سنگت سان ملجي، منهنجي به ساڳي ئي خواهش هئي ته ٻوڏ کان پوءِ ۽ جوهي دادو رستو بند ٿيڻ کان پوءِ جوهي جي دوستن، ڊاڪٽر حميد سومرو، اڪبر لاشاري، ذوالفقار برهماڻي، معشوق برهماڻي، وفا برهماڻي، عزيز ڪنگراڻي، فتاح ڏاهري، غلام نبي رستماڻي، سائين بخش رند، نقاد ٿهيم ۽ بخت جمال سومرو ۽ ٻين ساٿين سان وڃي ملجي ۽ هنن جوهيءَ کي مڙسي ڪري رات ڏينهن اوجاڳا ڪري رنگ بند ڏيئي شهر کي بچايو ۽ پنهنجن ملڪيتن کي محفوظ ڪيو ۽ پاڻ کي دربدر ٿيڻ کان بچايو. ايم اين وي ڊي تي اشتياق جي مسلسل ڊيوٽي هئڻ سبب اهو خيال ٻوڏ جو پاڻي لهڻ تائين خواب پئي معلوم ٿيو. صبح جو سوير ايم اين وي ڊي تان اشتياق فون ڪيو ته عزيز اڄ تون فيلڊ ڊيوٽي لاءِ شام جو هليو ويندين سو پوءِ آءٌ اڪيلو رهجي ويندس ڇو نه اڄ ئي هلي ٿي اچون. پنهنجي گاڏيءَ ذريعي دادوءَ کان ڇنڊڻ موري پهتاسين. آفتاب رانجهاڻي به اسان سان ساٿ ۾ هيو جنهن گاڏي ڊرائيو ڪري اسان کي ڇنڊڻ تي پهچايو. جتي وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون بيٺل هيون جيڪي جوهيءَ کان ڇنڊڻ تائين دادو ۽ جوهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي صبح ساجهر کان سج لٿي تائين پهچائي رهيون هيون. ڇنڊڻ اڄ دادو ۽ جوهيءَ جو هڪ وڏو پتڻ وارو ڏيک ڏيئي رهيو هو. ڇنڊڻ کان جوهيءَ جو ڪرايو 50 رپيا في ماڻهو وصول ڪيو پئي ويو ۽ نجي ٻيڙيءَ جا ڪي 6 کان 7 سئو رپيا وٺي رهيا هئا. هڙيي تي ويهي اسان جوهيءَ ڏانهن رخ رکيو. هڙيي ۾ موٽر لڳل هئي جنهن ڪري اهو 10 ڪلوميٽرن وارو پنڌ 45 منٽن ۾ ڪيوسين ورنه ونجهه ذريعي ته شآيد ٻيڻو يا ٽيڻو وقت لڳي وڃي ها. ٻيڙي جوهي دادو روڊ جي کاٻي ڪناري سان هلندي رهي. سڄي واٽ ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ منظر هيا. جيستائين نظر پئي وئي اوسيتائين ڳوٺ، گهر، آباديون، سرڪاري عمارتون، ڪارخانه سڀ ڇتين تائين پاڻيءَ هيٺ نظر آيا جنهن مان محسوس ٿيو ته ڪي 10 کان 12 فٽن تائين ڇنڊڻ ۽ جوهي وچ ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هيو ۽ اڃان تائين منڇر طرف وڃي رهيو هو. اهي ڳوٺ ۽ عمارتون جيڪي 20 ڏينهن اڳ اسين پنهنجن اکين سان ڏسي وياسين سي اڄ پاڻيءَ ۾ ايستائين ٻڏل نظر اچي رهيا آهن جو سندن سڃاڻپ به مشڪل ٿي پئي آهي. واٽ تي هڪ بس ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل هئي جنهن جي فقط هڪ ڪني يا معمولي لوهه جو ڪو حصو يا ٽڪرو ئي نظر اچي رهيو هو. جڏهن جوهيءَ ويجهو پهتاسين ته شهر کي ڏنل رنگ بند ٻاهران ڊگري ڪاليج جو هي مڪمل ڇتين تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيو. رنگ بند ٻاهران پئٽرول پمپ، ڪارخانه ۽ گهر مڪمل پاڻي ۾ ٻڏل هيا. رنگ بند تي پهتاسين ته سوين ماڻهو ڇنڊڻ وانگر هن جوهي پتڻ تي ٻيڙين ۾ چڙهندي ۽ لهندي نظر آيا. پتڻ ويجهو ئي رنگ بند جي پاسي ڪجهه دير هڪ دڪان تي ويٺاسين جتي ڊاڪٽر حميد اسان کي وٺڻ لاءِ پهچي ويو. ڏاڍو خوش ٿيو. سڌو وڃي سومره محلي ۾ رنگ بند ڪنڌيءَ قائم ان بيس ڪئمپ ۾ وٺي ويو جتي شهر جي رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جوهي واسي اچي گڏ ٿيندا هيا. ڪئمپ تي لاهور ۾ ڪاوش جو رپورٽر امداد سومرو، سائين بخش رند، نقاد ٿهيم ۽ صبح جو جوهي آيل سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ موجود هيو. اسان دادوءَ مان ورتل ڪجهه اخبارون ۽ ٻيو سامان ڊاڪٽر حميد حوالي ڪيو جنهن وري اهو ڪئمپ ۾ موجود ساٿين حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اسان کي ويجهو ئي ڪجهه والن جي مفاصلي تي رنگ بند تي وٺي ويو. رنگ بند ڇا هيو ڄڻ ڪنهن وڏي قلعي جي ديوار هئي شايد هت ان جي اوچائي 14 فٽ هئي ۽ ٻئي طرف ٻوڏ جو پاڻي بند سان اڃان ٽڪرائجي رهيو هو ۽ سامهون حد نظر تائين ڳوٺ ۽آ باديون پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيون. رنگ بند ڏيئي جوهيءَ کي بچائڻ واقعي جوهي واسين جو وڏو گڏيل ڪارنامو آهي. بند تان ٿي ڊاڪٽر اسان کي شهر جي اولهه ۾ ايف پي بند تي واهي کان جوهي واري پل تي وٺي ويو جتي هزارن جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثرين بند تي ويٺل نظر آيا جتي هڪ ميڊيڪل ڪئمپ به نظر آئي. وڏي تعداد ۾ خيما هئڻ سبب هڪ وڏي خيما بستي جو ڏيک هيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي متاثرن جوهي شهر کانسواءِ باقي جوهي چوڌاري پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڳوٺن مان هت پناهه لاءِ آيا آهن. ايف پي بند سان حمل ڍنڍ مان ايندڙ پاڻي واهي جوهي پل هيٺان ايف پي بند سان گڏ منڇر طرف وهي رهيو هو ۽ جوهي کان واهي تائين روڊ رستو اڃان بحال هيو. ايف پي بند تان ٿي ڊاڪٽر جي گهر ۾ منجهند جي ماني کائي ساڳي طرح ٻيڙيءَ ۾ جوهي پتڻ تان روانا ٿي ڇنڊڻ پتڻ تي پهتاسين. هن موٽ واري سفر ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ان سان گڏ ڪجهه دوست به ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار هياسين. ڇنڊڻ پهچي اتان گاڏيءَ ۾ چڙهي دادو واپس پهتاسين. اهو زندگي جو يادگار ۽ ڏکوئيندڙ سفر هيو. ڇنڊڻ کان دادو ويندي وفا برهماڻيءَ جو ايس ايم ايس مليو ته ڀان سعيد آباد کان سيوهڻ تائين ماڻهو انڊس هاءِ وي تي سفر نه ڪن ڇو جو منڇر کي لڳل گهارن سبب اوچتو انڊس هاءِ وي تي پاڻي هلندڙ گاڏين کي لوڙهي سگهي ٿو ڇو ته منڇر جي گهارن مان پاڻي تيزيءَ سان انڊس هاءِ وي طرف اچي رهيو آهي. گهر پهچي سامان کڻي آءٌ شام جو 6 بجي دادوءَ مان حيدرآباد لاءِ ساڳي انڊس هاءِ وي تان سفر شروع ڪيو. دادوءَ ۾ ئي اهي افواهه هلي رهيا هئا ته انڊس هاءِ وي ڀان ڀرسان بند ٿي ويو آهي يا بند ٿيڻ وارو آهي. آءٌ تڪڙ ۾ روانو ٿيس ته جيئن روڊ بند ٿيڻ ۽ ان مٿان پاڻي وهڻ کان پهرين سيوهڻ پهچان. ڀان سعيد شهر ٻاهران انڊس لنڪ پل تي چڙهيس ته ٽريفڪ جام هئي ۽ سامهون روڊ جي ساڄي پاسي واهڙ ڳوٺ طرف ۽ پري تائين پاڻي ڌوڪيندو انڊس هاءِ وي طرف ايندي نظر پئي آيو ۽ محسوس ٿيو ته شايد اڳيان ايئرپورٽ ويجهو روڊ تي پاڻي ڪراس ڪيو هجي. اوچتو گاڏين روڊ تي هلڻ شروع ڪيو آءٌ به انهن جي پويان. شهباز ايئرپورٽ بوبڪ ويجهو ته سج لٿي مهل روڊ تي پاڻي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو وڏي افراتفري هئي ۽ گاڏيون ان ٽڪري تي تيزيءَ سان اچي وڃي رهيون هيون ته جيئن موتمار پاڻيءَ مان نڪري سيوهڻ ڀان تائين جان بچائي پهچي وڃجي. هڪ وڏو رسڪ هيو جيڪو هينئر ان روڊ تان سفر ڪندڙ ماڻهن کنيو. شهباز ايئرپورٽ کان وٺي سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن پاڻي روڊ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر اڃان ڪٿي هن روڊ تان اوور ٽاپ يا اوور فلو نه ڪيو هو. سيوهڻ اچي دم پٽيوسين. هي آهي مها ٻوڏ 2010 جيڪا ماڻهن کي سنڌوءَ جي ساڄي طرف هر هنڌ اڃان تائين ڊوڙائي پئي ، سهڪائي پئي، ٻوڙي پئي، لوڙهي پئي ۽ دربدر ڪري پئي. انڊس لنڪ تي ڀان ويجهو پل تي صوبائي وزير سيد مراد علي بيٺو هيو جيڪو خاموشيءَ سان پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيد مراد علي شاهه واهڙ کي ٻڏندو ڏسي رهيو هو. ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ سامهون روڊ تان نظر ايندڙ شهباز ايئرپورٽ اندر پاڻي داخل ٿي چڪو هيو ۽ انڊس لنڪ جي ساڄي پاسي وارن بندن کي ڀان سعيد آباد کي بچائڻ واسطي اوچو ڪيو پئي ويو انڊس لنڪ تي ئي ڪامريڊ روشن ٻرڙو، مولابخش لغاري، حاجي نثار لنڊ، ظفر رانجهاڻي ۽ ٻيا ڀان واسي پريشان نظر اچي رهيا هئا.
• ڪي ٽي اين تي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر ڪمال حسين چوي ٿو ته ٻوڏ متاثرين ۾ 38 سيڪڙو نفسياتي بيمارين جو شڪار آهن. جنهن سبب سندن منجهه، چڙ، بخيلي، ڊپريشن ۽ ٻيون علامتون ۽ حرڪتون واضع نظراچن ٿيون.
• سجاول مان ناز سهتو پبلڪ لائبريري جي رپورٽ ڏيکاري رهيو آه. لائبريري جو انچارج/ سنڀاليندڙ عزيز مينڌرو چوي ٿو ته مون ٻوڏ کان اڳ ڪتاب ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ مٿي ڪٻٽن ۾ رکي ڇڏيا. هو چوي ٿو ته مون ارادو ڪيو ته منهنجو گهر ٻڏي وڃي پر لائبريري بچي وڃي ۽ مون ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو.
• سڄي ملڪ ۾ مولوي ۽ انهن جا حمايتي آمريڪا ۾ عافيه صديقي کي سزا خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن. جلسا ۽ جلوس ٿي رهيا آهن. سياستدان عمران خان ۽ شيخ رشيد ۽ ٻيا وات ڦاڙي زوردار تقريرون ڪري رهيا آهن، پر سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ سندن وٽ ڪجهه به نه آهي. ڇا اهي انسان نه آهن؟
• مشهور سرجن ڊاڪٽر اديب رضوي چوي ٿو ته ٻوڏ متاثرين ۾ هزارين ماڻهو اهڙا آهن جن جي بڪين جو علاج هلندڙ آهي ۽ ڪيترا ته ڊائيلاسز تي آهن، هاڻي اهي دربدر ٿي ڪئمپن ۾ رهن ٿا سو انهن جي علاج ۽ ڊائيلاسز جو سرڪار بندوبست ڪري نه ته هزارين مريض زندگيءَ جي جنگ هارائي ويهندا.
• لاڙڪاڻي جي ڪئمپن ۾ موجود هزارين ٻوڏ متاثرين چون ٿا ته مال لڙهي ويو، گهر تباهه ٿي ويا ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هت سخت سرديءَ ۾ اسين سڀ مري وينداسين. معصوم ٻارن کي گرم ڪپڙا نه آهن، ڇا ڪيون، ڪيڏانن وڃون، سخت سيءُ سبب سڄي رات جاڳي گذاريون ٿا، سيءُ ته هڏ ئي ڀڃي ڇڏيا آهن، ڪو بوڇڻ ڪو نه آهي، معصوم ٻچا ڇاتيءَ سان لڳايو صبح ٿا ڪيون. هاڻي ته خيما ۽ تنبو به ٽمن ٿا، هڪ عذاب مان نڪري ٻئي عذاب ۾ اچي ويا آهيون. ڪير به سار نه ٿو لهي. هن زندگيءَ کان خدا موت ڏيئي ته بهتر آهي. ڪٿي آهي. حڪومت ڪٿي آهي انسانيت، بس اسان جو ڪير به نه آهي. نه کائڻ لاءِ آهي ۽ نه پائڻ لاءِ ۽ نه پاڻ کي لڪائڻ لاءِ.
• ڪي ٽي اين تي نظام شيخ سخت سردي سبب ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين جي اهنجن بابت ٻڌائي رهيو آهي. هو ٻڌائن ٿا ته هي سيءُ ته اسان کي ماري ڇڏيندو. اسان جا ٻچا اسان کان کسي وٺندو. پهرئين ته بک پئي مئاسون هاڻي ته لڳي ٿو سيءُ وگهي مري وينداسون. ڪيڏانهن وئي امداد، ڪٿي آهي انسانيت، نه هنڌ نه بسترا نه باهه نه ماني نه ڪپڙا وڃون ته ڪيڏانهن وڃون. هڪ پلال آهي جيڪو ٻچن جي مٿان پيا وجهون ۽ پاڻ سڄي رات جاڳي صبح ٿا ڪيون. خدا جي واسطي اسان جي ڪير وارثي ڪري اسين آخر انسان آهيون. ڪير اسان جي ٻچن تي رحم ڪري.