تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

تاثرات/ڊائري/مشاهدو

• فيلڊ مان ڪي چار ڏينهن موڪل منظور ڪرائي دادوءَ لاءِ نڪتس ته جيئن اُتي روبرو وڃي صحافين، سنگت ساٿ سان ملاقات ڪري ٽوڙي گهاري مان ڌوڪي/هلان ڪري ايندڙ پاڻيءَ سبب دادو، سيوهڻ ،ڀان سعيد آباد، بوبڪ، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ڪاڇو، ايف پي بند، منڇر ڍنڍ، منڇر بند ۽ ايم اين وي ڊرين کي ٿيندڙ امڪاني نقصان بابت صحيح صورتحال کان آگاهه ٿجي ۽ پڻ ڪالهه دادو مورو پل ويجهو دادو مورو روڊ تي لليا پتڻ وٽ جيسرن جي ڳوٺ وٽان لڳل يا هٿراڌو هنيل گهاري جو جائزو وٺي سگهجي ۽ گهاري سبب پاڻيءَ جي گهيري ۾ آيل پنهنجي دوست عبدالله جيسر سان روبرو ملي سگهجي. جنهن رات ئي فون تي ٻڌايو ته هو انهي لڳل گهاري سبب فقط خاندان تڙ تڪڙ ۾ ڪڍي سگهيو آهي ۽ پاڻ بي يارومددگار گهر ۾ ٽپڙن ۽ پنهنجي لائبريري جي سنڀال لاءِ ويٺو آهي. فيلڊ مان سڌو حيدرآباد حسين آباد اشتياق انصاري ڏي هليو ويس جيڪو پاڻ ان پريشانيءَ ۾ هيو ته ڪوٽڙي بئراج تي مسلسل پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب قاسم آباد، حسين آباد، لطيف آباد ۽ ڪوٽري وٽ بندن تي سخت دٻاءُ آهي ۽ اهي افواهه گردش ۾ آهن ته شايد لطيف آباد کي هڪ مخصوص گروهه جي خواهش ۽ انگل سبب بچائڻ لاءِ قاسم آباد وٽان بند کي گهارو هنيو ويندو يا ٿي سگهي ٿو ته ڪٿان به بند پاڻ ئي ايڏي وڏي وهڪري جو دٻاءُ برداشت نه ڪندي ٽٽي پون. هن اهو به ٻڌايو ته اهڙي اوچتي صورتحال يا مصيبت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي گهر جو ضروري سامان مٿي ڇت تي رکي ڇڏيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو اهڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀاءُ اسحاق وٽ ڪراچي هليا وڃن. ٿوري دير ٻوڏ سبب پيدا ٿيل يا اڳتي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پنهنجا تبصره ڪري بندن ۽ بئراج تي وهڪري جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ نڪري پياسون. ويجهو ئي ڪجهه عرصو اڳ حسين آباد ۾ درياهه ڪناري ٺهيل پارڪ ۾ پهتاسين ته ان جو هڪ وڏو حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيو ۽ ماڻهو خوف ۾ نظر آيا. بعد ۾ جڏهن ڪوٽڙي پل تي هلندڙ گاڏيءَ مان ئي پل تان هيٺ وهندڙ ان تاريخي وهڪري جو نظارو ڪيو جتي ماڻهو هجومن جي صورت ۾ ڪوٽڙي طرف کان بيهي سنڌوءَ جي ان تاريخي وهڪري جو لقاءُ ڏسي رهيا هئا. واقعي ايڏو تيز وهڪرو هيو جو ڪيترائي ماڻهو فقط ان خوفناڪ وهڪري کي ڏسي ئي دهلجي پئي ويا. اشتياق کي گهر ڇڏي آفتاب عزيز سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ دادو لاءِ روانو ٿيس. پيٽارو کان ٽوڙي ڦاٽڪ تائين ريلوي لائين جي ٻئي ڀر مورين مان پاڻي ڪاهي اچي انڊس هاءِ وي ويجهو پهتو هيو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ پل کان وٺي سيوهڻ تائين ته صورتحال انتهائي خراب ۽ خطرناڪ نظر آئي ڪيترن ئي هنڌن تي اربين رپين سان ٺهندڙ آر بي او ڊي بند تي گهارا لڳي چڪا هيا ۽ پاڻي انڊس هاءِ وي جي ٻي ڀر مورين ۽ پلين وسيلي اولهه ۾ ٽڪرين تائين هڪ وڏي ڇر ڪري چڪو هيو. آمري شهر ته مڪمل پاڻيءَ جي گهيري هيٺ آهي پر افسوس جو موهن جي دڙي کان به قديم ”آمري تهذيب“ جا آثار به مڪمل طور پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪا هيا ۽ ۽ آمري شهر جي ٻئي ڀر آمري ريلوي اسٽيشن ويجهو قائم آمري ميوزيم پاڻي هيٺ هيو. آمريءَ کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن پاڻي گهڻو جمع ٿي چڪو هيو جيڪو وڌي وڃي لڪي سلسلي جي ٽڪرين تائين پهتو ۽ لڪي ريلوي اسٽيشن هيٺان گذرندڙ انڊس هاءِ وي مٿان پاڻي پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ۽ سيوهڻ شهر ۾ لعل باع ۽ دانستر ٽيل Tail وٽ ته اڃان بدتر صورتحال نظر آئي جو سنڌوءَ جو پاڻي ايترو چڙهي چڪو هيو جو دانستر جي پل کي پائي رهيو هو ۽ ان ويجهو ئي سيوهڻ شهر طرف وڃڻ جي ناڪام ڪوشس ڪري رهيو هو. ڄامشورو کان سيوهڻ ۽ دادوءَ تائين ٻوڏ متاثرين سان ڀريل ٽرڪون، ٽرالا، ٽراليون، ويگنون، بسون، ڊاٽسنون ۽ ٻيو گاڏيون نظر آيون جيڪي پنهنجي حيثيت ۽ گنجائش کان وڌيڪ لڏيل/ ڀريل ۽ سٿيل نظر آيون ۽ انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کاڻوٺ، آمري هوٽل، لڪي جبل تي واقع لڪي ريلوي اسٽيشن سيوهڻ شهر ۽ ٻين هنڌن تي هلان ڪري ايندڙ پاڻيءَ کان پنهنجون فقط جانيون بچائي نڪتل ماڻهن جا انبوهه بي يارو مددگار ويٺل نظر آيا ۽ ڪشمور جيڪب آباد ۽ شڪارپور مان پنهنجن اباڻن پڊن تان سر بچائي نڪتل متاثرين کي ته منزل جي به سڌ نه هئي ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي بس جتي کين سمجهه ۾ آيو يا بهتر محسوس ٿيو اُتي هي پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن حوالي ٿي سرڪار ۽ اين جي اوز جي رحم و ڪرم تي هوندا.
دادو ويندي بوبڪ وٽان منڇر بند تي وڃڻ لاءِ مڙڻو پيو. واٽ تي مون موبائيل تي پنهنجي دوست ۽ پي ايف ايف ايف پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي سان رابطو ڪيو. ان ٻڌايو ته هينئر هو صوبائي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ٽلٽي ويجهو بند تي موجود آهن جتي روڻيون پئجي رهيون آهن ۽ بند ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. منڇر بند تي پهتس ته مصطفيٰ جو ئي هڪ عزيز جيڪو آبپاشي کاتي جو ملازم آهي ۽ منڇر بند تي سندس ڊيوٽي آهي تنهن ٻڌايو ته هينئر ڍنڍ جي ليول 110.9 تي پهتل آهي ۽ اها سطح مسلسل وڌي رهي آهي. مون کي اهو ڏسي حيرانگي ٿي ته بند تي ڪو به آبپاشيءَ جو ذميوار اهلڪار موجود نه هيو حالانڪه هنن ڏينهن ۾ ته ڪو ذميوار ماڻهوءَ جو موجود هجڻ انتهائي ضروري آهي جو هاڻي ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٽوڙي گهاري وارو پاڻي منڇر ۾ ئي داخل ٿيندو جتي ان جو آخري دنگل ٿيندو. سو ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي منڇر بند کي وڌ کان وڌ محفوظ بنائڻ لاءِ ضروري سامان جو هن مرحلي تي بند تي هئڻ اشد ضروري آهي جو ٿي سگهي ٿو ته ڪو اوچتو گهارو پئجي وڃي يا هلان ڪري ايندڙ ٽوڙي وارو پاڻي ڪٿي اڙل ۽ دانستر جا دروازه نه لوڙهي وڃي جيئن 1995ع واري ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيو هو. بند تي ئي هوس ته پروفيسر اعجاز قريشي جو فون آيو ته هو پاڻ پنهنجي فيملي سان ٿورو دير اڳ اتان ڀيرو ڪري ويو آهي ۽ هن به انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، منڇر تي ٿيندڙ امڪاني صورتحال ۽ آخري دنگل تي ۽ پڻ آبپاشي کاتي جي لاپرواهي تي. دادو پهتس ته اها سُڌ پئي ته ڪجهه ماڻهو جن جا عزيز مٽ مائٽ ڪراچي ۾ هئاسي ته ان امڪاني خطري سبب في الحال نڪري ويا آهن ۽ باقي ماڻهو ٻڏتر ۾ آهن ته ڇا ڪجي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌو واري وهڪري ۽ ٽوڙي گهاري سبب ٿيل نقصان جي ڪوريج ۾ مصروف آهي پر هاڻي گذريل هڪ ٻن ڏينهن کان منڇر ۽ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو اٿن. امڪاني متاثر ٿيندڙ علائقن جا ماڻهو اهو سوچين ٿا ته ٽوڙي واري گهاري مان هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ مسلسل هلندڙ وهڪري ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور شهدادڪوٽ قمبر ۾ ايڏا ڪيس ڪيا آهن ۽ ڳڙهي خيرو شهر ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي وهي رهيو آهي ته اهو ڪاڇي ۽ منڇر ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن ڍنڍ جو پاڻي درياهه جي سطح انتهائي وڌي وڃڻ ڪري سنڌوءَ ۾ ڇوڙ نه ڪري سگهندو ته پوءِ بندن جو ٽٽڻ يا هٿراڌو ٽوڙڻ جي صورت ۾ ته هت به اهڙو ئي ڀيانڪ منظر يا صورتحال ٿي سگهي ٿي.
• دادو شهر ۾ مختيارڪار آفيس ٻاهران منڇر جي مهاڻن جي وڏي رش نظر اچي پئي. وڏي تعداد ۾ ضلعي انتظاميه منڇري مهاڻن جون ٻيڙيون ڊاٽسنن ۾ لڏي/ کڻي هت آفيس ويجهو روڊ ۽ گهٽين ۾ ڦٽو ڪيون آهن آفيس چوڌاري گهٽين ۽ روڊ تي ڪي 50 کان مٿي ٻيڙيون رکيل نظر اچي رهيون آهن سج لٿي جو وقت آهي ويچارا ٻيڙين جا مالڪ مهاڻا پاڻيءَ کانسواءِ پنهنجن ٻيڙين تي ويهي رکوالي ڪري رهيا آهن. سندن چهري تان پريشاني نظر اچي رهي آهي. هو گهٽين ۾ رکيل ٻيڙين هڙين ۽ گالين جي آڳل ۽ ٻيڙيءَ اندر تري ۾ سوير ئي سمهڻ جي تيارين ۾ آهن. هنن کي انتظاميه دادوءَ جي ڪچي ۽ پڪي ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ هتي آندو آهي. شهري ماحول سندن لاءِ اوپرو محسوس ٿي رهيو آهي. جنهن سبب ئي هو پريشان آهن ۽ ٻي پريشاني اها به اٿن ته شايد سرڪار اڳواٽ طئه ٿيل ڏهاڙيءَ جا پئسه ڪم لهڻ کان پوءِ ادا ڪري يا نه ۽ ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ وري هي ٻيڙيون کين منڇر تائين پاڻيءَ ۾ پهچائي به ڏئي يا نه کين کين. ان حوالي سان ماضي جا تجربه ذهن ۾ آهن جنهن ڪري ويچارا هت اچي مصيبت ۾ ڦاٿل آهن. پر ڇا ڪن سرڪار ته زوراور آهي ۽ ٻيو سندن روزگار به ته اهو ئي آهي.
هو ٻڌائن ٿا ته کين 2 هزار ڏهاڙي تي هت آندو ويو آهي پر کين اڃا تائين ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. هنن جي ماني ۽ رهائش جو بندوبست به نه ڪيو آهي ۽ کين پئسا به نه آهن جو وڃي ويجهو هوٽل تي کائين يا سرڪار کين کارائي ڪيترا ته پنهنجن هڙهين جي آڳيلن ۽ پاڇيلن تي نالين جي بدبوءِ ۾ بکئي پيٽ سمهي رهيا آهن. ڪي اڃان ماني جي انتظار ۾ جاڳي رهيا آهن ته متان ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي ۽ ماني ڀور ملي.
مون کي ڏسي ڪيترائي واقف مهاڻا اچي مليا ۽ پنهنجو ڏک بيان ڪيائون ۽ حجت ڪيائون. منڇر ۾ 1990 کان وٺي مسلسل سوين ڀيرا وڃڻ سبب اهي منڇري مهاڻا واقف ٿي ويا آهن. مون کان ان وقت سندن لاءِ جيڪو ٿي سگهيو مون ڪيو ۽ مختيارڪار آفيس مان کين ڪجهه رقم پڻ وڏي مشڪل سان وٺي ڏني سرڪار جو هنن مهاڻا سان هن ڏکي ويل هي رويو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. هي مهاڻا ته سرڪار وڏيرن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍ جو هميشه شڪار ٿيندا آيا آهن سندن تنظيم فشرفوڪ فورم جي وجود کان پوءِ کين ڪجهه تحفظ ۽ حقن جو احساس سندن منجهه پيدا ٿيو آهي.
منجهند جو فيلڊ مان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪري پيس. سحرش نگر قاسم آباد ويجهو بچاءُ بند جي اندر سنڌوءَ جي پيٽ ۾ جيڪا آبادي هئي سا هاڻي مڪمل پاڻيءَ هيٺ اچي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي اچي بندن تي ويٺا آهن. فقط ٻه ڏينهن اڳ اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ هئا تن کي سنڌوءَ ڪاوڙ ۾ اچي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪوٽڙيءَ واري پل تان گذر ٿيو ته ان وقت پل هيٺان 9 لک 38 هزار واڌو وهڪرو گذري رهيو هئو جنهن کي هزارين ماڻهو حسين آباد ۽ ڪوٽڙي ڪنارن وٽان پسي رهيا هئا. وهڪري ۾ غضب جي دهشت ۽ ڏهڪاءُ هيو ۽ تيزي سان ڌوڪيندو سنڌي سمنڊ سان ڪيئي سالن کان پوءِ ملڻ لاءِ واقع بي تاب نظر آيو. ٻه ٽي ڏينهن کان وٺي اهي خبرون آهن ته چانڊوڪين راتين سبب سنڌي سمونڊ به وڌي اچي پنهنجي محبوب شينهن درياهه سنڌو ۽ مهراڻ جي آڌر ڀاءُ لاءِ نيڻ وڇايا آهن. هي عجيب ملن آهي. جيڪو هنن چانڊوڪي راتين ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شڪوه شڪايتون، سسڪيون، آهون دانهون به هونديون ته انهن سازشن جو به ذڪر جن ذريعي کين ملڻ ۾ سال لڳي ٿا وڃن.
چنڊ ڪر چانڊاڻ منهنجا پرين آهن پنڌ ۾
اچن مون اوطاق پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.

(شاهه)
هي درياهه ضرور سنڌي سمونڊ کي ٻڌائيندو ته مان هيڏي وڏي تباهي ڪري هت تو وٽ پهتو آهيان پر پوءِ به ڪو هڪ ماڻهو به مون اهڙو نه ڏٺو جنهن منهنجي اهڙي رويي خلاف شڪايت ڪئي هجي. دانهيو هجي يا مون کي پٽيو هجي. هو مون کي اڄ به سگهارو ۽ شينهن جي لقب سان پڪارين ٿا. ڪوٽڙي پل تان ٿيندو جڏهن ڪوٽڙي ڦاٽڪ واري رستي سان ڪوٽڙي بئراج ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هوس ته ڪوٽڙي ڄامشورو ٽول پلازه، ڄامشورو ڦاٽڪ ۽ ايل ايم سي اسپتال ويندڙ رستي تي هزارين متاثرين بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ نظر آيا. انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ درديلا منظر هيا. ننڍڙا معصوم ٻارڙا واقع پٿريلي زمين تي ستي روئندي رڙندي ڪيهندي نظر آيا ۽ سندن مٿان مکيون ڀڻ ڀڻ ڪري رهيون هيون ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته کين سرڪار يا ڪنهن ٻي ڌر کان کين ڪجهه به نه ٿو ملي يا کين سار ئي نه ٿي لهي وڃي. سمورن کي اهو لباس پاتل نظر آيو جيڪي هو اتان پنهنجن اجهن مان پائي ڀڄي نڪتا هيا. عورتن جا وار وکريل، مردن جي چهرن تي خوف جا نمايان آثار فقط ان ڪري ته جيڪي ويجهي آباديون ۽ عاليشان سوسائٽي ۽ يونيورسٽين جا بنگلا نظر اچي رهيا هئا جيڪي سندن ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ساڳي قوم جا ماڻهو آهن سي به سندن هن مشڪل گهڙيءَ ۾ کين ا ئين بي يارومددگار حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي بنگلن ۾ عيش و آرام ڪري رهيا.
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪين ڪي.

(شاهه)
• ڄامشورو ڦاٽڪ تي پوليس جي اٽالن بيراج طرف ويندڙ گاڏين کي روڪي ڇڏيو ڇو ته هينئر اتي پاڪستاني فوج جو سربراهه جنرل ڪياني ڪوٽري بئراج جو معائنو ڪرڻ وارو آهي سندس هيليڪاپٽر آسمان تي لامارا ڏيئي رهيو آهي. آءٌ گاڏي واپس ڪري موٽي حيدرآباد وڃڻ لاءِ بائي پاس واري پل تي پهتس جتي پل جي ٻنهي پاسي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ آباد ڪيترائي ڳوٺ مڪمل ٻڏل نظر آيا ۽ ڇتين تائين پاڻي پهچي چڪو هو ۽ قاسم آباد واري پاسي ماڻهن جا هشاءَءُ بند تي بيهي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا هئا. درياهه جي دهشت سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس نظر آيو ڇو ته ايڏي وڏي وهڪري جي دوران قاسم آباد وٽان بند ٽٽڻ جي صورت ۾ لکين ماڻهن کي نڪرڻ جو موقعو به شايد نه ملي. حيدرآباد ۾ هالا ناڪه ويجهو نئين سبزي منڊي ۾ قائم هڪ وڏي متاثرين جي ڪئمپ ڏسڻ لاءِ جڏهن مين گيٽ وٽ پهتس ته اتي ئي بيهي ويس ۽ اندر وڃڻ جي پاڻ ۾ همت نه سمجهيم ڇو ته ان وقت ڪي نالي جا بکيا ماڻهو متاثرين ۾ ڪي چند پيڪيٽ ڪنهن مٿانهين تان بيهي ائين اڇلائي رهيا هئا ڄڻ ته ڪي اهي ماڻهو ٻوڏ جا متاثرين نه هجن ڪي جنگي قيدي هجن. اهي نالي بکيا ماڻهو هينئر سڄي حيدرآباد شهر ۾ به شاميانه هڻي متاثرين جي امداد جي نالي ۾ وڏو سامان ڪٺو ڪري هڙپ ڪن ٿا ۽ فقط ڏيکاءُ لاءِ ڪي چند پيڪيٽ چانهه جا يا بسڪوٽن جا پري کان اڇلائي انهن تي متاثرين جي هلان ڏسي واقع تسڪين حاصل ڪن ٿا. اهي ڪير آهن؟ ها اهي ئي آهن جيڪي فقط ڪي ڇهه ڏهاڪا اڳ پاڻ هن سنڌ جي ڏکايل ماٿري ۾ اچي ڪئمپن ڀيڙا ٿيا هئا.
وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾
دهلين دمامين نقرين ٿي پلپل پڇياس
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
(شاهه)
مون سان گڏ هڪ انجنيئر دوست گهڻو ئي اصرار ڪيو ته اندر هلي متاثرين جي حالت زار ڏسون، مون چيو ته اهو بي مقصد ۽ فضول ٿيندو ڇو ته اسين انهن جي مدد ته ڪري نه سگهنداسون باقي هلي سندن تماشو ڏسون اهو مناسب نه آهي. ڳوڙها ڳاڙيندا سڪتي جي حالت ۾ وڃي فيلڊ پهتاسون. زبان مان بي اختيار رڙ نڪتي ته يا حسين گهوڙا هي ڪهڙو ظلم ڌرتي ڌڻين سان، درياهه ته هنن کي بي دخل ڪيو پر هت ته هي موت جي منهن ۾ آهن. ڪراچي جي ته ٻي ڳالهه آهي پر ويجهو قاسم آباد حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ هزارين سنڌي ڇو هنن لاءِ اجنبي بڻجي ويا آهن جو تازو ئي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي لڳ قائم هڪ ڪئمپ ۾ هڪ ڳڀرو جوان فقط بک وگهي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو جي اسين واقع سار لهون ها ته سنڌو ڪناري اهو وڏو انياءُ نه ٿئي ها. ڇا هي آفريڪا آهي جتي خانه جنگي سبب سوين ماڻهو بک وگهي مئا هئا.؟
حضرت عمر رضه چيو هو ته جي فرات نديءَ ڪناري ڪو ڪتو به بکيو رهيو ته ان جي ذميواري وقت جي خليفي تي هوندي. سو ٻڌايو ته سهي سنڌو ڪناري بک وگهي مرندڙ هن نوجوان جي قتل جي ذميواري ڪير قبول ڪندو ۽ ان جي ايف آءِ آر ڪنهن جي خلاف ڪٽجي؟
اڄ هزارين سنڌي ٻالڪ بکيا، اگهاڙا، يتيم، بيمار ڪئمپن ۾ پيا آهن. ڇا ننڍا ٻالڪ ڪڏهن وڏا نه ٿيندا؟
• صبح جو اسين فيلڊ مان ڪي سينئر آفيسر فيلڊ مئنيجر جي اڳواڻيءَ ۾ گنجي ٽڪر لاءِ روانا ٿياسين جتي هزارن جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثرين ڪجهه ڏينهن کان ترسيل آهن. ڪمپني پاران اُتي هڪ هفتي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي پئي وڃي. گنجو ٽڪر تاريخي حوالي سان هڪ وڏي اهميت رکي ٿو جتي سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي حر ڪئمپ حيدرآباد کان وٺي سعيد پور ٽڪر ٽنڊ محمد خان تائين ڦهليل ۽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان گڏوگڏ هلندڙ هيءَ جوءِ ايامن کان، کاهوڙين، جوڳين، سامين، ڪاپڙين، سنياسن، مستن، ملنگن، فقيرن، صوفين، ساڌوئن ۽ اوليائن جو مسڪن ۽ پناهه گاهه رهي آهي، ٻيو ته ٺهيو خود سنڌ جي ساهه، سنڌ جي شاهه، ڀٽ جي گهوٽ فلسفي ۽ شاعر شاهه عبداللطيف پڻ جڏهن پنهنجي ديس جي حالتن کان مايوس ۽ ڏکارو ٿي ڀٽ کي خير آباد چيو ته هن کي به پناهه لاءِ هي جاءِ ئي موزون لڳي جتي هو سڀ ويڇا، فرق، نظر، يا ۽ دين ڌرم جي چڪرن کان بالاتر ٿي هت اچي جوڳين ۽ سنياسين سان مليو ۽ سندن رنگ ۾ رلجي ويو ۽ ساڻن گڏ هتان ئي هڪ وڏو، ڏکيو ۽ اڙانگو سفر ڪري وڃي هنگلاج ۽ لاهوت نڪتو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا اهي اهم مشاهده ماڻيائين جن سندس ڏات ۽ ڏاهپ ۾ نه صرف اضافو ڪيو پر کيس هڪ وڏي همت، طاقت، جوش ۽ ولولو عطا ڪيو ۽ کيس اها حاصل ٿيل ڏاهپ ۽ حوصلو اڄ اسان وٽ ”شاهه جي رسالي“ جي صورت م موجود آهي جنهن مان هن ڏکايل ماٿريءَ جا هزارين ماڻهو ٽي سئو سالن کان فيض ۽ سبق حاصل ڪري پاڻ جاکوڙي، ڏاها ۽ همت ڀريا انسان، لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ بڻيا آهن جن سنڌ ۾ مذهبي اوچ نيچ بجاءِ انسانيت ۽ وطن دوستيءَ کي ترجيح ڏني. اڄ انهيءَ گنجي ٽڪر تي هزارن جي تعداد ۾ ٽولين جي صورت ۾ وک وک تي کلي آسمان هيٺ هن ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهواسي اچي گڏ ٿيا آهن.
اچوڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

(شاهه)
ڇاهي محض اتفاق آهي جو اڄ اسين متاثرين جي صورت ۾ ڌرتي ڌڻين کي هت ٽولين ۽ لڏن جي صورت ۾ ائين ويٺل ڏسي رهيا آهيون جيئن لطيف جي دور ۾ ديس جي حالتن تي پچي کامي پڄري ڪي وطن دوست ۽ مانجهي مڙس هت اچي پناهه وٺندا هيا.؟
ڄامشوري کان سيوهڻ ۽ دادو تائين اشتياق انصاري سان هي سفر زندگيءَ جو يادگار سفر ثابت ٿيو. ڄامشوري ڪئمپن ۾ خلق خدا جي اهنجن ۽ مصيبتن ڏسڻ کان پوءِ سڄي واٽ دادوءَ تائين متاثرين جا قافله ئي قافلا گاڏين تي پنڌ، چوپائي مال سان نظر اچن پيا جيڪي اڃان ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن ڏانهن وڃي رهيا آهن. روڊ جي ٻنهي پاسي انڊس هاءِ وي تي کاڻوٺ کان وٺي سيوهڻ تائين ٻوڏ متاثرين اجها اڏي ويهي رهيا آهن سنڌوءَ جو پاڻي اچي انڊس هاءِ سان لڳو آهي ۽ مانجهند کان وٺي لڪي سيوهڻ تائين ته اهو روڊ جي ٻئي پاسي به ڇرڪيو بيٺو آهي ۽ وڌي رهيو آهي. آمريءَ جي آثارن تي به متاثرين جي هڪ ڪئمپ پاڻي جي گهيري ۾ دڙي تي نظر اچي رهي آهي جڏهن اسين آمري ٽپي لڪي ءَ ويجهو پهتاسين ته اوچتو منهنجي نظر لڪي جي جبلن تي هڪ اڇي پٽيءَ تي پئي ته مون اشتياق کي چيو ته اهو پٽو ته اتي ائين نظر نه ايندو آهي ۽ اهو ڇا ٿي سگهي ٿو.؟ شام جو وقت آهي ڪا سج جي رفليڪشن به نه آهي اڃان اڳتي هلي ئي رهيا هئاسين ته ڪيئي اهڙا پٽا لڪيءَ تي نظر اچڻ لڳا آخر اسان اهو اندازو ڪيو ته شايد لڪي تي سخت برسات پئجي رهي آهي ۽ اهي پٽا ته تيز برسات سبب مٿان لهندڙ آبشار ئي ٿي سگهن ٿا ان وقت لڪي جبلن تي هلڪو جهڙ به محسوس ٿي رهيو هو جنهن سبب جبل جو اهو حصو باقي حصي کان ڪجهه Dark نظر اچي هيو هو جڏهن لڪي جي پل پار ڪري سنڌو جو تيز ۽ وڏو وهڪرو پل تان اکين سامهون ويجهو ڏسي هيٺ لٿاسين ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي پهرين آهستي پوءِ وئي تيز ٿيندي. جڏهن لڪي جبلن جي بلڪل پاڙ سان روڊ تي هلي رهيا هئاسون ته سوين آبشار جبلن جي چوٽيءَ تان ڪرندي هيٺ روڊ تائين وهندي ڏسي رهيا هئاسين. لڪيءَ تي اهڙا منظر زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو اسين ٻئي ڏسي رهيا هئاسون. اکين تي يقين نه پئي آيو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ آبشار ايڏي وڏي اوچائي تان وڏي شور ۽ گوڙ سان هيٺ لهي رهيا هئا. اسان ڪيترن ئي ننڍن وڏن آبشارن کي ڪئميرا جي اک ۾ گاڏي تان ويهندي محفوظ ڪيو ڇو ته ٻاهر بارش پئجي رهي هئي. ڇا ته منظر هيا شايد ورهين کان پوءِ لڪي تي ايڏي برسات پئي جو ائين اسان کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ گاڏي مٿان لڪي جي چوٽين تان ڪي ماڻهو بالٽيون ڀري يا وڏن پائيپن سان هيٺ اسان ڏي پاڻي اڇلائي رهيا آهن. لڪيءَ جي اهڙن منظر اسان کي پاڻ ڏانهن ايترو ته ڇڪيو جو ڄڻ وقت بيهي ويو هجي ۽ اسان کي اهو به احساس نه پئي ٿيو ته روڊ سان گڏ درياهه ٻئي پاسي وهي پيو ۽ تيز بارش سبب آبشار هت اچي روڊ کي ٻوڙي رهيا آهن. اسان ڪوشس ڪئي ته سمورن آبشارن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيون ۽ اسان ڪيو به پر پوءِ به ڪي رهجي ويا هوندا. ايڏي برسات لڪيءَ جي جبلن تي جو صدين کان موجود لڪي ۾ آبشارن جا اهي وهڪره گس ۽ نشان پلٽا کائي وهي رهيا آهن ۽ هڪ اهڙو منظر ڏسي رهيا آهيون جيڪو شايد اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيهر ڏسي سگهون يا نه؟ اشتياق چوي ٿو ته ڪاش ڪا مووي ڪئميرا هجي ها ڪو چينل وارو هجي جيڪو انهن سمورن آبشارن جي فلمبندي ڪري سنڌ ملڪ ۽ دنيا کي ڏيکاري ها ڇو ته هي وري الائي ڪڏهن ائين وهن ۽ جي وهن به ته اسان ڏسي سگهون يا نه.هي ته محض هڪ اتفاق هيو جو اسان هينئر اکين سان ڏسون پيا. فوٽو گرافي ڪندي جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا آهيون ته برسات به تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ روڊ تي پاڻيءَ جي سطح به وڌي رهي آهي بلڪه روڊ جي ساڄي طرف درياهه جي پاڻيءَ سان ملي روڊ تي بيهي رهيو آهي ۽ هاڻي اسان جي گاڏي ڪٿي اڌ فوٽ ته ڪٿي هڪ فوٽ پاڻيءَ ۾ جهڙو ڪر درياهه جي وهڪري ۾ هلي رهي آهي ۽ سامهون تيز بارش سبب بلڪل ويجهو ايندڙ ۽ ڪراس ڪندڙ گاڏي به نظر نه ٿي اچي. گاڏين بتيون (هيڊلائٽس) روشن ڪيون آهن پر پوءِ به هڪ ميٽر جي فاصلي تي به اها روشني نظر نه پئي اچي ۽ آسمان تان پاڻي ڪير ڄڻ بالٽيون ۽ ڊرم ڀري زمين تي اڇلائي رهيو آهي. اڳتي هلڻ انتهائي مشڪل آهي پر پوئتي موٽڻ به ناممڪن. جي بيهي رهجي ته پوءِ لڙهڻ جو خطرو. سڌو سنڌوءَ حوالي، آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ سامهون ڪي 2 ڪلوميٽرن تي سيوهڻ جو شهر پر هتي ته اسين ڪي فرلانگ اڳتي نه ٿا هلي سگهون، تيز بارش روڊ تي پاڻي سامهون ايندڙ گاڏين جو ڪو اندازو نه ٿو ٿئي، هڪ هلڪو خوف ۽ پريشاني اسان جي چهرن تي واضع نظر اچي ٿو.
اشتياق پڇي ٿو ته هاڻي ڇا ڪيون؟
بيهجي رهجي، پوئتي هلجي يا ائين اڳتي هلندو هلجي؟
سائين واڳ اوهان جي وس آهي جيئن مناسب سمجهو؟
هو منهنجي اکين ۾ ڏسي ٿو شايد ڪا هلڪي پريشاني محسوس ڪري ٿو. چڱو اڳتي وڌڻ ئي بهتر آهي پوءِ ڏٺو ويندو باقي بيهڻ جو مطلب ته ڦاسڻ آهي پوءِ ته گاڏي به ڇڏڻي پوندي ۽ پوءِ جبل جي ڪڙ وٺي سيوهڻ هلي سگهبو. بارش بجاءِ گهٽجڻ جي تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ هاڻي ته بالٽيون نه بلڪه ڊرم ڀري ڪير ڄڻ هاري رهيو هجي. جبل تي آبشار وڌي اٿل کائي هڪ وڏي اڇي پٽي يا وهڪرو ٺاهي رهيا آهن ۽ اسين ڪوشش ڪيون ٿا ته انهن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيون.
مان ڊرائيونگ ٿو ڪيان تون ڪوشش ڪر ته ڪو به آبشار ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيڻ کان بچي نه وڃي. هي منظر وري ڏسڻ لاءِ ڪڏهن نه ملندو. آءٌ سوچيان پيو ته هي اهو اشتياق جاکوڙي آهي جيڪو زندگيءَ جي الائي ڪيترن ڏکين مشڪلاتن مان لنگهي پار پيو آهي سو هن مشڪلات مان به ڪڍي سيوهڻ تائين پڄائيندو. اشتياق جو سڄو زور ان تي آهي ته فوٽو ڪڍندو وڃ ۽ منهنجو زور ان تي ته تون هلندو هل نه ته سيوهڻ تائين پهچڻ ناممڪن ٿي ويندو. سنڌو ۽ لڪي آبشارن جو پاڻي پاڻ ۾ ملي صلاح ڪري انڊس هاءِ وي کي ڪيترن ئي هنڌن تان لڪائي ڇڏيو آهي. بارش اڃان به تيز ٿي رهي آهي. ايڏي برسات جو شايد اڳ ڪڏهن اسان پوندي نه ڏٺي جيڪا هن لڪي جبل جي 20 ڪلوميٽرن جي ٽڪري تي پئجي رهي آهي. اوچتو هڪ ٽرڪ بلڪل سامهون اچي وئي اشتياق انتهائي خبرداري سان گاڏيءَ کي موڙيو ۽ حادثي کان بچي وياسون. هاڻي ته سخت بارش سبب آبشار ته اڃان به تيز وهي رهيا آهن پر اسان کي نظر نه اچي رهيا آهن. آهستي آهستي هلندي هلندي لعل باغ سامهون پهتاسين جتي روڊ مٿي هيو ۽ سامهون سيوهڻ شهر هيو، سيوهڻ پهچي هڪ ٻئي ڏي گهوري رهيا هئاسين ۽ هڪ پمپ تي بيهي لڪيءَ طرف نهاري رهيا هئاسين. هي منظر هي سفر زندگي ڀر ياد رهندو ڪاش ان وقت ڪامووي ڪئميرا هجي ها. ته سموري دنيا کي لڪي تي وهندڙ سوين آبشارن جو پتو پئجي سگهي ها. مون چيو سائين لعل بچايو نه ته وڃون ها مري. اشتياق کلي ڏنو. قاسم آباد سحرش نگر وٽان سنڌوءَ جو کاٻو بند ٽٽڻ واري خطري سبب ڪيئي خاندان قاسم آباد حسين آباد لطيف آباد، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تان امڪاني خطري سبب گهر خالي ڪري ويا هيا. اشتياق انصاري به ڪي چار ڏينهن اڳ پنهنجا ٻار وٺي پنهنجي ڀاءُ اسحاق انصاري ڏي هليو ويو ۽ فيملي اتي ڪراچي ڇڏي اڄ صبح اتان دادوءَ لاءِ روانو ٿيو آهي جتي سندس پوسٽنگ آهي. آءُ به ڪجهه ڏينهن موڪل تي دادو گهر پيو وڃان رات ئي اشتياق سان ڄامشورو ۾ سنڌالاجي ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. صبح جو مان فيلڊ مان روانو ٿي ڄامشورو ڦاٽڪ پهتس ته اشتياق فون ڪئي ته هو سنڌ الاجي ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. گڏجي دادوءَ لاءِ روانا ٿياسين. ڇا ته دردناڪ منظر هيا سنڌ الاجي کان وٺي ڄامشورو پاور هائوس جي گيٽ تائين هزارين متاثرين روڊ جي ٻنهي پاسن انهي ٻن ڪلوميٽرن جي ٽڪري ۾ بي يارومددگار ويٺل نظر آيا معصوم ابهم ٻارڙا ڪي ته واقعي نوان ڄاول ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي ليٿڙيون پائي رهيا هئا يا کرڙيون هڻي رهيا هئا نه پاڻي نه کير نه دوا نه ڪو اوهي نه واهي نه سامان نه سڙو نه ڏوڪڙ نه پئسو نه ڪپڙو نه لٽو، نه ڇت نه ڇپر يا الله هي ڇا؟ هيڏو ڪيس ۽ ڪلور آخر ڪهڙو هنن جو ڏوهه؟ سامهون ڄامشوري سوسائٽي ڏي نظر ڦيرايم هزارين گهر پر سڀ بي خبر ۽ لاتعلق ڪالهه ئي سوسائٽي ڀرسان ٽول پلازه ويجهو هڪ نوجوان بک وگهي مري ويو اڄ هنن وٽ ڪير به نه ٿو اچي ڪيڏانهن ويا سنڌ جا جوڌا هوشو‏ هيمو، دولهه درياهه خان، جيڪي هر قومي ڪم ۾ اڳڀرا هوندا هئا. شاگرد نڪري پوندا هئا پر اڄ ڪير به ويجهو نه ٿو اچي هي ڇا ٿي ويو آهي سنڌي سوسائٽي کي. ايل ايم سي ۾ ڪيترا ڊاڪٽر ڪيترا وارڊ آهن ڪيتريون دوائون آهن پر هنن لاءِ ڪجهه به نه آهي. ڪير آهي صحت جو وزير؟ ڪير آهي سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ هي متاثرين ڪير آهن؟ ڄامشورو پاور هائوس ڀرسان ڪي جهوپڙيون نظر اچن ٿيون جيڪو تازو ئي ڪن متاثرين اتي موجود ديوين کي ڪٽي ٺاهيون آهن جيڪي قديم غارن واري دور جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون. هي ته شهر آهي ويجهو حيدرآباد آهي ڪراچي آهي، ايل ايم سي آهي سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽيون آهن هتي اهي منظر، مايوس ئي ڪن ٿا.
سنڌي صنعتڪار جبار ميمڻ چوي پيو ته فورن چونڊيل نمائنده پنهنجا فنڊ ٻوڏ متاثرين کي ڏين. هن چيو ته پيپلز ورڪس پروگرام جا پئسا به ملندا آهن سي به اربين رپيا ٻوڏ متاثرين کي ڏنا وڃن. صوبو پنهنجا پئسا وفاق کان وٺي جيڪي مختلف مد ۾ ان ڏي رهيل آهن سي به ٻوڏ متاثرين تي خرچ ڪيا وڃن. هن ٻڌايو ته سنڌ م 35 ارب رپيا فقط لائيو اسٽاڪ جو نقصان ٿيو آهي.
بئريسٽر ضمير گهمرو چوي ٿو ته 25/20 سيڪڙو سنڌي مڊل ڪلاس اڳتي اچي. هن ٻڌايو ته انڊس رائٽ بئنڪ تي ڪشمور کان ڪيٽي تائين هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ متاثرين جون فوري ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.
جبار ميمڻ وڌيڪ چوي ٿو ته سنڌ سرڪار قرض وٺي 20 هزار سوزوڪيون خريد ڪري روزگار واسطي ٻوڏ متاثرين ۾ آسان قسطن تي ورهايون وڃن. اسٽيل مل کان سنڌ حڪومت پنهنجي زمين واپس وٺي متاثرين ۾ ورهائي يا اسٽيل مل جي سهڪار سان متاثرين لاءِ هفتي جي ٽريننگ جو پروگرام شروع ڪري جنهن ۾ ويلڊنگ سيکارڻ کان وٺي ٻيا هنر شامل هجن ته جيئن متاثرين پنهنجو روزگار پاڻ ڪري سگهن. ڪي ٻه لک ماڻهو تيار ڪجن ته جيئن اهي پنهنجو روزگار پاڻ ڳولي سگهن. هن چيو ته هينئر نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.
اڪثر متاثرين اهو ٻڌائي رهيا آهن 6/5 ڏينهن کان هت اسان وٽ ڪير به نه آيو فقط اوهان صحافي ئي آيا آهيو.
• اڄ لاڙ ٻڏي رهيو آهي. هي اهي ماڻهو پيا ٻڏن جن سان آءٌ ساندهه ڪي چار سال گڏ رهيس انهن کي پرکيم ۽ انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيس. ٽنڊي محمد خان، ملاڪاتيار، سعيد پور ٽڪر، ماتلي، شاه ڪريم بلڙي، بٺورو، جهوڪ شريف، جاتي، سجاول، چوهڙ جمالي، ٺٽو، کور واهه، گولاڙچي، ٻارڻ ۽ بدين. انهن سڀني علائقن ۾ سخت سردين ۽ ڪاڙهن ۾ آءٌ ساڻن گڏ رهيس ۽ سموري علائقي ۾ پنهنجي نوڪريءَ جي حوالي سان ذميواريون نڀائيندو رهيس. هي سڄو علائقو منهنجي آپريشنل ايريا جو حصو رهيو آهي. سادا ماڻهو آهن، پرکين وقت جي وير ڌڪي (بلڪه کين سادگيءَ) پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. سندن زمينن جا مالڪ اڄ ٻيا آهن ۽ هي هزارين ساده لاڙي انهن وٽ نوڪر ۽ غلام بڻجي ويا آهن.