تاريخ مان سبق نه پرائڻ جا نتيجا….محمد ادريس راجپوت
هن دفعي آيل ٻوڏ هڪ مثالي ٻوڏ آهي پر تاريخ ۾ هڪ ٻي ٻوڏ جو به ذڪر آهي. جنهن کي ”ڪاري ٻوڏ“ سڏيو وڃي ٿو. اها 1942ع واري ٻوڏ آهي. جنهن ۾ سکر بيگاري بند کي چڪ ڳوٺ ويجهو کنڊ لڳو هو، جنهن جو پاڻي رستي تي ملڪ ٻوڙيندو شهدادڪوٽ پهتو هو ۽ شهدادڪوٽ کي ٻوڙي قمبر، وارهه وارو رستو ڏئي ڌامراهه ڪئنال کي لڳو هو ۽ ڌامراهه ڪئنال جي ٽٽڻ ڪري خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ کي ٻوڙيو هو ۽ پوءِ هيٺ ٻوڙ ٻوڙان ڪندو منڇر تائين پهتو هو. انهيءَ ٻوڏ جو احوال ان وقت جي هڪ انگريز سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (SDM) پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. جنهن جو ترجمو يا وچور قاضي آصف ڪاوش دنيا ۾ آچر واري ڏينهن قسطوار ڏئي رهيو آهي، هن انگريز آفيسر جو نالو راجر پيئرس هو ۽ هن وٽ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٽي تعلقا شهدادڪوٽ، قمبر ۽ وارهه هئا. راجر پيئرس مطابق ٻوڏ واري پاڻيءَ شهدادڪوٽ شهر ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ ماڻهن اهو سمجهي ورتو هو ته ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هڪڙو ته پاڻيءَ کي رستو ڏنو وڃي ته اهو تڪڙو هيٺ وهي وڃي ۽ ٻيو ته ان جو رخ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن موڙيو وڃي. هنن قمبر شهر کي بچايو هو ۽ ٻوڏ وارو پاڻي ڌامراهه واهه کي اچي لڳو هو، جتي ان جي روينيو حد پوري ٿي ٿئي ياد رهي ته انهيءَ زماني ۾ سپريو بند ڪو نه هو ۽ ڊرينن وارا سم نالا به ڪو نه هئا. ڌامراهه واهه دادو ضلعي جي حد ۾ هو، سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر دادو کي . جنهن جو نالو گالگهر هو، تار موڪلي ته ڌامراهه واهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڏنا وڃن ۽ ڪوشش اها ڪئي وڃي ته ايف پي بند کي ڪٽ هڻي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي ان جي اولهه ۾ ورائي منڇر ڏانهن نيو وڃي، پر اتي آفيسر شاهي آڏو آئي ۽ دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر انهيءَ م پنهنجي گهٽتائي سمجهي ته ٻئي ضلعي جي ايس ڊي ايم کي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏنا وڃن. گالگهر جواب ڏنو ته، ”ڪئنال منهنجي حد ۾ آهي. تنهنڪري اها منهنجي ذميواري آهي.“ هن ڌامراهه واهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهو نه ڏنا. ٻئي پاسي ڪجهه ٻيا ماڻهو ڌامراهه برانچ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، جن کي راجر پيئرس ڪٽ ڏيڻ کان روڪيو ۽ واعدو ورتائين ته هو ڌامراه واهه کي ڪٽ نه ڏيندا. تنهن کان پوءِ هو ايف پي بند کي ڪٽ ڏيڻ جي ارادي سان اتي پهتو پر پويان خبر پئي ته ڌامراهه واهه م کنڊ پئجي ويو ۽ اهو به اتان پيو، جتي ماڻهن کنڊ ڏيڻ جو سوچيو هو. ظاهر آهي ته خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ ٻڏا. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دادو جو ڊپٽي ڪمشنر گالگهر هن جي مدد ڪري ها ته ڌامراهه واهه جي پاڻيءَ جو رخ موڙي ايف پي بند کي ڪٽ هڻي اهو پاڻي ايف پي بند جي مٿان ورائي سگهجي ها. پر ائين نه ڪيو ويو ۽ دادو ضلعو ٻڏي ويو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته، وارهه شهر کي بچائڻ لاءِ هن اتر واري شاخ ۾ کنڊ هڻڻ جو چيو پر ائين ڪرڻ سان ڪجهه وڏن زميندارن جون زمينون ٻڏڻ جو خطرو هو، جن کنڊ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ شاخ تي ماڻهو ويهاريا ۽ ڪٽ نه ڏيڻ ڏنو، جنهن ڪري وارهه شهر ٻڏي ويو.
راجر پيئرس جي مٿين بيان مان تاريخي ٽن ڳالهين جي خبر پئي
(1) پاڻيءَ کي وهڻ جو رستو ڏنو وڃي ته جيئن اهو تڪڙو هيٺ وهي وڃي، يا ان جو رخ هڪڙي علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن موڙيو وڃي.
(2) سرڪاري ڪامورن انا جو مسئلو بڻائي ملڪ ٻوڙايو.
(3) زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ شاخ کي کنڊ نه ڏيڻ ڏنو، جنهن ڪري وارهه جو شهر ٻڏو.
هاڻي اچو ته ڏسون ته مٿين تاريخي سبق جي ڀيٽ ۾ اسان ڪهڙو عمل ڪيوسين ۽ انهيءَ جا ڇا نتيجا نڪتا.
ٻوڏ وارو پاڻي جڏهن جيڪب آباد مان ڦرندو ۽ بلوچستان کان موٽندو قبي سعيد خان شهر وٽ پهتو ته ان کي ٻوڙي ڇڏيائين. جڏهن شهدادڪوٽ ڏانهن وڌيو ته نادر مگسي جي ڪوششن سان ان کي رنگ بند اچي ويو ۽ شهدادڪوٽ شهر ٻڏڻ کان ته بچي ويو پر تنهن هوندي به لڏ پلاڻ ٿي. قمبر ۽ وارهه جو بچاءُ ٿيڻ کان پوءِ پاڻي وري ڌامراهه واهه کي اچي لڳو. انهيءَ جي ٻي ڇاڙ سپريو بند ۽ ايم اين وي ڊرين جي وچان هيٺ هلي. جنهن جو هي برانچ تي زور وڌو. جيئن ته ڌامراهه واهه تي پاڻي روڪڻ ڏکيو هو، تنهنڪري سپريو بند کي ڪٽ ڏئي اهو پاڻي سپريو بند ۽ ايم اين وي ڊرين مان گذارڻ کپندو هو، پر اهو ڪمپارٽمينٽ اڳي ئي ٻوڏ جي ٻي ڇاڙ ڪري جوهي برانچ تائين ڀريو بيٺو هو، جيستائين اهو پاڻي هيٺ نه لهي ها. مٿيون پاڻي ڪيئن هيٺ سلامتي سان لهي سگهي ها. معنيٰ جوهي برانچ کي ڪٽ ڏئي اهو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ وچ ۾ هيٺ موڪليو وڃي ها. انهيءَ ڪري جوهي شهر پاڻي هيٺ اچي ها. دادو جي ضلعي انتظاميه ۽ واسطيدار زميندارن، جيڪي سياسي طرح به مضبوط هئا. تن جوهي برانچ کي ڪٽ نه هڻڻ ڏنو ۽ اتان دٻاءُ نه گهٽجڻ ڪري مٿي سپريو بند ۾ کنڊ پئجي ويو. جنهن خيرپور ناٿن شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ ٽريفڪ بند ٿي وئي آهي. سپريو بند جي ٽٽڻ کان پوءِ جوهي برانچ کي کنڊ هنيو ويو ۽ اهو پاڻي پنهنجي قدرتي رستي سان هيٺ وهي پيو پر اهو زمزما فيلڊ ۽ جوهي شهر کي ٻوڙيندو. توڙي جو جوهي برانچ کي ڪٽ ته هنيو ويو پر اهو دير سان هنيو ويو، جيڪڏهن جوهي برانچ کي اڳ ۾ ئي ڪٽ هنيو وڃي ها ته ڪمپارٽمينٽ مان پريشر رليز ٿيڻ ڪري سپريو بند ۾ کنڊ نه پوي ها ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان بچي وڃي ها
رام بيئرس جي ڪتاب ۾ جن ٽن ڳالهين جو ذڪر ٿيل آهي. جن ڪري ملڪ ٻڏو، انهن ٽنهي ڳالهين تي عمل نه ٿيو، يعني پاڻيءَ کي هيٺ وهڻ جو سلامتي وارو رستو نه ڏنو ويو، سرڪاري ڪامورن ضلعي جي بنياد تي جوهي برانچ کي ڪٽ نه ڏيڻ ڏنو ۽ زميندارن پنهنجا علائقا ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ڪٽ ڏيڻ ۾ دير ڪرائي. معنيٰ ته 1942ع کان سال 2010ع تائين جي عرصي ۾ نه آفيسرن جي عادت مٽي، نه زميندارن پنهنجو رويو تبديل ڪيو. اجتماعي سوچ بدران انفرادي سوچ جو زور رهيو، قبيلائي ۽ وڏيرڪي نظام ۾ اهي شيون اڃا تائين مٽجي نه سگهيون آهن. آفيسرن ۾ به پراڻي انا، جيڪا انگريزن جي وقت ۾ هئي. سا هينئر به آهي. انهيءَ م ڪا گهٽتائي نه آئي آهي.
اهي ڳالهيون ڏسي پروفيسر ٽائن بي جي چيل اکرن جي صداقت ثابت ٿئي ٿي ته، ”تاريخ مان پرايل سبق هي آهي ته اسان تاريخ مان ڪو سبق نٿا پرايون.“
منڇر تي ڇا ٿيندو؟
ٻوڏ واري پاڻي جي آخري منزل منڇر آهي، جنهن جي سطح ذري گهٽ ٻن ڊيسيمل جي حساب سان چڙهي رهي آهي، ڪالهه اها 113.45 فوٽ هئي. ٻئي پاسي سکر بيراج تي درياهه جو وهڪرو گهٽجي رهيو آحي ۽ ڪالهه اهو ٻه لک 64 هزار ڪيوسڪ هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ منڇر جي ليول ۽ درياهه جي ليول جو فرق گهٽجي رهيو آهي. 25 آگسٽ تي اهو فرق 7.7 فوٽ هو پر ڪالهه اهو فرق گهٽجي 2.1 فوٽ رهجي ويو آهي. يعني درياهه جي ليول منڇر جي ليول کان 2.1 فوٽ مٿي آهي. اهو فرق سراسري اڌ فوٽ جي حساب سان گهٽجي رهيو آهي. انهيءَ حساب سان چئن ڏينهن ۾ ٻنهي جي ليول هڪ جيتري ٿي ويندي ۽ تنهن کان پوءِ منڇر جو پاڻي دريا ۾ ڇوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويندو، پر ڇوڙ جو مقدار تمام گهٽ هوندو، جو ٽن واهن جي گنجائش، جيڪي منڇر جو پاڻي دريا ۾ ڇوڙ ڪري سگهن ٿا، سا گهٽ آهي. اهي آهن دانستر، اڙل- منڇر ۽ اڙل- لڪي، منڇر جي بندن کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ منڇر مان ڪنهن به نموني پاڻي ڪڍڻ لاءِ سوچڻو پوندو، منهنجي خيال ۾ صورتحال ايتري خراب ناهي ۽ انهيءَ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.