تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪوٽريءَ ڏانهن وڌندڙ وهڪرو، ڪني تار ٿيل منڇر ۽ آر بي او ڊي… امداد علي سومرو

ٻوڏ هونئن ته قدرتي آفت آهي. پر اها نساني الميو تڏهن بڻجي ويندي آهي. جڏهن قدرت جي نظام سان هٿ چراند حد کان وڌي وڃي ۽ جڏهن انسان قدرت جي نظام ۾ حد دخليون ڪرڻ لڳي. ٻوڏ جي عام وهڪرن ۾ به سنڌوءَ جون ڇوليون ڪنهن کان جهليون ناهن ٿيون. هن وقت به سنڌو مان جيڪا ٻوڏ گذري رهي آهي، ان بابت هر ماهر جو چوڻ آهي ته اهڙي ٻوڏ سوين سالن جي تاريخ ۾ سنڌو ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي آئي. وڏڙن واتان اسان 1942ع واري ٻوڏ جو ذڪر ٻڌندا رهندا آهيون ۽ ان ٻوڏ کي ڪاري ٻوڏ چئي ياد ڪيو ويندو آهي، پر هن ٻوڏ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سمورن ماهرن ۾ اتفاق آهي ته هيءَ سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بدترين ٻوڏ آهي. يعني 1942ع واري ڪاري ٻوڏ کان به وڏي ٻوڏ آهي.
هن وقت سنڌو خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب بعد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪا تباهي پکيڙي ڊيلٽا ڏانهن وڌي رهيو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته ماضي جي مقابلي ۾ سنڌو جي ڪيچمينٽ ۾ هر سانوڻي جي مينهن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ وٺل برساتون آهن ته ان کان به وڏو ڪارڻ سنڌو اندر ڪيل حددخليون ۽ سنڌو جي نظام سان ڪيل هٿ چراند آهي. جنهن قدرتي آفت جو زور ۽ اثر ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو سنڌو جي پاڻي کان نه ڪي بلوچستان جا علائقا محفوظ آهن نه ڪي سنڌ جا مٿانهين وارا ضلعا بچي سگهيا آهن. امڪان اهي به آهن ته نه ڪي سنڌو جي ڇولين کان حمل ڍنڍ محفوظ رهي سگهندي. نه ڪي منڇر ڏانهن وڌندڙ وهڪرا ان کي بچائي سگهندا. سنڌو ۾ حد دخلي ۽ هٿ چراند سالن کان جاري هئي ۽ اڃا تائين جاري آهي، پر ڪنهن به حڪومت ڪنهن به وس واري ان معاملي تي ڪڏهن آواز نه اٿاريو. ڪنهن به اسيمبلي ان جي حوالي سان قانونسازي نه ڪئي ۽ نتيجو اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. پهرين ته سنڌو جي ڪناري تي آباد ٻيلا، پوءِ اهي گلگت- بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي حدن ۾ جهنگن جي صورت ۾ هجن يا پنجاب ۽ سنڌ اندر هجن، انهن جو ڪڏهن تحفظ ئي نه ڪيو ويو ۽ سنڌو جي ٻنهي ڪنارن تان وڻ وڍي، ٻيلا پٽي چٽ ڪيا ويا ۽ سنڌو جي ڪنارن کي ٺوڙهو ڪيو ويو، جنهن ڪري هيلوڪي ٻوڏ جو پاڻي بي قابو ٿي ويو، ٻيلا درياهه جي بندن جو ڪم ڪندا آهن. درياهه جي وهڪري ۽ ڇولي جو زور ٽوڙيندا آهن ۽ پاڻي جي رفتار گهٽائيندا آهن. جنهن ڪري دريائن جي مستي انهن ٻيلن ۾ داخل ٿيڻ بعد اڌو اڌ ختم ٿي ويندو آهي ۽ درياهه ڪچي کان ٻاهر نڪري ناهن سگهندا. زور آور ناهن رهندا ۽ ٻيلن جي موجودگي ۾ ٻوڏن جو خطرو اڌو اڌ گهٽجي ويندو آهي. پر ڊيلٽا کان ويندي ڪالاباغ تائين جتان سنڌو ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿو، اتان سفر ڪريو ته خبر پئجي وڃڄي ٿي ته سنڌو جا ٻئي ڪنارا خالي آهن. وڻن نالي اتي ڪا به شيءِ ناهي، ٻيلن جو نالو نشان ئي ڪونهي ۽ زور آور سنڌو يا تبتين جي زبان م شير درياهه جي ڇولين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مٽي جا بند باقي بچيا. جيڪي به انتهائي ڪمزور حالت ۾ هئا. جنهن ڪري سنڌو کي ڪچي ۾ داخل ٿيندي ان جو زور ٽوڙڻ وارا وڻ موجود نه هئا ۽ ڇولين بندن کي ڪک پن ڪري اڏائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو، جيڪو اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ م ته بندن ۽ ٻيلن جي حالت پنجاب کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان کان پوءِ حددخلين تي اچو ته سنڌو جهڙي درياهه ۾ جيڪي اڏاوتون ڪيون ويون ، اهي ان جي تاريخي وهڪرن ۽ هاءِ بئنڪس يعني آخري ڪنارن کي نظر انداز ڪري ڪيون ويون. پوءِ بئراجن جي اڏاوت هجي يا بندن جي، پلون هجن يا آر بي او ڊي (ٽو) جهڙا منصوبا ڪٿي به سنڌو مٿان اڏاوت ڪندي دريائن بابت عالمي اصولن ۽ قانونن کي خاطر ۾ نه آندو ويو ۽ هر سال درياهه اندر ڪا نه ڪا حد دخلي ڪئي وئي. ڪچي م زرعي بند ۽ ڪيٽين کي بچائڻ لاءِ جوڙيل هٿرادو بند انهن کان سواءِ آهن،ز رعي بند يا ڪيٽين جا بند ته خير انفرادي ڏوهن ۾ شامل ٿين ٿا، پر جيڪي حڪومتي سطح تي درياهه اندر حد دخليون ڪيون ويون انهن جو حساب ڪيو ڏيندو؟
هتي اهو به واضح ڪندو هلجي ته دريائن بابت عالمي اصول ۽ قانون انسان نه، پر دريائن جا وهڪرا پاڻ متعين ڪندا آهن ۽ دريائن جا هاءِ بئنڪس درياهه جي آخري چاڙهه کي نظر ۾ رکي وجود ۾ آندا ويندا آهن، يعني درياهه سڀ کان وڏي چاڙهه دوران ڪيستائين پاڻي جي ڇر ڪئي؟ جيستائين درياهه ڇر ڪندو، اهو علائقو درياهه جي حد تصور ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان سنڌو جا آخري ڪپر يا هاءِ بئنڪس ٻنهي پاسي گهٽ ۾ گهٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ ويهه ميل آهن. پر اسان جيڪڏهن سمورن بئراجن ۽ پلن جو جائزو وٺون ته ڇاا اهي درياهه جي ڪپرن کي نظر ۾ رکي اڏيا ويا آهن يا نه؟
وڏي ۾ وڏي پل يا بئراج جي ڊيگهه ٽي ڪلوميٽر مس هوندي، يعني پلن يا بئراجن وارن علائقن مان درياهه جو ميلن ۾ پکريل وهڪري کي هڪ ڏيڍ ميل تائين سوڙهو ڪري گذارڻ جي حماقت مسلسل ٿي رهي آهي. جنهن سبب درياهه جا وهڪرا رڪجي وڃن ٿا ۽ ڪنڌين تي وهڪرن جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو. جنهن سان درياهه ڪنڌين، پلن، روڊن ۽ رستن تي ٽڪر هڻي رستو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪٿان ڪو بند لڙهي وڃي ٿو، ڪٿي ڪنهن بئراج لاءِ خطرو پئدا ٿي وڃي ٿو، (جيئن سکر بئراج تي ٿيو) ۽ ڪٿي درياهه پنهنجي پيٽ مان وڏا بند توڙي اڏيل روڊ لوڙهي وڃي ٿو. جيئن دادو- مورو روڊ کي درياهه بادشاهه جو پاڻي لوڙهي ويو آهي. صاف نظر اچي رهيو آهي ته اهڙا منصوبا اڏڻ وقت درياهه جي چاڙهه ۽ آخري وڏي وهڪري کي نظر ۾ ناهي رکيو ويندو. جيڪڏهن دريائي وهڪرن يا درياهه جي حدن کي نظر ۾ رکي ان قسم جا منصوبا اڏيا وڃن ها ته شايد جيڪا تباهي اڄ سنڌ سميت ملڪ جا ٻيا صوبا ڀوڳي رهيا آهن ان جي شدت تمام گهڻي گهٽ هجي ها. دريائن تي پلون ٺاهڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ درياهه بادشاهه جي پيٽ ۾ جيڪي بند ٻڌي روڊ اڏيا وڃن ٿا، انهن روڊن جي هيٺان ڪجهه ڪجهه وٿي تي ننڍيون ننڍيون موريون به جوڙيون وڃن ها ته اڄ درياهه هڪ هفتي تائين دادو- مورو پل وٽ يا مٿي لاڙڪاڻو- خيرپور پل وٽ ڦاٿل نه رهي ها. عام حالتن ۾ سنڌو جا وهڪرا سکر کان نڪرڻ بعد ڪوٽري بئراج يعني ڄامشوري واري پل تائين 78 ڪلاڪن يا وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن ڏينهن تائين پهچي ونيدا آهن. اڄ ڏيڍ هفتو گذري وڃن باوجود وڏو وهڪرو ڪوٽڙي بئراج تائين ناهي پهتو ۽ آخري اطلاعن مطابق سکر مان هليل ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ پاڻي مان پوڻا چار لک ڪيوسڪ پاڻي به ڪوٽڙي بئراج تائين مس پهتو هو. يعني جنهن وهڪري کي چار پنج ڏينهن اڳ ۾ ڪوٽري بئراج وٽان لنگهڻو هو، اهو وهڪرو رستي ۾ مختلف هنڌن تي سنڌو ۾ ٿيل حد دخلين سبب ڦاسندو اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ درياهه کي جيڪا رواني گهرجي. اها ان کي نه پئي ملي. نتيجي ۾ درياهه جو بندن تي دٻاءُ وڌڻ سان بند ٽٽڻ سبب وڏن وڏن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو به وڌي رهيو آهي.
مٿي دادو- مورو ۽ خيرپور- لاڙڪاڻو پل جو مٿاڇرو احوال لکي آيو آهيان پر ان کان هيٺ درياهه سيوهڻ پهچڻ بعد درياهه ڇو ڦاسي پيو، اتان ڇو درياهه جي وهڪرن لنگهندي ڏينهن لاتا آهن، ان جو ڪارڻ ٻڌائڻ کان اڳ مان موسميات کاتي جي فلڊ فورڪاسٽ ڊويزن جي انهن اڳڪٿين بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جيڪي انهن سنڌ ۾ ٻوڏ جي داخل ٿيڻ بعد بئراجن ۽ خاص ڪري ڪوٽري تائين وهڪرن جي پهچڻ جي حوالي سان ڪيون. سڀ کان پهرين اها وارننگ ڏني وئي ته سکر مان گذرڻ بعد پاڻي جا وڏا وهڪرا يعني سپر فلڊ نائين ۽ ڏهين آگسٽ تائين يعني هي سٽون لکڻ کان اٺ ڏينهن اڳ ڪوٽڙي بئراج تي پهچندا ۽ پهرين وارننگ مطابق پهريون وڏو وهڪرو 14 هين آگسٽ تي سمنڊ ۾ وڃي ڪرڻو هو، خيرپور- لاڙڪاڻي ۽ دادو- مورو پل کانسواءِ سکر کان دادو- مورو پل تائين ڪيتريون ئي ڪيٽيون آهن، جن جي بندن به پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون، سيوهڻ کان هيٺ ته ڪا ڪيٽي ناهي. ڪا پل ناهي. پوءِ اتي ڇو پاڻي بيهي رهيو ۽ ڇو وهڪرا ڦاسي پيا؟ هيءُ اهو سوال آهي. جيڪو اڪثر ماڻهن جي ذهنن ۾ آهي. ان سوال جو جواب آر بي او ڊي منصوبو آهي. آر بي او ڊي (ٽو) ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کان هيٺ درياءَ سان گڏوگڏ هلي ٿو. ان منصوبي تي 30 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، پر لڳي ٿو ته هن ٻوڏ ۾ اهي 30 ارب رپيا ان ڪري ٻڏي وڃڻ جا امڪان آهن، جو ڊزائين ئي غلط ڪئي وئي. ان سان نه رڳو سنڌو سوڙهو ٿيو، بلڪه ان ڪيترن ئي اهڙن ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن ٻڏا. الله ڪري اهي شهر بچي وڃن، پر ان منصوبي جو حساب سنڌ جي آبپاشي ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس کان نه وٺڻ سنڌ سان تاريخي زيادتي هوندي، جن ماهرن ايم اين وي ڊرين ذريعي پهرين منڇر ڍنڍ جهڙي مٺي پاڻي جي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ کي گدلو ڪري لکين ميربحرن کي دربدر ڪري ڇڏيو. انهن ئي ماهرن ۽ انهن جي پيروڪار ماهرن وري هڪ نئين سازش سٽي سنڌو کي سوڙهو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. جنهن تحت ايم اين وي يعني مين نار ويلي ڊرين ذريعي منڇر ۾ ڇوڙ ٿيندڙ گدلي پاڻي کي رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (ٽو) يعني آر بي او ڊي ٽو ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي.
هن منصوبي لاءِ ايم اين وي يعني ڇنڊڻ جو پاڻي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ عبدالله شاهه جي دور ۾ جوڙيل انڊس لنڪ واري منصوبي کي به روڪيو ويو. انڊس لنڪ بنيادي طور تي اڄ جهڙين حالتن ۾ جڏهن منڇر نئين گاج ۽ ٻين جابلو نئن جي وهڪرن سبب ڀرجي ويندي آهي. ان ۾ ڇنڊڻ جو پاڻي پوڻ سان منڇر جي سطح خطرناڪ حد تي پهچي ويندي آهي. جيئن اڄڪلهه پهتل آهي. ان ڪري منڇر جي سطح کي مينٽين رکڻ لاءِ انڊس لنڪ جو منصوبو اڏيو ويو ته جيئن منڇر جي ڪني تار ڀرجي وڃڻ بعد انڊس لنڪ ذريعي ڇنڊڻ جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي ٻوڏ جي حالتن ۾ جڏهن سنڌو تار ٿي ويندو آهي ته منڇر جا ڪئنال يعني اڙل ۽ دانستر ابتا وهڻ شروع ڪندا آهن ۽ منڇر جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران آهي ڪئنال سنڌو جو پاڻي منڇر ۾ کڻي ويندا آهن. جنهن ڪري انڊس لنڪ جو متبادل منصوبو جوڙيو ويو هو. گهڻي ڀاڱي اهو منصوبو مڪمل ٿي ويو هو، پر آخري حصي ۾ اچي مشرف حڪومت ۾ آر بي او ڊي (ٽو) جو موتمار منصوبو جوڙيو ويو ۽ انڊس لنڪ جو ڪم ڪرمپور وٽ بند ڪري اتان کان آر بي او ڊي (ٽو) کي کوٽڻ شروع ڪيو ويو. سيوهڻ کان سمنڊ تائين نالي هن منصوبي جي اڏاوت شروع ڪرڻ وقت ڪل لاڳت 14 ارب رپيا ٻڌائي وئي. بعد ۾ ان جي لاڳت منهنجي اطلاعن مطابق 34 ارب رپيا ٿي وئي ۽ منصوبي تي سٺ کان ستر سيڪڙو رقم خرچ به ڪئي وئي. ان هوندي به منصوبي جو ڪٿي به ڪو وڏو اسٽرڪچر مڪمل ناهي ٿيو ۽ ڪاغذن ۾ آر بي او ڊي (ٽو) جو سٺ سيڪڙو ڪم مڪمل ڄاڻايو ويو. سٺ سيڪڙو مڪمل ٿيل ڪم جي نالي ۾ ڀڳي ٽوڙي کان وٺي گهاري ڪريڪ تائين سنڌو جي ساڄي ڪنڌي تي مٿي جا وڏا ڍير ڪري رکيا ويا آهن ۽ ڊرين جي کوٽائي ڪئي وئي آهي. جيڪا ٻوڏ جي هن صورتحال ۾ اهي تباهيون آڻيندي، جيڪي تباهيون شايد 2003ع ۾ ايل بي او ڊي جي ڪري لاڙ ۾ آيون هيون. آر بي او ڊي (ٽو) جو منصوبو سنڌو جي ڪناري سان سنڌو جي هاءِ بئنڪس کي نظر انداز ڪري ڊيزائن ڪيو ويو. جڏهن ته سيوهڻ کان هيٺ ٻوڏ جي حالتن ۾ سنڌو کاٻي پاسي به ڪيترن ئي ميلن تائين پکيڙ ڪري ويندو آهي. آر بي او ڊي (ٽو) جو گهڻو حصو سنڌو سان لڳو لڳ ڊيزائين ڪيل آهي. خاص ڪري ڀڳي ٽوڙي کان ڄامشوري تائين ۽ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ساڄي ڪنڌي وارا سمورا وڏا شهر آمري. سن، مانجهند ۽ ٻيا درجنين ننڍا وڏا ڳوٺ آر بي او ڊي (ٽو) جي بند ۽ سنڌو جي وچ ۾ آهن. جنهن ڪري هن وقت مانجهند ۽ سن شهر ته پاڻي جي گهيري ۾ آهن ۽ پاڻي آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن سبب ڇر ناهي ڪري سگهيو، ان ڪري انهن شهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪي اڳ شايد ئي ڪڏهن ٻڏا هجن، پهرين ته جڏهن مون اها خبر رپورٽ ڪئي ته وڏن وڏن ماهرن ترديدون ڪيون ته آر بي او ڊي (ٽو) سبب ڪا تباهي نه ٿيندي، نه ئي سنڌو جا وهڪرا هن ڊرين جي بندن کي لوڙهيندا پر جيئن ئي سنڌو جي وهڪرن آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن کي لوڙهڻ ۽ ان سبب پاڻي ڳوٺڻ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيو ته انهن ماهرن کي چپ لڳي وئي آهي. ڇو ته سنڌو سان اهڙو ڪيس ڪرڻ بعد اهي چوندي نه پئي ٿڪا ته آر بي او ڊي (ٽو)/ تباهي نه ڪندي؟ ڀلي هو ڀڳي ٽوڙي کان مانجهند تائين سفر ڪري ڏسن ته اتي آر بي او ٽي (ٽو) ڪهڙا راڱا ڪيا آهن. اڃا ته اهو پاڻي جڏهن ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچندو ته ان جي پويان آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن سبب ڄامشوري جو جيڪو حشر ٿيندو، اهو به ڏسڻ باقي آهي. منهنجي دعا آهي ته ڄامشوري کي الله آر بي او ڊي (ٽو) جي تباهين کان محفوظ رکي. ٻي صورت ۾ پاڻي سپر هاءِ وي کي ٻوڙي وڃي ڪراچي واهه سان گڏوگڏ نه ڄاڻ ڪيستائين تباهي پکيڙيندو. ڇاڪاڻ ته آر بي او ڊي جو سم نالو ڄامشوري ڪالوني ۽ ڦاٽڪ جي آبادي جي وچان ڪڍيو ويو آهي. سپر هاءِ وي تائين بند جا ڍير ته ڪيا ويا آهن. پر سپر هاءِ وي وارو حصو اڃا ناهي ٺهيو، ان ڪري بند سان ٽڪرائجي پاڻي ڄامشوري ڪالوني کي ٻوڙي سگهي ٿو ۽ ان بعد سپر هاءِ وي ۽ ڪراچي واهه جي بندن جي وچان گذري نه ڄاڻ ڪيستائين وڃي پهچندو. هن وقت سنڌو، جيڪا به تباهي پکيڙي آهي. ان جو ڪارڻ سنڌو اندر حد دخلي آهي. ان ڪري جهوپڙي اڏڻ وقت به خيال ضرور رکڻ گهرجي ته سنڌو رحم دل سان گڏ هڪ زور آور درياهه به آهي. جنهن سئو سالن دوران پنهنجي حدن اندر ڪيل حددخلين لوڙهي ڇڏيون آهن. سرڪار ۽ وس وارا هن ٻوڏ کي سبق بنائي مستقبل جي رٿابندي ڪن ته جيئن اڳتي سنڌو ڪا ايڏي تباهي نه آڻي، ويندي ويندي ڏاهن جي هڪ ڳالهه ورجائيندو هلان ته هڪ صدي ۾ ڏهه سال ڏڪار جا ۽ ڏهه سال ٻوڏ جا هوندا آهن. ڏڪار وارا ڏهه سال اسان ڀوڳي چڪا آهيون. ٻوڏ وارن ڏهن سالن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان ڪري ٻوڏ متاثرن جي واهر سان گڏ درياهه کي بحال ڪرڻ جو به ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو وڃي ته جيئن آئندا امڪاني ٻوڏ جي تباهڪارين کان سنڌ کي محفوظ بنائي سگهجي.