ڪڇان ته ڪافر دريا بادشاهه جي واپسي ۽ شهيد ڀٽي جو دور…. لياقت عزيز
انسان ته ڪنهن به موسم تي راضي نٿو رهي. جيڪڏهن اونهارو نه اچي ته ماڻهو ڏکن جي گرمي ڪيئن محسوس ڪري؟ اونهاري جي موسم ۾ انب پچن ٿا، ماڻهو پنهنجي دوستن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ سرندي وارن کي انبن جون پيٽيون پهچائين ٿا. ڪي قربدار دوست قرب ۽ سڪ سان انب پهچائيندا آهن، ڪي مجبوري وچان پهچائيندا آهن ته من يار راضي ٿين، اهي يار جيڪي سڻڀين ڪرسين تي هوندا آهن، يا جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن يار جو مطلب هوندو آهي. مطلب نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي يارن کي انب جيان چوسي گندگيءَ جي ڍير تي اڇلائيندا آهن، ائين زندگيءَ جو ڪاروان هلندو رهي ٿو.
سياري جي موسم ۾ ٿڌ پوي ٿي، ته هرڪو ماڻهو ٿڌو ٿي وڃي ٿو. سياري جي رات ڊگهي هوندي آهي، انسان مزي سان ننڊ ڪندا آهن، پر ايڏي ننڊ به نه ڪرڻ گهرجي، جو ڪير پيرن مٿان پيل سوڙ لاهي وٺي، سياري جي ڊگهي رات ۾ خبردار رهڻ کپي، هن موسم ۾ غفلت جي ننڊ سمهڻ ڪري سڀ ڪجهه چوري ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، ان ڪري ماڻهو چوڪيدار رکندا آهن، ته اهو چوڪي ڏيندو رهي ۽ هوڪو ڏيندو رهي، سياري ۾ اونچن ڊگهن پهاڙن تي برف ڪري ٿي ۽ پهاڙ ڄمي وڃن ٿا. سياري کان پوءِ سرءُ جي مند ايندي آهي، ٽاريون ٽٽنديون آهن. پن ڪرندا آهن، پر مضبوط ٿڙ باقي بچندو آهي، وري بهار جي موسم ايندي آهي، وڻن ۾ ٻور ٿيندو آهي، پن ساوا ٿيندا آهن، گل ڦٽندا آهن، جن جي سرهاڻ سان هر هنڌ خوشبو خوشبو هوندي آهي، جيڪا گدلاڻ جي جاءِ والاريندي آهي.
چڪر جيان ڦري وري اونهارو ايندو آهي، سج جي تپش سان برف ڳرندي آهي. سنڌ ۾ پنهنجي سانڀر ۾ مون پرائمري تعليم دوران ٻوڏ ڏٺي، جڏهن دريا جا بند ٽتي پيا هئا ۽ پاڻي ٽنڊو محمد خان جي ويجهو ٽنڊو سائينداد وٽ پهتو هو. سڄو شهر خوف ۾ مبتلا هو، ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ مسجدن ۾ دعائون گهريون ويون. ان وقت سڀ کان وڌيڪ کٽڪو سرندي وارن کي هوندو هو. ان کان پوءِ مون ٻوڏ جو پاڻي 1973ع ۾ ڏٺو هو، جڏهن سنڌو دريا ۾ ڪابل ندي جو پاڻي ڪابل مان آيو هو ۽ ڀارت مان وهندڙ چناب نديءَ جو پاڻي پڻ سنڌو ۾ داخل ٿيو هو، ان وقت پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو سربراهه هو، هو جيڪو بنگالين کي ”حق حاڪميت“ نه ڏيڻ ڪري مشرقي پاڪستان جي عليحدگي کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جو سربراهه ٿيو، سنڌ ۾ آبپاشي ۽ بجلي جو ايڊوائيزر مير اعجاز علي خان ٽالپر هو ۽ سيڪريٽري آبپاشي عبدالوهاب شيخ هو، جيڪو هن وقت گورنر سنڌ جو ايڊوائيزر آهي. عبدالوهاب شيخ به ادريس راجپوت جيان سنڌ جي مٽي سان محبت ڪئي آهي. شهيد ذُالفقار علي ڀٽو سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي پيش نطر هيلي ڪاپٽر، ڪار، ٻيڙي ۾ سفر ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي پنڌ به بندن جو معائنو ڪيو. ٻوڏ جي پاڻي صرف ڪچي جي علائقن کي ٻوڙيو، ان جي سار سنڀال لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون ويون. ماڻهن کي رڌ پچاءُ جي سامان سان گڏوگڏ دوائون ۽ رهڻ لاءِ تنبو پڻ فراهم ڪيا ويا، اهڙي طرح سنڌو جو پاڻي ڪنهن وڏي نقصان پهچائڻ کانسواءِ سمنڊ جي پيٽ ۾ آرام سان هليو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مستقل طور تي پاڪستان جي ٻين وفاقي وحدتن سان گڏ سنڌ کي بچائڻ لاءِ هڪ مستقل منصوبو جوڙيو، جنهن ۾ بندن کي پٿرن سان مضبوط ڪرڻ، انهن مان نڪرندڙ ڪينالن، واهن، شاخن ۽ اڏن کي پڪو ڪرڻ شامل هو، ڪجهه واهن جي ڪنارن تي پڪا رستا پڻ ٺهيا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سڀ کان وڏي اها خوبي هئي، جو رات جو ڪنهن وقت فون ڪري صوبائي وزيرن، مشيرن کان سنڌ جي عوام جي مسئلن متعلق ڄاڻ حاصل ڪندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي انهيءَ فوجي ڪمانڊر ان چيف هٽايو، جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سينيئر جنرلن کي ڇڏي ترقي ڏيئي فور اسٽار جنرل بنايو، پاڪستان جي 63 سالن جي دور ۾ ٽيهه سال فور اسٽار جنرلن، يعني ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف حڪومت ڪئي.
اڄ خيبر پختونخواهه جا گهڻا علائقا ٻڏي ويا آهن ۽ پنجاب ۽ سنڌ جا به ڪيترا علائقا ٻوڏ هيٺ اچي ويا آهن سنڌو درياهه موجون هڻندو سمنڊ ۾ لهندو وڃي. هڪ عجيب قدرت جو رنگ آهي، دريا کي هٿرادو زنجيرون وجهڻ وارن جي ڪوششن جي باوجود دريا بادشاهه جهل نٿو ڏي.
مالڪ ڪائنات کان اهائي دعا آهي ته شال سنڌو دريا ائين ئي وهندو رهي ۽ سنڌ آباد ٿئي. بقول لطيف سائين:
”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“