ٻه اکر
جيڪي سنڌ سان ٿيو
07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
انساني تاريخ جو هي سڀ کان وڏو الميو به اڳيئي ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جي حصي ۾ آيو. گڏيل قومن جي سربراهه سميت، عالمي نشرياتي ادارن ۽ ٻين ايجنسين ايڏي وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ، تباهي ۽ نقصان کي ڏسي هن سانحي کي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ ڏکوئيندڙ سانحو ۽ الميو قرار ڏنو.
سنڌ واقعي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ايڏو نه ڀوڳيو هوندو جهڙو 2010 جي مها ٻوڏ ڪري ڀوڳيو. سوين ماڻهو لڙهي سنڌوءَ جي لهرن حوالي ٿيا. اک ڇنڀ ۾ هزارين ڳوٺ، وستيون واهڻ، شهر خالي ٿي ويا ۽ سندن هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال به لڙهي ويو. سڄي زندگيءَ جي گڏ ڪيل موڙي اک ڇنڀ ۾ لڙهي لهرن حوالي ٿي وئي. لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. سندن اکين اڳيان گهر محل، ماڙيون، دوڪان، ڪارخانه ۽ ٻيون جايون لڙهي رهيون هيون. اسڪول، روڊ، رستا، پليون، ڪئنال ، واهه، شاخون سڀ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. فقط سر بچائي ماڻهو بندن، ٿلهن، ٽٻن، ڇتين، وڻن، پهاڙن، پلين ۽ ٻين مٿانهين هنڌن تي پناهه لاءِ پهچي ويا. لکن جي تعداد ۾هي بي يارومددگار ڌرتي ڌڻي واقعي فقط پنهنجو سر بچائڻ لاءِ هٿين خالي گهرن مان نڪري سگهيا. سندن ووٽن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت کي پنهنجي ئي هڪ اتحادي ڌر ان سموري سانحي دوران بجاءِ متاثرين جي مدد ڪرڻ جي، وزارتون ڇڏڻ، گورنري ڇڏڻ، انقلاب، مارشلا، ٽيڪس ۽ ٻين معاملن ۾ ڌمڪائي، هيسائي، منجهائي، بليڪ ميل ڪري ساڻو ۽ موڳو ڪري ڇڏيو ۽ هو اقتدار وڃڻ جي خوف کان بجاءِ پنهنجي ماڻهن، ووٽرن ۽ مصيبت جي ماريل انسانن جي هن ڏکي ۽ مشڪل گهڙيءَ ۾ پرگهور، سهائتا ۽ حقيقي سار لهڻ ۽ واهر ڪرڻ جي 90 نائين زيرو جي ياترا ڪرڻ ۽ کين هر طرح سان خوش رکڻ۾ پورا هيا ۽ ٻئي پاسي هي ڌرتي ڌڻي، سندن ووٽر ۽ شهيد راڻيءَ جا سپاهي پاڻيءَ ۾ لڙهي رهيا هئا ۽ ڪئمپن ۾ بک ۽ بيمارين سبب مري رهيا هئا.
سنڌ جا ماڻهو هڪ وڏي الميي ۽ سانحي پٺيان هڪ ٻيو سانحو ڏسي رهيا هئا. يعني وس وارن جي بي حسي ۽ سانگ سياست جا ۽ افعال وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جا، لکن جي تعداد ۾ (اڌ سنڌ) ڌرتي ڌڻين ٻه عيدون ڪئمپن ۾ سڏڪن، لڙڪن، آهون، دانهن ۽ ماتم ۾ گذاريون. سندن اکين اڳيان علاج نه ٿيڻ ۽ ڪئمپن ۾ سهوليتون نه هئڻ سبب پنهنجا پيارا مرندي ڏسي رهيا هئا. معصوم ٻالڪ کير لاءِ تڙپي رهيا هئا. عورتون حمل دوران مري رهيون هيون. گيسٽرو کانئن حياتي کسي رهي هئي . شروع ۾ ڪئمپن ۾ گهٽ، ٻوسٽ، گرمي، بک ۽ بيمارين سندن ساهه ڪڍيو ۽ بعد ۾ سخت سيءُ ۽ برساتن به کين سٽي کانئن خوب پلاند ورتو. سندن مٿان لڳل ٽينٽ ٽمي رهيا هئا، نه ڪمبل نه بوڇڻ، نه راشن نه دوائون، ڪيترن ئي هنڌن تي ته متاثرين پنهنجي گلن جهڙن معصوم ٻارن ۽ پيارن ۽ پاڻ مٿان سخت سيءُ کان بچڻ لاءِ پلال وجهي راتيون جاڳي گذاريون. هن جديد دنيا ڏکويل سنڌ جا هي منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ سياست جي سانگن ۽ بي رحمين ڪري ڪنهن ۾ به همت نه ٿي جو صحت جي اتحادي وزير کان پڇاڻو ڪري ته علاج نه هئڻ سبب هي خدا جي خلق مري رهي آهي سو ڇو؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو سنڌ جي فضائن ۾ هيليڪاپٽر تي لاماره ڏيئي رهيو هو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهتل هزارين ڌرتي ڌڻي ننڌڻڪا ۽ خوف واري صورتحال ۾ ڪئمپن ۾ هيسيل، مايوس، پريشان، بدحال، بي حال ۽ بي يارومددگار واڙيل هئا. سندن ڪو به وس نه پيو هلي، جيڪي کين مليو ۽ جنهن جيڪو ڏنو سو سندن لاءِ غنيمت. هنن جون اکيون هر وقت انهن چهرن کي ڳولينديون ۽ تاڙينديون رهيون جيڪي سندن ئي ووٽ سبب سوڀارا ٿي ميمبر ۽ وزير بڻيا، پرکين ڪو به نظر نه آيو.
ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين هنڌن تي هنن متاثرين لاءِ آيل سامان پئي پراڻو ٿي ويو ۽ بعد ۾ اڇلايو ويو ۽ سيءُ کان بچڻ لاءِ آيل ڪمبل ۽ ٻيا بوڇڻ به وس وارن کان وسري ويا ۽ سامان سان ٿيل ڪنٽينر بندر گاهه تي بيٺا/ پيل رهيا.
لکين ماڻهن کي بي رحم سياست جي آڙ ۽ نعريبازي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين هنڌن تي وڃڻ لاءِ اُڪسايو ويو ۽ جڏهن هو اٻوجهه ۽ مصيبتن جا ماريل اُت پهتا ته ساڻن دوکو ئي ٿيو ۽ اهي ڪردار ئي گم هيا جن کين سبز باغ ڏيکاري سوين ميل ڏور پهچايو. واقعي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چواڻي ته سياست جي اندر ۾ دل نه هوندي آهي. شايد اهو سچ هجي، ورنه مصيبت جي ماريلن، لٽيل ۽ ڦريل قافلن سان ڪير اهڙي مذاق نه ڪري ها، يا شهيدن سان اهڙي مذاق جي ڇا ضرورت هئي؟
هنن اکين گنجو ٽڪر حيدرآباد، ڄامشورو، ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻو، خيرپور، جوهي، ميهڙ، رتوديرو، سيوهڻ، ڪاڇو ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي ڪئمپن ۾ پهتل ڌرتي ڌڻين جي جيڪا حالت ڏٺي سا قلم سان لکڻ کان قاصر آهيان ۽ جيڪي داستانِ غم ۽ قصه ٻڌا سي هانءُ ڏاري وجهن ٿا.
هزارين اسڪول، ڪاليج تباهه ٿيا يا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا ۽ سنڌ جو مستقبل به ڄڻ انهن سان گڏپاڻيءَ هيٺ اچي ويو. لکين شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا. بيشمار ٻار توڙي ٻڍا لڏپلاڻ، ڀاڄ ۽ سفر دوران پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا. لکين دل جا مريض، بڪين جي عارضي جا مريض ڪئمپن ۾ علاج کان محروم ٿي رهجي ويا.
ميڊيا رپورٽن ۾ اچي رهيو آهي ته بااثر ماڻهن جون اوطاقون اڃان تائين متاثرين جي لاءِ آيل امداد جي سامان سان ڀريون پيون آهن. سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ Bad governance خراب حڪمرانيءَ جو شايد سڀ کان وڏو تجربو ڏسي چڪي آهي.
عالمي ادارن اهي ڳالهيون به ميڊيا تي آنديون آهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڏو نقصان هر حوالي سان سنڌ جو ئي ٿيو پر سنڌ ئي عالمي ادارن کي صحيح، درست ۽ وقتا انگ اکر ۽ تفصيل ڏيڻ ۾ دير ڪئي آهي جنهن سبب متاثرين جي حقيقي واهر ۽ امداد نه ٿي سگهي. ائين ڇو ٿيو؟سنڌ جو والي ٽوڙي وٽان لڳل گهاري کان وٺي اڃان تائين اهو چوندو پيو اچي ته ”شڪر آهي سنڌ ۾ ايڏو وڏو جاني نقصان نه ٿيو آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وغيره وغيره“ ڇا ائين سنڌ جي واليءَ کي چوڻ گهربو هو؟
اڃان تائين لاش ملي رهيا آهن. پاڻيءَ ۾ ڪيترا لڙهيا، ڪئمپن ۾ ڪيترا مئا، لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ دوران ڪيترا مئا، حمل دوران ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون، گيسٽرو، گرمي، ٿڌ، بک ڪيترن کان حياتي کسي؟ نانگن جي ڪکڻ سبب ڪيترا مئا، پاڻي پار ڪندي ڪيترا لڙهي ويا؟ پناهه لاءِ ٻيڙين ۾ سوار ٿي ڪيترن انسانن ٻڏي جانيون وڃايون؟ ڪئمپن ۾ ڪيترن کي بجليءَ جا ڪرنٽ لڳا؟ بک سبب پاهه ٿي ڪيترا مئا؟ علاج نه ملڻ سبب ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون؟ صدمي سبب ڪيتريون حياتيون اجهامي ويون. لڏپلاڻ دوران روڊ رستن تي حادثن ۾ ڪيترا ماڻهو مئا؟ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻيءَ هيٺ آيل جاين جڳهين، دوڪانن، ڪارخانن، اسڪولن ۽ ٻين عمارتن جي ڇتين ۽ ڀتين ڪرڻ سبب ڪيترا ماڻهو مئا يا اڃان ڪيترا دٻجي مرندا؟ وغيره وغيره جي حساب ڪجي ته اهو تعداد هزار کان به وڌيڪ تي پهچندو. ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ماڻهن جا لاش ته اڃان ملي رهيا آهن. تازو تاريخ 2011-2-14 تي ٺل شهر مان ڪاوش جي عيوضي ٺل شهر ويجهو ٻوڏ ۾ لڙهي ويل هڪ عورت سميت ٽن ماڻهن جي لاشن ملڻ جي رپورٽ فائيل ڪئي آهي. خاطوءَ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مليل لاش سڙيل، ڳريل ۽ سڃاڻپ ۾ نه اچڻ جهڙا آهن. اڃان ڪيترا گمنام سڙيل ۽ ڳريل لاش 7 مهينن گذرڻ کان پوءِ ملندا؟ سو وقت ٻڌائيندو. پر سنڌ سرڪار وٽ فقط 50 جانين جي ضايع ٿيڻ جي رپورٽ آهي. هي سڀ ڇا آهي؟
اڄ به ست اٺ مهينا گذرڻ باوجود سنڌ جو منظر اهو ساڳيو آهي، يعني 7 آگسٽ کان پوءِ وارو. اڄ به لکين ماڻهو پنهنجن اجهن کان محروم ڪئمپن ۾ عذاب ۽ ذلت واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 20 هزارن جي وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ راشن لاءِ دربدر ٿي لٺيون کائي رهيا آهن ۽ ڪٿي ته جانيون به ضايع ڪري چڪا آهن ۽ اڄ به ڪئمپن ۾ ڪيتريون ئي ساهه جون تندون ٽٽي رهيون آهن ۽ هزارين ماڻهو ڏوڪڙ پئسو نه هئڻ سبب پنهنجن اُجهن ڏانهن واپس ورڻ کان قاصر آهن ۽ اڄ به دادو، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سيوهڻ، جوهي ۽ ڪاڇي ۾ هيليڪاپٽر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين لاءِ راشن پهچائي رهيا آهن ۽ مٿي ڄاڻايل علائقن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي جهڙوڪر ٻوڏ ختم ئي نه ٿي آهي ۽ اڄ به لکين ٻوڏ متاثرين سموري سنڌ ۾ نقصان جي ازالي ۽ اجها ٺاهي ڏيڻ لاءِ وس وارن ڏانهن واجهائي رهيا آهن ۽ کين هڪ ٻي ايندڙ ٻوڏ ۽ ان سبب ٿيندڙ تباهيءَ جو خوف ورائي ويو آهي ۽ هو ٻيهر موت جي منهن ۾ وڃڻ بجاءِ ڪئمپن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن ڇو ته اڃا بندن کي لڳل گهارا بند به نه ٿي سگهيا آهن. تازو سپريم ڪورٽ سنڌوءَ جا بند ٽٽي پوڻ جي معاملي جي جانچ لاءِ جيڪا ڪميشن ٺاهي هئي ان پنهنجي حتمي رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 200 صفحن تي مشتمل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمينن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ٽوڙي بند جي ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب بند ٽٽو ۽ وڏي تباهي ٿي. ڪميشن ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار ان وقت جي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جي چيف انجنيئر کي قرار ڏنو آهي. ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو برائج جي چيف انجنيئر خلاف هاءِ ڪورٽ جي نگرانيءَ ۾ جانچ ڪرائي وڃي ته هو ڇو ناڪام ٿيا. 200 صفحن جي رپورٽ ۾ گهڻو ڪجهه آهي. ڪيتريون ئي تلخ حقيقتون ۽ سچايون آهن. ۽ ڪيترن ئي لڪل پاسن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل عملدارن کان علاوه به ڪيترن ئي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ۽ آئينده وڏي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. هاڻي ڏسون ته ان ڪميشن رپورٽ تي وس واريون اختياريون ڇاٿيون ڪن ۽ آئينده سنڌ کي ٻوڏن ۽ تباهين کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻن ٿيون. اهو وقت ٻڌائيندو. هي منهنجو پورهيو شال قبول پوي!
عزيز رانجهاڻي
مهراڻ هائوس دادو
تاريخ: 2011-6-10
Ranjhaniazeez@hotmail.com