شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي

ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي

سنڌ جي ساحلي ڪنڌين جي ذهين ترين انسانن پنهنجي وقت يا ايندڙ زمانن کي سنهري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذهن جو درست استعمال ڪرڻ سان گڏ پنهنجي هڙان وڙان ڏئي نسل در نسل اها روشني ڏني آهي جنهن تي زمين وارا فخر محسوس ڪندا آهن ۽ مذهبي عقيدي مطابق اهي “الله جا دوست” يعني سخي ڪڏهن اشرف ٿيٻو بڻجي لطيف جي رپ واري نالي جي زمين تان لکين انسانن جون معنى خيز مجبوريون سخاوت جي هٿ سان حل ڪندي تاريخ ٿي ويندا آهن ته ڪڏهن وري مير غلام محمد خان ٽالپر جهڙي عظيم شخصيت بڻجي ويراني جهڙي سماج مان هڪ وسندي علم جا سوين سوين سورج مکي اڀاري مهر، علم و سخا جي اٽوٽ تاريخ جو شاداب پرچم ٿي اسان لاءِ سوين سنديس ڇڏي آبياري جي آس کڻي ويندا آهن پر سندن خدمتن جي خدائي جو پنهنجو هڪڙو حُسن هوندو آهي.
مير غلام محمد خان ٽالپر هي اسڪول ٺهرائي شاندار انسانيت جي تاريخ جو هڪ عظيم خواب کڻي ان وقت آيو جڏهن اهو زمانو هو ته:
ملاح تنهنجي مڪڙي ۾، اچي چور چڙهيا.
فرنگين جي انهيءَ وڏين قطارن وچان، مير غلام محمد خان ٽالپر سنڌي لباس جيان پنهنجي سڃاڻپ پاڻ بڻجي علم جو اهو کيت کيڙيو، اهو ٻج پوکيو جيڪو وڌي وڻ ٿيو، جنهن جي ڇانءُ ۾ اڄ اسان يا اسان جا ايندڙ نسل سڪون جون ساعتون ماڻيندا.
اسان اولڊ بوائز ايسوسيئيشن طرفان هي ننڍڙو ڪتاب دوستن جي سهڪار سان جيئن جو تيئن آندو آهي. اولڊ بوائز جي دوستن گذريل دوستن جي تاريخ، مير صاحب جو مڪمل تعارف ۽ اسڪول جي حوالي سان تعليمي خدمتن جي حوالي سان هي ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. محمد عمر (عمير سمون)، شاهجهان سمون، رشيد احمد ميمڻ، امتياز قمبراڻي، دانش لوهاڻي، درپن لوهاڻي ۽ ٻئي ساري سٿ جو مشڪور آهيان ۽ هيءَ اسان پنهنجو قومي فرض به سمجهون ٿا.

علي اورنگزيب سمون
نائب صدر
اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو