علم جا ڏيئا روشن ڪندڙ ڪردار
- نصرالله جروار
سنڌ جي تاريخ جي ڪُک ڪڏهن به سرت ۽ ساڃاه رکندڙن ڪردارن کان خالي نه رهي آهي، اهائي سنڌ جي تاريخ جي شاهوڪار هئڻ جي علامت رهي آهي. سنڌ جي تاريخ جا صفحا اهڙن ڪردارن جي جاکوڙي قدمن سان سنواريل آهن، جيڪي قدم انساني شعور کي سگهه بخشڻ جي علامت رهيا آهن. اهڙن ڪردارن جي لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن ڪردارن جو عڪس چٽيندي چوي ٿو ته،
ڪئين توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي ڪري چڻنگ چمڪاٽ اڃان،
آ ٽِـم ٽِـم ٽِـم ٽِـم لاٽ اڃـان، جـا جـوڳي ڪـالـهـ جـــلائــــي ويـــا.
سنڌ جي اهڙن جاکوڙي ڪردارن ۾ لاڙ پٽ جو خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر پڻ هيو جنهن جو ڪردار علم دوست رهيو ۽ ان ۾ عملي طور جاکوڙ به ڪئي جنهن جو ثبوت اڄ به ٽنڊو باگو ۾ سندس ئي پئسن سان جوڙايل هاءِ اسڪول جي عمارت سميت غريب ۽ پري جي شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کي کاڌو کارائڻ لاءِ ڊائيننگ هال اڄ به موجود آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت جي حڪمرانن پاران هن عظيم انسان جي تعليم جي واڌاري لاءِ جوڙيل هن درسگاه کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان جي اڄ جي حڪمرانن توڙي هتان جي چونڊيل نمائندن کي اجائي لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ ڇڏي مير غلام محمد خان ٽالپر جي حيات زندگي مان سبق وٺي عوام جي ڀلي جي لاءِ سوچڻ گهرجي. مير غلام محمد خان ٽالپر ٽنڊو باگو شهر ۾ سندس والد مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ 1876ع ڌاري جنم ورتو، سندس پڙ ڏاڏو مير غلام محمد خان جاگيردار ان وقت جي ٽالپر ميرن جي سپهه سالار ۽ ٽنڊو باگو شهر جي اڏيندڙ مير باگي خان ٽالپر جو سڳو ڀائيٽو هو، مير باگو خان، مير مرزو خان ٽالپر ماڻڪاڻي ٻيو نمبر پٽ هو. مير مرزي خان ٽالپر جي پونئيرن کي ماڻڪاڻي ٽالپر سڏيو ويندو آهي. سن 1781ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻي ۾ فيصلا ڪن جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن هارايو ۽ ٽالپرن کي سوڀ حاصل ٿي. ان جنگ ۾ مير باگو خان ٽالپر پڻ حصو ورتو ۽ مير باگو خان ٽالپر پاڻ هڪ وڏو جرنيل هو ۽ سندس پنهنجو جدا لشڪر پڻ هو، مير باگي خان ٽالپر ۽ سنڌ راڻي (عرف مريم) جي عشق ۽ سندن شادي ۽ وڇوڙي جي هڪ علحده ڪهاڻي آهي. ان عشق ۽ محبت جي طفيل ٽنڊي باگي شهر جو وجود پيو ۽ آخر ڪار مير غلام محمد خان ٽالپر جي روپ ۾ هن خطي جي ماڻهن لاءِ علم جو دروازو کلي ويو ۽ هن شهر ۾ علم جي جوت جرڪڻ لڳي. مير غلام محمد خان جي ڏاڏي مير ولي محمد خان تي آخري عمر ۾ لکين روپيا قرض چڙهي ويو هو. جنهن ڪري ان وقت کيس جاگير مئينجري کاتي ۾ ڏيڻي پئي، سندس ڏاڏو مير ولي محمد 1893ع ۾ 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو، ڏاڏي جي وفات کان 1909ع تائين يعني جاگير ڇٽڻ تائين مير غلام محمد خان کي هڪ آزمائشي دور مان گذرڻو پيو، مالي مشڪلاتن ڪري کيس هٿن سان ڪوڏرون هڻي پوک ڪرڻي پئي ۽ هر هڪلڻا پيا، پوليس ۾ ڪنسٽيبل ٿي نوڪري ڪرڻي پئي پر پوليس ۾ پاڻ ذهني طور مطمئن نه ٿي استعفا ڏئي عريضي نويس(اسٽامپ وينڊر) ٿيو، انهن هڙن ئي مشڪلاتن باوجود مير غلام محمد حالتن اڳيان نه جهڪيو پر ڏکي وقت سان مرد ٿي مقابلو ڪيائين.1909ع ۾ جڏهن جاگير مئينجري مان آزاد ٿي، تڏهن سندس والد مير محمد خان اڃان حال حيات هو، تنهن هوندي به جاگير جي سنڀال مير غلام محمد خان جي حوالي ڪئي، مير غلام محمد هڪ واقف زميندار کان چار هزار روپيا اوڌارا وٺي جاگير کي آباد ڪيائين ۽ سال جي آخر ۾ فصل لهڻ تي اوڌارا ورتل چار هزار روپيا موٽائي ڏنائين. مير غلام محمد خان پنهنجي جاگير جي ڪمدارن تي ڪڙي نظر رکندو هو جيئن ڪنهن هاري ناري تي ظلم ۽ ڏاڍ نه ٿئي. مير پنهنجي جاگير ۾ چوري چڪاري ٿيڻ نه ڏيندا هئا، ان ڪوشش جو اهو نتيجو نڪتو جو ٽنڊو باگو ۽ ان جي آس پاس ۽ سندس جاگير ۾ غريب غربي سک جو ساه پٽيو. 1914ع واري مها ڀاري لڙائي وقت مير غلام محمد هند سرڪارکي هڪ لک روپيا قرض طور ڏنا، هند سرڪار خوش ٿي کيس خانبهادر جو لقب ۽ او بي اي جو خطاب ڏنو. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٽنڊو باگو شهر ۾ انگريزي اسڪول جو بنياد وجهڻ آهي، جيئن ته مير غلام محمد پنهنجي حياتي جي تجربي مان گهڻو ڪجهه پرايو هو، مٿس اها ڳالهـ واضح ٿي وئي ته تعليم جي واڌاري کانسواءِ ماڻهن ۾ سڌارو اچي نه سگهندو. ان جي لاءِ هن دل ۾ خيال ڪيو ته ٽنڊو باگو ۾ هڪ هاءِ اسڪول کولائجي، جتي نه فقط لاڙ جا ڇوڪرا تعليم وٺن بلڪ سڄي سنڌ جا شاگرد هتان تعليم جهڙي زيور سان فيضياب ٿين، انهي پنهنجي تعليمي رٿا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هتان جي اديب، شاعر ۽ استاد ماستر محمد صديق مسافر سان صلاح مشورو ڪري 1920ع ڌاري ميمڻ پاڙي ۾ هڪ جڳهه مسواڙ تي ورتي، جتي انگريزي ڪلاس محمد صديق مسافر جي نگراني هيٺ شروع ڪيا ويا، ان انگريزي اسڪول سان گڏ بورڊنگ هائوس(هاسٽل) پڻ کوليو ويو، جتي ٻاهريان شاگرد رهڻ لڳا، جن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي ۽ ڪتابن وغيره جو خرچ پڻ هي پنهنجي هڙان ڏيندو هو. شروعات ۾ شاگردن جو تعداد 5 هو پر سال اندر شاگردن جو تعداد وڌي 40 ٿيو. انهي عرصي دوران ٽنڊو باگو شهر جي اوڀر طرف ڌني واري کاڻ جي ڪپ تي هڪ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي عمارت هن پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرائي ورتي، انگريز حڪومت جو تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول جو نالو لارينس مدرسو رکيو ويو ۽ بورڊنگ هائوس (هاسٽل) جو نالو گبسن بورڊنگ هائوس نالو رکيو ويو. شاگردن جي سهولت لاءِ بورڊنگ هائوس جي ڀر ۾ هڪ عاليشان مسجد پڻ تعمير تعمير ڪرائي وئي. 1923ع ۾ هن نئين ٺهيل هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس ۾ شاگرد اچي رهيا. سن 1924ع ڌاري هن هاءِ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مسٽر عبدالرحيم ڪلمتي بلوچ بي.اي، ايل.ايل.بي مقرر ٿيو جيڪو حيدرآباد جو وڪيل هو. مير غلام محمد هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل کي هلائڻ جي لاءِ سرڪار وٽ 3 لک 87 هزار روپيا ان وقت ڊپازٽ (Benevolent fund) طور رکيا ته جيئن انهن پئسن جي منافعي مان هاسٽل ۽ اسڪول جو خرچ هلندو رهي، اهي پئسا اڄ ڏينهن تائين محفوظ آهن. مير غلام محمد خان ٽالپران وقت جڏهن وائيسراءِ هند جي دعوت تي شملا ويو ۽ وائيسراءِ هند جڏهن هن کي سندس پنهنجي خوبصورت ڊائيننگ هال ۾ ماني کارائي ان وقت مير غلام محمد خان کي خيال آيو ته هند جو وائيسراءِ ۽ ٻيا انگريز گورا آفيسر اهڙن خوبصورت ڊائيننگ هالن ۾ ماني کائي سگهن ٿا ته منهنجي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد اهڙن خوبصورت ڊائيننگ هالن ۾ ماني ڇو نه ٿا کائي سگهن؟ شملا مان واپس اچي سنڌ جا خاص ڪاريگر گهرائي هن 1930ع ۾ سندس مرحوم سئوٽ مير شاه ٽالپر جي نالي سان هاءِ اسڪول ۾ شاگردن کي ماني کارائڻ جي لاءِ هڪ خوبصورت وائيسراءِ هند جهڙي ڊائيننگ هال جهڙو هال تعمير ڪرايو، هن ڊائيننگ هال جي ڇت تي لڳل ٽائيلس ان وقت جرمني مان گهرايو ويو هو، اڄ ڏينهن تائين انهن ٽائيلس تي ميڊ ان جرمني جو اسٽيمپ لڳل آهي. سندس سئوٽ مير شاه محمد ٽالپر جو پڻ تعليم دوست ڪردار هو. ان کان علاوه مير صاحب ٽنڊو باگو ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ گرلس پرائمري اسڪول تعمير ڪرايو، ٽنڊو باگو شهر ۾ عورتن جي ويم لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال ٽنڊو باگو شهر ۾ پنهنجي ئي پئسن سان تعمير ڪرائي، اسپتال جو خرچ ۽ دوائن جو خرچ پاڻ ادا ڪندو هو، مردن جي لاءِ جدا اسپتال تعمير ڪرائي جتي پڻ غريبن جو مفت ۾ علاج ٿيندو هو. هن ٽنڊو باگو ۽ ان جي آس پاس ٻهراڙي لاءِ مڇرن جي موسم ۾ مليريا جي علاج ڪرڻ لاءِ هڪ گشتي دواخانو پڻ ٺهرايو جتي پڻ مليريا جي بيمار ماڻهن جو مفت ۾ علاج ٿيندو هو. ان کان علاوه ٻهراڙي جي ڳوٺن کڏهرو ۽ ماچوري ۾ پڻ پرائمري اسڪول ۽ شاگردن جي مفت رهائش لاءِ هاسٽل پڻ ٺهرائي هئي، جتي هارين ۽ پورهيتن جا ٻار مفت ۾ تعليم پرائيندا هئا. مير غلام محمد شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ سندس ئي خرچ تي ٻاهر موڪليندو هو. طب ۽ جراحت جي تعليم لاءِ ٻن شاگردن پير احمد شاه ۽ سيد غلام مرتضى کي ٽن سالن جي ڪورس لاءِ لاهور پنهنجي خرچ تي پڙهايو، حڪيم مولوي عبدالستار ميمڻ کي 4 سالن جي ڪورس ڪرڻ لاءِ دهلي جي جليه ڪاليج پنهنجي خرچ تي موڪليو. تعليم جي سلسلي ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ٽنڊي غلام علي واري کي پنهنجي خرچ تي اعلى تعليم لاءِ انگلينڊ (لنڊن) ٽن سالن لاءِ موڪليو. عليڳڙه يونيورسٽي ۾ پنهنجي حاضري جي نوڪر جمع خاصخيلي جي پٽ قادر بخش خاصخيلي کي اعلى تعليم لاءِ موڪليو، جيڪو بعد ۾ ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو کي پڻ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خرچ تي ٻاهر روانو ڪيو. مير پنهنجي حياتي ۾ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جو خاص خيال رکندو هو، هڪ دفعي ڪنهن انگريز آفيسر سندس دعوت ۾ چيو ته مير صاحب توهان جا پٽ ملايو، جنهن تي مير چيو ته حاضر صبح جو توهان کي ملائيندس. صبح ٿيڻ تي مير پاڻ ان انگريز آفيسر کي وٺي اسڪول آيو ۽ ڪلاسن ۾ پڙهندڙ شاگردن ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته هيءَ منهنجو اولاد آهي ۽ هيءَ ئي منهنجا ٻچا آهن. اڄ هن مير غلام محمد جو جوڙايل اسڪول هن وقت تعليم ايمرجنسي ۾ به ننڌڻڪو آهي ۽ اسڪول جي گبسن هاسٽل جي تاريخي عمارت جي ڇت ڊهي پٽ پئجي وئي آهي، مير شاه محمد ٽالپر ڊائيننگ هال پڻ زبون آهي ۽ اسڪول جي تاريخي عمارت پڻ زبون آهي، 2003ع ۾ سنڌ حڪومت هن اسڪول جي تاريخي عمارت سميت مير شاه محمد ڊائيننگ هال ۽ گبسن هاسٽل کي نيشنل هيريٽيج اسڪيم ۾ آڻي پرزرويشن آف هسٽاريڪل انسٽيٽيوشنس ۾ کڻي انهن تاريخي عمارتن جي اڳوڻي طرز تي مرمت ڪرڻي هئي، پر اسڪول جا صرف 4 ڪمرا مرمت ٿي سگهيا. ماٺ ميٺ ۾ سنڌ حڪومت جي اها اسڪيم اوچتو گم ٿي وئي نتيجي ۾ هن اسڪول جون تاريخي عمارتون زبون ٿي ڀڄندي ۽ ڀرندي سنڌ حڪومت هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل ڪامورن جي نطر اندازي واري روش تي بي حسي جو ماتم ڪري رهيون آهن، پر هر سال 12 فيبروري تي مير جي ورسي جيڪا اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پاران ملهائي ويندي آهي ان ورسي واري تقريب جا ڪيترائي صدارت ڪندڙ ۽ مهمان خاص جن ۾ وزير اعلى کان وٺي وزير ۽ چونڊيل نمائندا شامل هوندا آهن. پنهنجي وقتن تي رڳو خالي سکڻا اعلان ڪندا آهن پر عمل اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي. آئون هن تاريخي درسگاه جي زبون حال عمارتن کي ڏسي سنڌ جي هن عظيم انسان مير غلام محمد خان ٽالپر جي عمل تي سوچيان ٿو، جنهن پنهنجي هڙان هيترو ڪجهه ڪيو پر اسان جا حڪمران حڪومت جون اربن روپين ۾ بجيٽون هوندي ۽ وسيلا هوندي به هن عظيم انسان جي هڪ سيڪڙي جيترو به ڪم نه ڪري سگهيا، ايتري ۾ منهنجي ذهن تي مرشد لطيف جون هن عظيم انسان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي سٽون دستڪ ڏين ٿيون.
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن باهيون بيراڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن،
سي ڪئين وسامن، جيڪي لاهوتي لاهي ويا،