لاڙ جو سخي لال
- راجا ڀون
سنڌ ڌرتي ازل کان صوفين، درويشن، فقيرن، بزرگن، سماجي خدمتگارن، ڏاتارن جي، سخين جي ۽ پيار ڪندڙ ماڻهن جي ڌرتي رهي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ منجهان محبت ۽ روحانيت جا متوالا سَنت ۽ مهاتما هتي اچي سنڌ جي سونهن ۾ سمائجي ويا. جنهن ڪري سنڌ جي سونهن ويتر نکري آئي.
اهڙن ئي عظيم ڪردارن مان لاڙ جو لال مير غلام محمد خان ٽالپر به هڪ هو. جيڪو تمام وڏي جاگير جو مالڪ هوندي به ساده دل انسان، غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار هو. جنهن علم جي روشني کي ئي غلامي مان نجات جو ذريعو سمجهي ان جاکوڙي قافلي سان راهي ٿيو، جن جي زندگي جو مقصد ئي انسانذات جي ڀلائي ۽ انهن جي خدمت لاءِ وقف ٿيندو رهيو. جنهن وقت سنڌ ۾ جهالت جو راڪاس تاري هو ۽ لاڙ خطي جو هڪ مال چاريندڙ ڌراڙ يا ڪو اٽي لپ لاءِ واجهائيندڙ غريب مسڪين زمين ۾ هارپو ڪندڙ علم جي ع کان به اڻ واقف هو ۽ جڏهن وڏيراشاهي، جاگيرداري نظام پنهنجي عروج تي هو ۽ هر طرف جهالت ئي جهالت هئي. اوندهه ئي اوندهه هئي. ان اهڙي دؤر ۾ هي لاڙ جو لال جنهن عِلم جو عَلم بلند ڪيو ۽ لاڙ ۾ ان غلاميءَ جي دؤر ۾ پنهنجي دانشمندي ۽ ڏاهپ سان سن 1920ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ علم جي شمع روشن ڪئي. ساڳئي وقت سندس هردلعزيز دوست ۽ وک وک تي سندس ساٿ نڀائيندڙ محمد صديق مسافر جهڙي عظيم انسان سان گڏجي لاڙ جي هن پٺتي پيل علائقي جي ماڻهن کي علم جي دولت سان مالامال ڪيو.
مير صاحب انهي ڳالھه کان چڱي ريت واقف هو ته پينگهي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو جي فڪر کي گڏ کڻي هلڻ وارن عظيم انسانن ۽ عالمن شمس تبريز کان مؤلانا رومي تائين، شاه حسن کان بلهى شاهه تائين، قلندر لال شهباز کان لطيف سرڪار ۽ سچل سائين تائين علم حاصل ڪرڻ دنيا جي مڙني وڏي پايي جي عالمن ۽ درويشن دنيا جو ڳچ حصو پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيو هو ۽ کيس ان ڳالھه جي چڱي ريت ڄاڻ هئي. هتي جو لاڙ پٽ جو غريب، مسڪين، مال چاريندڙ مارو ماڻهو علم جي روشني سان منور ٿي پنهنجي پيرن تي بيهي دنيا جي هر ظالم ۽ جابر اڳيان پنهنجو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري. غلاميءَ ۽ جهالت جي زنجيرن مان نجات حاصل ڪري. هن هر دل عزيز انسان کي لاڙ جو فرشتو ڪري چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. جنهن هر قسم جي متڀيد، ذات پات، اونچ، نيچ ۽ سڀني مذهبن کان مٿانهون ٿي پنهنجي اندر ۾ صرف ئي صرف، پيار ۽ پنهجائپ جي سوچ کي ڌاري لاڙ جي مسڪين ماڻهن کي ئي پنهنجو اولاد سمجهي نه صرف هن عظيم درسگاھ جو بنياد رکيو پر هتان جي مسڪين ماڻهن لاءِ گشتي دواخانه، مسافر خانه، نياڻين جي تعليم لاءِ گرلس اسڪول، ميٽرنٽي هوم، غريب ۽ مستحق شاگردن کي وظيفا ڏئي کين اعليٰ تعليم لاءِ ولايت موڪلڻ جو بندوبست ڪرڻ، بيواه عورتن کي وظيفو ڏيڻ، ديني تعليم لاءِ مدرسن جي مالي مدد ڪرڻ به مير صاحب جي عمل جو حصو رهيا. ٿورو تصور ڪريون ته گهُٽ، ٻُوسٽ، محرومي ۽ مايوسي واري ان دؤر ۾ علم جي لاٽ ٻارڻ ۽ بغير ڪنهن چندي يا ٻين کان مدد وٺڻ جي هي عاليشان درسگاهه جوڙڻ سندن زندگي جو شاهوڪار عمل آهي.
مير صاحب عاشقِ علم ته ضرور هو پر ان سان گڏوگڏ غريب نواز پڻ هو. جيڪو غريب بي پهچ شاگردن کي هاسٽل ۾ رهائي انهن جي کاڌ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪندو هو. لاڙ جي هن عظيم درسگاھ مان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي زندگي جي مقصدن کي نه صرف حاصل ڪيو پر اهي جتي اعليٰ مڪتبن تائين پهتا اتي انهن شاگردن هن عظيم انسان جي ڪيل ڪمن کي ساراهيو ۽ دنيا ۾ مير صاحب جو نالو روشن ڪرايو.
اسان سميت سمورا اهي شاگرد جيڪي هن درسگاھ مان علم پرائي اڄ پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري رهيا آهن ۽ اڄ اسين اهو فخر سان چئي سگهون ٿا ته اسين مير صاحب جي هن درسگاھ جا طالب رهيا آهيون.
هر انسان کي دعائن جي ضرورت هوندي آهي پر مير صاحب جو ڪردار ۽ سندن عمل ئي ساڻس قيامت تائين دعاگو رهندا ڇو ته مير صاحب هتان جي غريبن، مسڪين ماڻهن سان ڀلائي ڪئي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي عبادت سمجهو. هن عظيم انسان تي ٻه اکر لکڻ آئون پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو ۽ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊو باگو جي سموري ٽيم جس لهڻي، جنهن وڏين محنتن ۽ ڪاوشن سان هن ڪتاب کي سهيڙي سنڌ جي نوجوان نسل تائين مير صاحب جي ڪيل ڪمن ۽ زندگي بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي تاريخي ڪتاب ڇپرائي اهو ثابت ڪيو آهي ته مير صاحب صديون گذرڻ باوجود به اسان سان گڏ آهي ۽ اسين پنهنجي محسن مير صاحب کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟
نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا صورت پڻ سي ئي،
ڪبي اُت ڪيهي، ڳالھه پريان جي ڳجھه جي.
(شاھ)