ٽانڊاڻي جي ٽور
ڪنول لهاڻو
مان ڳڻ انهن جا ڳائيندس،
جي وڙ ڪري ويا وڻجارا.
هو ٽانڊاڻي جي ٽور هيا،
ويا واٽ ڏسي بڻجي تارا.
هو رول ته منهنجا ڍول الا!
مان ڍاڍ ڪيان پسي تن ڍارا.
هو وڳ وڇيڙيا وئيراڳي،
مان ڪيئن چوان هو ڪاڻيارا.
او ڪاڪ! جنين جي ڪرت ڪسڻ،
سي مير هُيا ڇا موچارا!
اڄ محفل ۾ ڪو مير نه آ،
دلگير ٿيا هن دل وارا.