خانبهادر جو خط
انگريز سرڪار محترم غلام حسين سومري (ان وقت جو اسڪول هيڊ ماستر) کي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي موڪليو هو. جنهن جو مڪمل خرچ جيتوڻيڪ سرڪار کي خود ڀرڻو هو تڏهن به مير غلام محمد خان ٽالپر سرڪار جي طلب تي ان خرچ ۾ هڪ هزار روپيا ڏيڻا ڪيا. هيٺ اسين ان خط جو متن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو مير صاحب ان وقت جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي خط جي جواب ۾ لکيو هو.
بخدمت جناب ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب سنڌ.
صاحب جن پنهنجي ليٽر ۾ لکيو آهي ته هيڊ ماستر مسٽر غلام حسين کي بي. ٽي لاءِ بمبئي موڪلڻو آهي، ان خرچ ۾ (1850 روپيا) مون کان وٺڻا آهن. تنهنڪري ان بابت منهنجو “عرض آهي ته هڪ هزار روپيه ان خرچ ۾ آئون ڏيندس، ان کان زياده مونکان وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ اهو هڪ هزار، هڪ مهيني ۾ ڏيندس.
مير غلام محمد خان ٽالپر
ٽنڊو باگو.
6 جون 1931