شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

احسان اوهان جو نذر عقيدت

احسان اوهان جو نذر عقيدت

مجذوب لاشاري

اي مرد مجاهد آ مٿي مان اوهان جو! الله وڌايو آ کڻين شان اوهان جو!
ٿورو به ڪو ٿورو نه سندئي آه اسان تي! لاهي نه سگهون مور هي احسان اوهان جو

هٻڪار ئي هٻڪار هتي هوندي هميشه – محفوظ خزائن کان گلستان اوهان جو!
گلشن ۾ وٺي واس آزاد ڪئين بلبل- ضياد- جهالت کي لڳو ڪان اوهان جو!

هر وقت شب و بهادري ئي بهادر- سرسبز سدا هوندو هي بستان اوهان جو!
وڻڪار مزيدار ۽ پارڪ به پيارو- ڪيڏو ته وڻي دل کي ٿو ايوان اوهان جو!

ڳائين سڀئي ته پيا ڳالھه ڳڻن جي- تعريف گو هندو ۽ مسلمان اوهان جو!
خدمت جي خدا لڳ ٿي ڪيو- خدا جي مولا به ڪيو ڪم سڄو آسان اوهان جو!

مڙني کي ميان تو ٿي ڏٺو هڪ ئي نظر سان هرڪنهن سان سڌا قرب هو يڪسان جو!
توکي به چون سڀ ٿا ابو لاڙ سڄيءَ جو- ٿورائتو هر هڪ هتي انسان اوهان جو!

دارين سندا درجا ملن ڇو نه؟ اوهان کي- زر مال ٿيو قوم سان قربان اوهان جو!
کائيندا ۽ ڳائيندا رهن روز هزارين- هر ڪنهن لاءِ وڇايل آ دسترخوان اوهان جو!

ڪهڙي به هجي ديس جو مسڪين مسافر- جيڪو به هتي آيو سو مهمان اوهان جو!
اي ٻچڙا اٻوجهن جا اچي علم پرايو! گونجي ٿو فضائن ۾ اي اعلان اوهان جو!

ڀرپور ڀلائيءَ جو جڏهن ڪم ٿي ڪيو هيءَ مالڪ به مددگار ۽ نگهبان اوهان جو
مطلب ٿيا پورا ۽ پني آس اندر جي- باقي نه رهيو دل ۾ ڪو ارمان اوهان جو!

جي پٽڙا غريبن جا سي پٽ پنهنجا چيو ٿي- اولاد گهڻو هي سو خوش آ خان اوهان جو
هي خير کٽڻ وارو نه آ تائين قيامت- مهراڻ سنڌي موج مثل دان اوهان جو!

مقصد ۾ سڙي سوڀ سبب ڪهڙي اوهان کي- فولاد کان مضبوط هو ايمان اوهان جو!
آواز اوهان جي تي هو لبيڪ چيو جن- تن لاءِ گهڻو فائدو فرمان اوهان جو!

رونق ئي ته رونق ۽ اُجالو ئي اُجالو- مڪتب آ مثال مهتاب اوهان جو!
اي سنڌ جا حاطم اي سخي مير سٻاجها- زنده هوندو نت نام ۽ نشام اوهان جو!

واکاڻ ۽ وھ واھ ٿا ڪن وڻ به وطن جا
مجذوب هجي ڇو نه؟ ثنا خوان اوهان جو!!!