- نامعلوم
انگريزي پڙهڻ لاءِ پهرين آئون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو هوس. مگر جلدي معلوم ٿيو ته ٽنڊي باگي واري مدرسي جو انتظام ۽ پڙهائي بهتر آهي. تنهنڪري منهنجي وڏي ڀاءُ فتح الله سان گڏجي لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي ۾ داخلا ورتم، جتي واقعي پڙهائي ۽ انتظام نهايت عمده هو. مدرسي جو باني قبله مير صاحب جن تازو فوت ٿي ويل هئا، تنهنڪري سندن يادون مدرسي وارن لاءِ تازيون هيون.
اسانکي ٻڌايو ويو ته هڪ ڀيري شام جو مير صاحب هاسٽل ۾ آيو، ۽ هڪڙي مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيائين ته “مئٽرڪ جي امتحان جي في ڇو ڪونه پياري هئي؟” شاگرد جواب ڏنو ته “پئسا ڪونه هئا.” مير صاحب کيس چيو ته “بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي، پر امتحان جي في ته ڀريو. پئسا ناهن ته ڪو ڳھه گروي رکي پئسا کڻي اچ.” شاگرد چيو ته “سائين! مئٽرڪ پڙهي، هاڻي غيرت ٿي اچيم ته امان جو ڪو اڀرو سڀرو ڳھه وڃي گروي ۾ رکان.” انهي جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿي چيو ته “هي سڀ خرچ انهي ڪري ته ڪيا هئم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي، توکي شاباس هجي پٽ.” پوءِ مير صاحب ان شاگرد کي 15 رپيا في لاءِ 15 روپيا خرچ لاءِ ۽ 15 رپيا موزون جواب ڏيڻ جي ڪري انعام طور ڏنا.
ٻيو ٻڌوسون ته هڪ ڀيرو ڪنهن شاگرد ڏٺو ته ٻنپهرن جي ٻوڙ واري ديڳ مان مک نڪتي. وٺي گوڙ ٿيو ۽ شاگردن ماني کائڻ کان اسٽرائيڪ ڪئي. مير صاحب کي خبر پيئي. پڇا تي هيڊ ماستر صاحب، شاگردن کي ڏوهي ٺهرايو ۽ چيو ته “ڇوڪرن جو من وڌي ويو آهي. گهر ۾ لسي به ڪانه اٿن، هتي خيراتي ماني تي وٺي ايترو گوڙ ڪيو اٿن. ٻوڙ مان هڪڙي مک نڪتي ته ڇا ٿيو؟” مير صاحب چيو ته “قوم جي من وڌائڻ لاءِ ۽ شاگردن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، لازمي آهي ته سندن گهرجون پوريون ڪجن. ٻوڙ جي ديڳ مون ڏي موڪليو. منهنجي خرچ تي، ٻيو ٻوڙ رڌائي ٻارن کي کارايو.” اسان جي استاد جناب لکي ملڪاڻي ٻڌايو ته تازو ڪاليج مان گريجوئيٽ ٿيو هجان. ٽنڊي باگي ۾ نوڪري ملي، وڃي نڪتس. پهچڻ تي سڌو مير صاحب سان ملڻ خاطر، بنگلي تي ويس. نهايت عاليشان بنگلو هو. ٻاهر، الهندي طرف منجي تي هڪڙو سفيد پوش ڳوٺاڻو ويٺل نظر آيو. سنڌي جُتي، ڪپڙ جا ڪپڙا. کانئس مير صاحب جو پڇيم. هن هڪدم ٻئي ماڻهو کي اشارو ڪري بنگلي مان هڪڙي عمده آرام ڪرسي گهرائي ۽ مونکي ويهڻ لاءِ چيو. جنهن کي مون ڳوٺاڻو سمجهو هو، تنهن لاءِ معلوم ٿيم ته مير صاحب پاڻ آهي. مونکي عمده قسم جي ولائتي ڪشميري جو فل سوٽ پيل هو. مير صاحب جن ڏسي ان سوٽ جي گهڻي تعريف ڪئي. مگر وڌيڪ چيائين ته “ادا اسان به گرم ڪوٽ ٺهرايو آهي، اوهانکي ڏيکاريون ٿا.” نوڪر هڪڙي هڙ ۾ ٻڌل ڪوٽ کڻي آيو. ڪوٽ ڇا هو جهڙو ڏاس جو کٿو. مير صاحب جن اٿي اهو ڪوٽ پاتو ۽ چيائين ته “ماستر صاحب! ٽنڊي باگي ۾ رڍن جي پشم ڪترائي ٽنڊي باگي جي باگي واهه ۾ ڌوئاري، هتي جي ڪورين کان ڪتائي، هتان، ٽنڊي باگي مان ئي اڻائي، ٽنڊي باگي جي درزي کان سبايو اٿم ۽ هاڻي پايو به ويٺو آهي ٽنڊي باگي جو ماڻهو.
مدرسي جو بورچي ڏاڏو برادي چوندو هو هو ته “مير صاحب مقرر ڪري ويو آهي ۽ جيتوڻيڪ پوڙهو به ٿي ويو آهيان ۽ بيمار به گذاريان ٿو مگر پاڻ واعدو ورتو هئائين ته “برادي! شاگرد منهنجا ٻچا آهن، توڙ تائين انهن کي رڌي پچائي کارائجان.” تنهنڪري وڏي چاھ ۽ ايمانداري سان رڌڻو سنڀاليندو هو. هڪڙي رات سياري ۾ مدرسي ۾ ڊرامو ٿي رهيو هو. ڏاڍو بيمار هو. چانھه ڪاڙيندي مري ويو. مير سان ڪيل واعدو جان ڏيئي به پاري ويو.
مدرسي جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي؟ گهڻو ڪري استاد سڀ قابل، هيڊ ماستر غلام حسين سومرو بلا جو منتظم ۽ خوددار! ڪڏهن به مدرسي کان ٻاهر وڃي ڪنهن وزير يا ڪليڪٽر سان ڪونه مليو. جڏهن به ڪنهن موقعي تي ڪو وزير يا آفيسر اسڪول ۾ آيو ته پاڻ ڊگهو ڪوٽ پائي پيو ان سان هلندو هو ته، ائين نظر ايندو هو ڄڻ ته جارج پنجون اچي ويو آهي.
استادن ۾ اعليٰ درجي جا صاحب لکي ملڪاڻي، نيڻو گدواڻي، بٽاڻي سائنس ٽيچر، پنهنجي فرض ادائي جا ايڏا ته پختا ۽ وفادار، جو اڃان ڪونه وسريا آهن. استاد قادر بخش خاصخيلي ته پڙهايو ئي هو. مير صاحب. استاد غلام محمد ڪولاچي، استاد غوث بخش قريشي شڪارپور وارو، شفيع محمد ۽ خير محمد آرائين، سڀ جا سڀ ڪلاسن ۾ باقائده پڙهائڻ وارا، ٽيوشن ۾ سنڀاليندڙ. ڊرائنگ ماستر مسٽر هدايت الله ته وري شاگردن جو ڪوآپريٽو اسٽور هلائيندو هو.مولوي احسان علي لغاري بورڊنگ هائوس جو ليکو رکندو هو. راندين ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ ته سڄي سنڌ ۾ مدرسو برک هو. شاگردن جي لياقت ۽ اخلاق جو عمل جاري رهندو هو. گهڻو ڪري ڪو به مدرسي جو شاگرد نه ٿڙيو هوندو ۽ نه بگڙيو هوندو.
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪيل نيڪ ڪم
1- لاڙ ۾ هاءِ اسڪول کولڻ
مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، سنڌ جي پٺتي پيل علائقي لاڙ خطي جي ٽنڊو باگو شهر ۾ پنهنجا لکين رپيا خرچ ڪري غريبن ۽ مسڪينن جي تعليم لاءِ سال 1920ع ۾ هڪ عاليشان مدرسو تعمير ڪرايو، جيڪو سنڌ ۾ “لارينس مدرسه” جي ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر (هاڻي) “گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو” جي نالي سان مشهور آهي ۽ سنڌ جي قديم درسگاهن مان هڪ آهي.
2- عاليشان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس
سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ هڪ عاليشان بورڊنگ هائوس ٺهرائي، جيڪا اڄ تائين “گبسن هاسٽل” جي نالي سان مشهور آهي. جتي اڃا تائين غريب شاگردن کي مفت کاڌو ۽ رهائش مهيا ڪئي وڃي ٿي.
3- هاءِ اسڪول جي ڀلائي لاءِ ٽي لک ستاسي هزار رپيا ڊپازٽ
مرحوم مير صاحب هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل کي هلائڻ لاءِ ٽي لک روپيا گورنمينٽ وٽ ڊپازٽ طور رکيا، جيڪي اڄ تائين محفوظ آهن ۽ فقط انهن جي وياج مان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلي رهيو آهي.
4- نياڻين جي تعليم لاءِ زنانو اسڪول ٺهرائڻ
مرحوم مير صاحب زناني تعليم لاءِ هڪ عاليشان “گرلس پرائمري اسڪول” شهر ٽنڊو باگو ۾ ذاتي خرچ سان ٺهرايو، جتي اڄ ڏينهن تائين شهر جو ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.
5- عورتن جي علاج لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال
مرحوم مير صاحب عورتن جي علاج لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال ٽنڊوباگو شهر ۾ ٺهرائي، اسپتال ۽ دوائن جو خرچ پاڻ ادا ڪندا هئا.
مردن لاءِ جدا “بولس دواخانو” کولايو هئائين، جتي غريبن ۽ بيمارن جو مفت علاج ٿيندو هو.
6. گشتي دواخانو
مرحوم مير صاحب لاڙ جي غريب عوام لاءِ هڪ گشتي دواخانو پڻ ٺهرايو هو جيڪو ٻهراڙين ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي بيمار ماڻهن جو مفت دوا درمل ڪندو هو.
7. ٻهراڙين ۾ پرائمري اسڪول کولائڻ
ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ مرحوم مير صاحب پرائمري اسڪول ۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ هاسٽل ٺهرائي هئي، جتي هارين ۽ مزورن جا ٻار به مفت تعليم حاصل ڪندا هئا. اسڪولي شاگردن لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙن وغيره جو خرچ مير صاحب خود ڀريندو هو.
8- ديني تعليمي لاءِ مدرسن کي گرانٽ
مدرسه ٿوهي ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري کي مرحوم مير صاحب طرفان هر ماه گرانٽ ملندي هئي. مدرسه مولوي محمد عثمان ڀنڀرو ڳوٺ شادي پلي ضلعه ٿرپارڪر کي پڻ سالياني گرانٽ مير صاحب طرفان ملندي رهندي هئي.
9- غريب شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ ولايت موڪلڻ
غريب ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپون مير صاحب طرفان ڏنيون وينديون هيون، ۽ ڪن شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ سان ملڪ کان ٻاهر موڪليندو هو.
10- بيواهن ۽ يتيمن لاءِ وظيفو
مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، لاڙ جي غريب بيواھ ۽ يتيمن عورتن کي ماهوار وظيفو ڏيندو هو.
۽ پڻ ٻيا خير جا ڪم مير صاحب ڪيا، جن جا انگ اکر ملي نه سگهيا آهن.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج.
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
(شاه)