شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ڳالهيون نه وسرڻ جهڙيون

ڳالهيون نه وسرڻ جهڙيون

- نامعلوم

هڪ دفعو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر غلام حسين سومرو، مير صاحب کي لکي موڪليو ته، “توهان جي محنت ۽ خيرات ته رائگان پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته توهان جي راڄ جا ڇوڪرا صرف ٻه ٽي انگريزي درجا پڙهيو وريو وڃيو هر ڪاهين.” جنهن جي جواب ۾ مير صاحب لکيو ته، “سومرا صاحب، توهان منهنجي هن خيرات ۽ محنت جو مقصد شايد سمجهي نه سگهيا آهيو. منهنجي اها خواهش رهي آهي ته هتي جا ماڻهو ڀلي هر ڇو نه هڪلين، پر کين ايتري انگريزي ايندڙ هجي جو سرڪار جي ڳاڙهين پٽڪين وارن ڪامورن کي ٻه چار تکا جملا چون، سي به انگريزيءَ ۾ چون.”
(1)
هڪ ڀيري مير صاحب هاسٽل ۾ آيو، ۽ هڪڙي مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيائين ته، “ مئٽرڪ جي امتحان جي في ڇو ڪونه پياري اٿئي؟” شاگرد جواب ڏنو ته “پئسا موجود ڪونه هئا.” ان تي مير صاحب وراڻيو ته بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي، پر امتحان جي في ته ڀريو؟ پئسه ناهن ته ڪو ڳھه گروي رکي پئسه کڻي اچ. شاگرد جواب ڏنو سائين! مئٽرڪ پڙهي هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه گروي رکان. انهي جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين. “هي خرچ انهيءَ لاءِ ته ڪيا اٿم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي. توکي شاباس هجي پٽ.” پوءِ مير صاحب ان شاگرد کي 15 روپيه في لاءِ ۽ 15 روپيه موزون جواب ڏيڻ جي ڪري انعام طور ڏنا.
(2)
هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جي پراڻي استاد محترم لکي ملڪاڻي ٻڌايو ته، تازو ڪاليج مان گريجوئيٽ ٿيو هجان... ٽنڊي باگي ۾ نوڪري ملي، وڃي نڪتس. پهچڻ تي سڌو مير صاحب سان ملڻ خاطر بنگلي تي ويس. نهايت عاليشان بنگلو هو. ٻاهر الهندي طرف منجي تي هڪڙو سفيد پوش ڳوٺاڻو ويٺل نظر آيو. سنڌي جُتي، کدڙ جا ڪپڙا، کانئس مير صاحب جو پڇيم. هن هڪدم ٻئي ماڻهو کي اشارو ڪري بنگلي مان عمدي آرام ڪرسي گهرائي ۽ مونکي ويهڻ لاءِ چيو. جنهنکي مون ڳوٺاڻو سمجهو هو، تنهن لاءِ معلوم ٿيم ته مير صاحب پاڻ آهي. مونکي عمدي قسم جي ولايتي ڪشميري جو فل سوٽ پيل هو. مير صاحب جن ڏسي ان سوٽ جي گهڻي تعريف ڪئي. مگر وڌيڪ چيائين ته “ادا! اسان به گرم ڪوٽ ٺهرايو آهي. اوهان کي ڏيکاريون ٿا.” نوڪر هڪڙي هڙ ۾ ٻڌل ڪوٽ کڻي آيو. ڪوٽ ڇا هو، جهڙو ڏاس جو کٿو. مير صاحب جن اٿي اهو ڪوٽ پاتو ۽ چيائين ته، “ماستر صاحب! ٽنڊي باگي ۾ رڍن جي اُن ڪترائي، ٽنڊي باگي جي واهه ۾ ڌوئاري، هتي جي ڪورين کان ڪتائي ۽ هتان ٽنڊي باگي مان ئي اُڻائي، ٽنڊي باگي جي درزي کان سبايو اٿم ۽ هاڻي پايو به ويٺو آهي ٽنڊي باگي جو ماڻهو.”
(3)
هڪ ڀيرو ڪنهن شاگرد ڏٺو ته ٻنپهرن جي ٻوڙ واري ديڳ مان مک نڪتي. وٺي گوڙ ٿيو ۽ شاگردن ماني کائڻ کان اسٽرائيڪ ڪئي. مير صاحب کي خبر پئي. پڇا تي هيڊ ماستر صاحب، شاگردن کي ڏوهي ٺهرايو ۽ چيو ته، “ڇوڪرن جو من وڌي ويو آهي. گهر ۾ لسي به ڪانه اٿن، هتي خيراتي ماني تي وٺي ايترو گوڙ ڪيو اٿن. ٻوڙ مان هڪڙي مک نڪتي ته ڇا ٿيو؟ ميرصاحب چيو ته، قوم جي من وڌائڻ لاءِ ۽ شاگردن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ لازمي آهي ته، سندن گهرجون پوريون ڪجن. ٻوڙ جي ديڳ مون ڏانهن موڪليو. منهنجي خرچ تي ٻيو ٻوڙ رڌائي ٻارن کي کارايو.”
(4)
هڪ ڀيري هن ئي تر جي هڪ وڏي جاگيردار، مير صاحب جن کي چيو ته، “ٻڌو اٿم ته توهان صاحبن هتي انگريزي اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.” مير صاحب هاڪار ۾ جواب ڏنو. ان وڏيري چيو ته، “پوءِ اهي هاري جيڪي اسان جي سامهون ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جي جرئت ئي نٿا رکن، انهن جو اولاد پڙهي اسان کي ته ڏاڙهين مان جهليندو.” مير صاحب وراڻيو ته، “منهنجي اها خواهش آهي ته انهن غريبن ۽ مسڪينن جي اولاد ۾، ايتري خودداري ۽ جرئت پيدا ٿئي، جو اهي اسان کي ڏاڙهين مان جهلي پنهنجا حق وصول ڪن.”
(5)
خاصخيلي مرحوم محمد عثمان ڪينال کان روايت آهي ته: مونکي مير صاحب مئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ سنڌ مدرسة اسلام ڪراچي موڪليو، جتي مونکي مير صاحب طرفان 65 روپيا ماهوار مني آرڊر وسيلي ملندا هئا. هڪ ڀيري مني آرڊر ۾ دير ٿي. تنهنڪري آئون واپس ٽنڊي باگي پهتس. اسڪول ۾ معلوم ٿيو ته مير صاحب هيڊ ماستر آفيس ۾ تشريف فرما ٿيا آهن، سو آئون به هاسيڪار وڃي دروازي اڳيان لنگهيس. مير صاحب جي جڏهن مون تي نظر پئي ته يڪدم گهرائي پڇيائين ته، “ بابا تون هتي ڪيئن؟” مير صاحب جي لاڏ ۽ پيار اسان جو ايڏو ته دماغ خراب ڪري ڇڏيو هو جو مون نهايت ئي اڍنگي نموني سان وراڻيو ته، “پئسا موڪليا اٿئي جو پڇين ٿو ته هتي ڇو پيو هلين.” مير صاحب اهو جواب ٻڌي هڪدم مسڪرائي ڏنو ۽ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي 37 چانديءَ جا روپيا ڪڍي اهي مونکي ڏئي چيائين ته، “هي کڻي وڃ باقي پئسا مني آرڊر ڪري موڪليان ٿو.” آئون جيڪو اڳي ئي مير جي بي انتها پيار جي ڪري کري چڪو هوس، سو اهي پئسا کڻي مير جي منهن تي اڇلائي هنيم. پر هي فرشته صفت انسان ذري برابر به ناراض نه ٿيو، بلڪه اٿي اهي پئسا پٽ تان چونڊي ۽ وڌيڪ هيڊ ماستر کان اڌارا کڻي مونکي پورا 65 روپيه ڪري ڏنائين ۽ چيائين ته، “بابا هاڻي پئسن موڪلڻ ۾ ڪڏهن دير ڪونه ڪندس.” اڄ جڏهن وڏو ٿي ويو آهيان ته سوچيان ٿو ته مرحوم مير تي علم حاصل ڪندڙ شاگردن سان ڪيتري نه محبت هئي. ايڏي محبت ڪنهن پيءَ کي توڻي پنهنجي سڳي اولاد سان شايد ئي هجي.