مير غلام محمد خان ٽالپر جي باغيچي جو هڪ گل
- عبدالعزيز خواجه
مير غلام محمد خان ٽالپر جي مدرسي مان ڪيترائي اهڙا عالم، فاضل، فلاسافر، دانشور، شاعر، اديب ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا جيڪي نه فقط سنڌ پر پاڪستان ۾ مشهور ٿيا. اهڙن عالمن، فاضلن ۽ تعليمي ماهرن مان اسانجي اسڪول جو هڪ اهڙو گل جنهن جي خوشبوءَ جو فائدو ضلع نوابشاھ جي ماڻهن حاصل ڪيو. ان شخصيت جو نالو ايڇ ايم خواجا هو.
هي سنڌ ضلع بدين تعلقي ٽنڊي باگي ۾ 8 آڪٽوبر 1907ع تي مهر علي خواجا جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ابتدائي تعليم استاد محمد صديق “مسافر” جي زير تربيت ٿي. سندن نالو “لارينس مدرسه” جي جنرل رجسٽر ۾ 7 نومبر تي درج ٿيو .اپريل 1921ع ۾ داخل ٿيو جتان 1926ع ۾ اسٽينڊرڊ جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ انهيءَ دوران مير غلام محمد خان ٽالپر جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. خواجا صاحب مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي ۽ ان جي شخصيت کي ويجهي کان ڏٺو ۽ تمام گهڻو متاثر ٿيا. اهو هي سبب هيو جو اڳتي هلي جڏهن خواجا صاحب عملي زندگي ۾ پير پاتو ته انهي شخصيت ۾ مير صاحب جي مشنن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهريائين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪري استاد جو پيشو اختيار ڪيائين. 1932ع ۾ خواجا صاحب پهريائين لاڙڪاڻي ۽ پوءِ 36-1935 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري ميرپورخاص ۾ استاد مقرر ٿيا. انهي ڏينهن ۾ سنڌ جي اندر مسلمان تعليم جي ميدان ۾ پٺتي هئا. نوابشاھ شهر جي ڪن هڏ ڏوکين هڪ تنظيم ٺاهي هڪ اسڪول 1936ع ۾ کولرايو. جنهن کي اڳتي هلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي تحويل ۾ وٺي مڊل اسڪول قائم ڪيو. هتي جي عوامي نمائندن جي نظر ايڇ ايم خواجا صاحب جن جي اعليٰ ڪردار ۽ ذهانت تي پئي ۽ کين اسڪول ۾ ملازمت ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. پاڻ سرڪاري نوڪري ڇڏي 1936ع ۾ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول نوابشاھ جا هيڊماستر ٿيا. هن پنهنجي زندگي اسڪول لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهو اسڪول 1940ع ۾ هاءِ اسڪول ٿيو.
خواجا صاحب مير غلام محمد ۽ محمد صديق مسافر کان جيڪو ڪجھه حاصل ڪيو انهيءَ تجربي ۽ تربيت جو پورو فائدو هن نوابشاھ جي ماڻهن لاءِ صرف ڪيو، جيڪو مشن لاڙ خطي لاءِ مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب جن رکندا هئا. انهيءَ طرز تي خواجا صاحب پنهنجي زندگي نوابشاھ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪئي. جهڙي ريت لاڙ ۽ سنڌ جا ماڻهو تعليم لاءِ ڪيل خدمتن عيوض مير صاحب کي لاڙ جو ابو سڏين ٿا اهڙي ريت نوابشاه جا ماڻهو حاجي خواجا صاحب جن کي پڻ ياد ڪن ٿا.
مير غلام محمد خان ٽالپر وانگر حاجي خواجا جي به اها خواهش هوندي هئي ته ٻهراڙين جي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ ذهين شاگردن کي فري بورڊنگ، فري ڪپڙا ۽ ڪتاب ڏئي کين تعليم جي زيور سان سينگاريو وڃي ۽ هو انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ڪيترن غريب شاگردن فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ ملڪ جي اعليٰ عهدن تي فائز آهن. جيڪي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
ايڇ ايم خواجا صاحب نوابشاھ جهڙي علائقي ۾ زناني تعليم ڏانهن پڻ توجه ڏني ۽ هڪ گرلس اسڪول کولرايو بهرحال تعليم جي ميدان ۾ خواجا صاحب جن جون تمام گهڻيون خدمتون آهن. جن جي طفيل کين صدر پاڪستان فيلڊ مارشل ايوب خان تمغهءِ خدمت سان نوازيو. پاڻ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪينڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جا 1972 کان 1979 تائين چيئرمين رهيا.
خواجا صاحب جي انهي تعليمي سفر ۾ سندن رهنمائي شروعاتي دور ۾ محمد صديق مسسافر جن ڪندا رهندا هئا. سندن شاگردن جو وڏو حلقو موجود آهي. جيڪي سائين جن کي پنهنجو مرشد ڪري مڃين ٿا. سندن ئي ڪوششن سان ٽنڊو باگو شهر ۾ ٽيليفون سروس 1973ع ۾ شروع ٿي. اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي به انهن شاگردن ۾ شامل هو جيڪو تمام گهڻي عزت ڪندو هو.
مير غلام محمد خان ٽالپر جي جلايل جوت مان ٻرندڙ هي ڏيئو 20 سيپٽيمبر 1999ع تي اجهامي ويو. سندن آخري آرامگاھ حيدرآباد ۾ واقع آهي.