شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو تعارف

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو تعارف
(اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو)

- ڪريم بخش پنهور

جڏهن اسان هندستان جي تاريخ تي ورهاڱي کان اڳ واري زماني تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي پتو پوي ٿو ته آزاديءَ جي جدوجهد ۾ جتي انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾ بهادر جرنيلن، اڏول انسانن، سرويچن، سورمن ۽ آزاديءَ جي متوالن، غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اتي انهن تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙ ن، علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن، مسڪينن ۽ يتيمن جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگهجي، انهن عزت ۽ احترام لائق هستين مان خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جو نالو قابلِ تعريف آهي، جنهن پنهنجي تن، من ۽ ڌن کي عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
مير صاحب جو اهو نصب العين هو ته جيستائين جهالت جو خاتمو نه ٿيندو، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيندا، تيستائين ڪا به قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نه سگهندي. کين غريبن ۽مسڪينن جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙا ٿيندي هئي ۽ اها ئي پيڙا هئي جنهن سندس اندر ۾ اڌما جاڳايا ۽ اهي اڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ پنهنجي سموري زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيائون. مير صاحب پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت خيراتي ڪمن، جهڙوڪ: اسڪول قائم ڪرڻ، شفاخانا هلائڻ، مسافر خانه تعمير ڪرائڻ، نياڻين جا اسڪول کولائڻ ۽ عورتن جي ڀلائي لاءِ ويم گهر قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪئي.
مير هڪ اعلى ۽ عظيم انسان هو. مير جهڙا انسان تاريخ ۾ تمام ٿورڙا ۽ ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي هڪ نئين سماج جي پيڙهه رکندا. ان ڪري پنهنجي مقصد جي تڪميل لاءِ هن مرد مجاهد ٽنڊي باگي شهر ۾ سال 1920ع ۾ هڪ عاليشان اسڪول قائم ڪرايو. سندس خواب هو ته هي ادارو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ وانگر يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري، پر حياتي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ مير صاحب 1932ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪافي عرصي گذرڻ کانپوءِ، ڪجھه پراڻن شاگردن جو خيال ٿيو ته مير صاحب جي نصب العين کي پايه تڪميل تي پهچائجي. انهن دوستن پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪيا، آخرڪار هو هڪ نتيجي تي پهتا ۽ اهڙيءَ طرح “اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” جو بنياد پيو.
1970ع ۾ باقاعده اولڊ بوائز ايسوسيئشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو جو اعلان ٿيو، جنهن جا هيٺيان اغراض و مقاصد طئي ڪيا ويا.
 مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر کي سنڌ جي سڄڻ ۽ گهڻ گهري جي حيثيت ۾ واقف ڪرائڻ ۽ سندس نالو روشن ڪرائڻ.
 اسڪول ۽ هاسٽل جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.
 غريب ۽ مستحق شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ.
 اسڪول جي بيروزگار شاگردن کي روزگار وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ.
 مرحوم مير صاحب جي نالي شهر ٽنڊوباگو ۾ هڪ عاليشان پبلڪ لائبريري ۽ فري ريڊنگ روم کولڻ.
 اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترين ئي چونڊيل باڊيز ڪم ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي جدوجهد ڪري، اسڪول ۽ هاسٽل جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ وس آهر ڪوششون وٺي مير صاحب جي مقصد سان سچائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي.
موجوده باڊي 28 اپريل 1940ع تي ٿيندڙ باقاعده اليڪشن ۾ ووٽن جو وڏو انگ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
1. ڪريم بخش پنهور (صدر)
2. دولت. ايم (وڪيل) (نائب صدر)
3. آفتاب عالم کتري (جنرل سيڪريٽري)
4. شامون مل لوهاڻه (جوائنٽ سيڪريٽري)
5. جاويد اسلم ميمڻ (خزانچي)

ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي
6. سڪندر اعظم قاضي
7. شاهد احمد رستماڻي
8. غلام مصطفى ميمڻ
9. بشير احمد خاصخيلي
10. امتياز احمد ڀرڳڙي
11. عبدالسميع قمبراڻي
 موجوده باڊي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ انتهائي جانفشاني ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڏينهن رات اسڪول، هاسٽل ۽ ايسوسيئيشن جي ڀلائي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي ته جيئن مير صاحب جي خواب کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪجي. موجوده چونڊيل عهديدارن هيٺيان ڪم ترت هٿ ۾ کنيا آهن ۽ آئنده لاءِ پڻ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن.
 خانبهار مير غلام محمد خان ٽالپر جي نالي تي لاڙ ۾ “لاڙ يونيورسٽي” قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
 سنڌ گورنمينٽ طرفان منظور ڪيل گرلس ڪاليج کي ترت قائم ڪرائڻ ۽ باقاعده هلائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
 مير صاحب جي نالي تي هلندڙ لائبريري ۽ فري ريڊنگ روم لاءِ هڪ بهترين ۽ عاليشان عمارت تعمير ڪرائڻ، جنهن لاءِ مير صاحب جو ٺهرايل مسافر خانو، پراڻي ڪورٽ بلڊنگ، جناب ڊپٽي ڪمشنر بدين محترم عبدالسبحان ميمڻ طرفان الاٽ ڪري ڏني وئي آهي، ان لاءِ ڪوشش وٺي بهترين لائبريري ٺهرائڻ ۽ لائبريري لاءِ نوان ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ غريب شاگردن لاءِ بڪ بئنڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
 سنڌ گورنمينٽ طرفان منظور ڪيل مونو ٽيڪنيڪل اداري جي تعمير لاءِ ڪوششون وٺي جلد از جلد تعمير ڪرائڻ.
 ڊپٽي ڪمشنر بدين طرفان 100 ايڪڙ زمين ڏيڻ واري واعدي کي پورو ڪرائي، زمين اسڪول ۽ هاسٽل جي نالي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ. ان کان علاوه 12 فيبروري 1995 تي ڊپٽي ڪمشنر بدين طرفان اعلان ڪيل 5 لک روپين جي خصوصي گرانٽ مان رهيل 4 لک روپين جي رقم وصول ڪري اسڪول ۽ هاسٽل جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائڻ.
 اولڊ بوائز ايسوسيئيشن هيستائين اسڪول ۽ هاسٽل تائين محدود هئي، جڏهن ته مير صاحب زندگي جي هر شعبي ۾ خيراتي ڪم ڪرايا ۽ انساني همدردي جا اعلى نمونا قائم ڪيا. ان ڪري انهن مقصدن کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ، موجوده باڊي، ايسوسيئيشن جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن هتي جي ڏکويل انسانيت جي هر شعبي جهڙوڪ: سماجي، معاشي، صحت ۽ بيروزگاري جي ميدانن ۾ خدمت ڪري سگهجي.
 جيتوڻيڪ ايسوسيئيشن وٽ آمدني جا بلڪل محدود ذريعا آهن تنهن هوندي به ايسوسيئيشن جاعهديدار ۽ ميمبر رات ڏينهن محنت ۽ مشقت ڪري فنڊز جمع ڪرڻ ۾ مصروف آهن. هن عظيم مقصد ۾ ٽنڊي باگي شهر جي رهواسين، صحافي، مخير حضرات، واپارين ۽ ضلع جي مختلف آفيسرن جو تعاون برابر ايسوسيئيشن سان شامل حال آهي.
 ٿوري عرصي ۾ ايسوسيئيشن جي موجوده باڊي جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اهو دوستن جي اڳيان آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي ان ۾ ڪنهن به هڪ جو حصو ڪونهي. انهيءَ ۾ سڀني دوستن جو حصو آهي، انهي ۾ جتي پراڻن شاگردن جي محنت آهي، اتي انهن ٻين رفيقن ۽ ساٿين جو تعاون به شامل آهي، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جي اسڪول جا پراڻا شاگرد نه آهن، تنهن هوندي به انهن سڀني پراڻن شاگردن، ٽنڊي باگي جي شهرين ۽ ٻين مددگارن، گهڻگهرن، دوستن ۽ سڄڻن جي ٿورائتي آهي، جن صاحبن ايسوسيئيشن سان هر وقت سڏ ۾ سڏ ملايو آهي ۽ وقت سر مالي ۽ ٻي هر ڪا مدد پئي ڪئي آهي. ايسوسيئيشن نوجوان ليڪچرر مسٽر ضرار رستماڻي ۽ سليمان سمون جي ٿورائتي آهي، جن صاحبن هي ڪتابچو شايع ڪرائڻ ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي.

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جا اغراض و مقاصد

1- مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر کي سنڌ جو سڄڻ ۽ گهڻگهري جي حيثيت ۾ واقف ڪرائڻ ۽ سندس نالو روشن ڪرڻ.
2- اسڪول ۽ هاسٽل جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.
3- غريب ۽ مستحق شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ.
4- اسڪول جي بيروزگار شاگردن کي روزگار وٺائي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
5- مرحوم مير صاحب جي شهر ٽنڊو باگو ۾ عاليشان پبلڪ لئبريري ۽ فري ريڊنگ روم کولڻ.

خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر لائبريري ۽ فري ريڊنگ روم ٽنڊوباگو جا مستقل سهڪاري

لائبريري جي لاءِ ڪمرو ڊونيٽ ڪندڙ: شمس الدين خواجه
1. روزنامه “ڊان” ڪراچي لائبريري روم
2. روزنامه “جنگ” ڪراچي ڊاڪٽر ذوالفقار علي خواجه
3. روزنامه “عبرت” حيدرآباد ڍالو مل موتي وڪيل
4. روزنامه “هلال پاڪستان” حيدرآباد فتح محمد ملاح
5. روزنامه “جاڳو” ڪراچي جهامنداس لوهاڻو
6. روزنامه “عوامي آواز” ڪراچي امتياز علي خواجه
7. روزنامه “سرواڻ” حيدرآباد ربڏنو خاصخيلي “راهي”
8. روزنامه “آفتاب” حيدرآباد سيٺ ڪرشن ڪمار لوهاڻو
9. روزنامه “ڪاوش” حيدرآباد امتياز علي خواجه
10. روزنامه “برسات” ڪراچي منور احمد کتري
11. روزنامه “پڪار” ڪراچي محمد سليمان جروار
12. روزنامه “سنڌ ٽربيون” ڪراچي سيٺ شفقت خواجه
13. روزنامه “حق جو هوڪو” ڪراچي امتياز احمد سمون
14. پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” حيدرآباد ويرو مل موتي
15. پندرنهن روزه “فيملي مئگزين” حيدرآباد غلام اڪبر خواجه
16. ماهوار سوجهرو رسالو فراق هاليپوٽو