شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اسان جو مٿڀرو محسن

اسان جو مٿڀرو محسن

- مورواڻي نٿو مل

اسان جي سٻاجهي سنڌڙي سوين لال پيدا ڪيا. جن تن من ۽ ڌن جي قرباني ڏيئي سنڌ واسين کي سوين سک ڏنا. انهن نيڪ انسانن مان ڪن سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺي، سندس مستقبل کي روشن بنايو ڪن وري هن ڌرتي جي آن ۽ شان رکڻ لاءِ پنهنجا لڏندا ڪڏندا ڪنڌ قربان ڪيا ته ڪن صاحبن وري پنهنجون پونجيون لٽائي، اٻوجهه عوام لاءِ علم جا چشما برپا ڪيا. جن مان سنڌ جا سوين سپوٽ سيراب ٿي صاحب عظمت انسان بڻيا. انهن بزرگن ۾ حسن علي افندي، سيد الهڏنو شاه، مرحوم نور محمد وڪيل، ساڌو نولراءِ، ديوان ڏيارام، مخدوم غلام حيدر ۽ ٻين صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن. اهي سڀ صاحب پاڻ ملهائي ويا. سندن ڪوششون ۽ علم پکيڙڻ لاءِ جاکوڙ سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نٿو سگھي. ليڪن خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جو نالو انهن مڙني محسنن ۾ مٿڀرو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي درسگاهون قائم ڪيون ويون تن ۾ ڪيترن ئي سخي انسانن دل کولي دان ڏنا هئا. ليڪن مير غلام محمد خان ڪنهن کان ڪوڏي به نه ورتي. پنهنجي پوري ملڪيت خرچ ڪري لاڙ ۾ علم جو چراغ روشن ڪيائين. مير صاحب لاڙ جي مشهور ماڻڪاڻي ٽالپر جي خاندان مان هئا. سندن ولادت جي تاريخ ملي نه سگھي صرف سال ملي ٿو جيڪو 1876ع ڌاري هو. سندن والد جو نالو مير محمد خان ۽ ڏاڏي جو نالو ولي محمد خان هو. مير ولي محمد لاڙ جو وڏو جاگيردار هو پر سخي هئڻ ڪري ۽ تمام وڏي خرچ جي ڪري سندن جاگير تي قرض چڙهي ويو، جنهن ڪري اها جاگير مئينجر کاتي ۾ هلي ويئي. انهي ڪري مير غلام محمد خان کي ننڍپڻ کان ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. کيس وڌيڪ تعليم به ملي نه سگهي. پيٽ گذر لاءِ مير غلام محمد خود هاري ٿي ڪم ڪندو هو. هٿ سان هر هلائي پيٽ گذر ڪندو هو. نيٺ کيس پوليس کاتي ۾ ڪنسٽيبل جي نوڪري ملي، جتي مير صاحب نهايت ايمانداري ۽ جفا ڪشي سان نوڪري ڪئي، جنهن ڪري کيس ترت ئي هيڊ ڪنسٽيبل مقرر ڪيو ويو. پر جيئن ته مير صاحب ايماندار، شريف ۽ هڪ مخلص انسان هئا تنهن ڪري پوليس جي نوڪري هلائي نٿي سگهيا ۽ ويتر گهرو خرچ جي پورائي نه ٿيڻ ڪري نوڪري تان استعيفا ڏيئي، اسٽامپ وينڊري جو ڪم شروع ڪيائون. نيٺ 1909ع ۾ سندن جاگير قرض کان آجي ٿي ته مير صاحب پنهنجي جاگير جو ڪم سنڀالڻ لڳا. مير غلام محمد خان وٽ ايترو پئسو نه هو جو جاگير جو ڪم هلائي. انهي لاءِ پاڻ ڪجهه رقم قرض طور وٺي جاگير جو ڪم هلايائين. مير صاحب جاگير جو ڪم اهڙي ته سٺي نموني هلايو جو هاري ناري کانئس ڏاڍا خوش هئا. ڪنهن کي مجال نه هئي جو هاري تي ڪو هٿ کڻي. مير صاحب 1914ع واري مهاڀاري لڙائي ۾ انگريز سرڪار کي هڪ لک روپيه ڏنا جنهنڪري انگريز سرڪار کيس خانبهادر جو لقب ڏنو. مير صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، جڏهن ڏسندو هو ته لاڙ ۾ عموماً ماڻهن مٿان ظلم ٿيندو ٿو رهي. کيس انهي ڳالھه جي به وڏي چنتا رهندي هئي ته هتي جا ماڻهو جاهل ۽ اٻوجھه آهن. تنهنڪري پاڻ تاڻي ورتائين ته جيسين ماڻهن کي تعليم نه ملندي تيسين هي ظلم، نا انصافي، غلامانا ذهينت، ڪڌيون رسمون ڪڏهن به قوم مان دور نه ٿينديون. انهي ڪري مير صاحب مسلسل جدوجهد جاري رکي. پهريائين پنهنجي جاگير ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيائين. اهڙا ڪافي اسڪول چو طرف پنهنجي خرچ تي قائم ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ به اونو هوندو هوس. انهيءَ ڪري شهر ٽنڊو باگو ۾ مرحوم محمد صديق مسافر جي صلاح ۽ مشوري سان انگريزي اسڪول کوليائين. 1923ع ۾ مرحوم مير صاحب انهي اسڪول لاءِ عاليشان عمارت ٺهرائي ۽ ان سان گڏ بورڊنگ هائوس جي جڳھه به تيار ڪرايائين جا ان وقت جي ڪمشنر جي نالي سان گبسن بورڊنگ هائوس سڏجي ٿي. 1930ع ۾ انهي اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريائين ۽ عمارت ۾ وڌيڪ توسيع ڪيائين. اسڪول جو نالو لارينس مدرسه رکيائين. اسڪول جي هاسٽل ۽ بورڊنگ هلائڻ لاءِ سرڪار کي 3 لک 87 هزار رپيا ڏنائين جنهن مان اڄ تائين اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو ڪم هلي ٿو.
اڄ تائين سوين ڇوڪرن کي هاسٽل ۾ مفت ۾ کاڌو ملي ٿو. هن اسڪول مان هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري ملڪ جي اهم عهدن تي فائز ٿيا آهن. سٺا سياستدان، عالم، اديب، مفڪر، استاد ۽ مقرر هن اسڪول پيدا ڪيا آهن جن وطن جون بهترين خذمتون ڪيون ۽ ڪندا رهندا.
مرحوم مير صاحب نه رڳو ڇوڪرن جي تعليم طرف ڌيان ڏنو، مگر نياڻين جي تعليم لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيائين. ٽنڊو باگو شهر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ زناني تعليم جو بندوبست به ڪيائين. اهي زنانه اسڪول اڄ به قائم ۽ دائم آهن جن مان لاڙ جون نياڻيون تعليم جهڙي زيور سان آراستا ٿين پيون. مير صاحب انهي کان علاوه ڪيترن شاگردن کي مئٽرڪ کان مٿي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪيترن شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيندو هو. نه صرف ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪه ولايت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيندو هو. جن مان ڊاڪٽر دائود پوٽي جو نالو به قابل ذڪر آهي. تعليمي ميدان ۾ مير صاحب به بنان ڪنهن ڀيد ڀاؤ جي سڀني انسانن جي يڪسان خذمت ڪئي. سندس اسڪول ۾ هندن لاءِ به الگ هاسٽل هوندي هئي. هندن لاءِ به سندس دل ڪشادي هئي، ڪيترن هندو صاحبن به خذمتن سان فيض حاصل ڪيو آهي.
مرحوم مير صاحب نه صرف تعليم طرف توجهه ڏني پر ماڻهن جي صحت لاءِ به ڪافي ڪجھه ڪيائين. تپاولي جي موسم ۾ سندس گشتي دواخانه سڄي لاڙ ۾ هلندا هئا جن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ٿيندو هو. مير صاحب عورتن جي صحت لاءِ خاص ٽنڊي باگي ۾ نرسنگ سينٽر کوليو، جتي لاڙ جون نياڻيون سکيا وٺي ٻارن جي صحت ۽ عورتون لاءِ خذمتون سرانجام ڏينديون هيون. انهي کان سواءِ مير صاحب لاڙ ۾ ماڻهن جي مال ۽ عزت لاءِ به ڪافي خذمتون سرانجام ڏنيون. کيس آنرري مئجسٽريٽ جا اختيار سرڪار کان مليل هوندا هئا جن ۾ کيس 6 مهينا سزا ڏيڻ جو اختيار هو تنهن ڪري پاڻ لاڙ ۾ چورين چڪارين ۽ غريبن سان ٿيندڙ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاور جو جائز استعمال ڪري لاڙ ۾ امن امان قائم رکيائون. اهي ته هئا سندس خير جا ڪم جن جي اسان کي خبر آهي پر ٻيا به سندس سوين ڪم هئا جن جي ڄاڻ پئجي نه سگھي آهي.
افسوس جو اسان جو هي لاڙ جو محسن 12 فيبروري تي اسان کي جدائي جو داغ ڏئي هميشه لاءِ هن دنيا مان هليو ويو. سندس ڪيل نيڪيون امر آهن ۽ سندس ياد جيستائين هي ڌرتي آهي قائم رهندي.