پرين پٽائين گج جيئن
مير غلام محمد خان ٽالپر کي ڀيٽا
- منظور سمون
شاعري ۽ موسيقي وانگر سدا امر پنهنجي ديس ۽ انسانذات جي تقدير بدلائيندڙ، پيار جيان زندگيءَ کي خوب معنى بخشيندڙ، مير غلام محمد خان ٽالپر جو نالو ئي حُسن جو خواب جي علامت، جهالت جي خلاف سراپا بغاوت، پنهنجي ذات ۾ سخاوت ئي سخاوت، علم جي قافلي جي قيادت، حق ۽ انصاف جي عدالت، هن پرڳڻي جي خوبصورتي، روشني، دانائي جو هڪڙو الڳ باب، هڪڙي الڳ ٿلڳ تاريخ، هڪڙو ارڏو دور، هڪڙو اهڙو دور جنهن دور ۾ انگ اگهاڙي خزان جهالت جي سرءَ جهالت جي خزان جهنڪارن سان بي سُرائي وارا راڳ پئي ڳاتا، انڌيرا ئي انڌيرا هئا. جهالت جي بازن جا لامارا هئا، ڦيرا هئا، ماڻهو علم جي عين کان ئي واقف نه هئا. هن مرد قلندر، روشنين جي رهبر اهي سڀ منظر مٽائڻ لاءِ سمونڊن جيان گرجندي گونجندي اٿي اهو چيو ته اچو علم حاصل ڪريو. ڪيستائين توهان لُڪن ۽ جهولن ۾ پنهنجا پٺا ڪاڙهيندا؟ اچو هن “وديا نگر” ۾ جاهلانه تنگ نظري جي ريتن کي تڙي ڪڍي. مير صاحب بغاوتن جو باني ٿي طبقاتي تعصب جي سِر سِر اکوڙي علم جو اهو عَلم بلند ڪيو جنهن کي اڄ اسين سڀ سلام ڪريون ٿا.
ثقافت، ڌرتي ۽ ماءُ جي ٿڃ ۽ لطيف جي احساس جهڙو هڪڙو نئون ماحول ارپيندڙ مير صاحب جنهن هتي جي ماڻهن سان بي پناه عشق ڪيو ۽ محبت جون سڀ ارڏيون ادائون قبول ڪري هڪڙي اهڙي تاريخ رقم ڪرائي، هڪڙو اهڙو نئون اتهاس ڏنو جنهن تي قومون فخر ڪنديون. هن فرسوده معاشري جي ديوار کي ڌڪي سان ڪيرائيندي هڪ عظمت جو اتهاس هي ماڻهو جنهن هڪ اهڙي اداري جو سنگِ بنياد وڌو جو اڄ اسين سڀ ماڻهو سندس حَسين خواب جهڙي اسڪول کي پنهنجي جند ۽ جان کان به عزيز رکڻ پنهنجو هڪ قومي فرض سمجهون ٿا.
بدين جي لوڪ ادب واري هي لوڻياٺي سرزمين جتي سوين سرگرم وجود طويل تاريخ ارپي اٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعره مرکان شيخڻ جي پڊن کان وٺي “خليفي نبي بخش قاسم” جي مرشد ۽ مريد هدوئي هيڪ ٿيا. جهڙي ڪيڏاري جي لافاني سٽن تائين ڪهڙيون اورنائون اورجن، ملاح جي شاعريءَ جي هنر جي گسن جون ڳالهيون ڪجن يا زندگيءَ جي گوناگون تخيل جي ٻين تحريرن ڏي وڃجي يا ڀاڳوڀان جي “گولي ويندي گجرين سڏبي دودل ڀيڻ” جهڙي آفاقي سِٽ ڏي وڃجي. عوامي زندگيءَ جي چهل پهل اها چرپر، حرڪت و نقل، مطلب ته دل کي محبوب جي نگاهن سان ڏسندي، عشق جي ادائن سان گهمندي جڏهن مير باگي خان جي شهر ۾ اينداسين ته مير غلام محمد خان ٽالپر جو روح علم جي اُڃ جو علم ڪدو پيدا ڪري پنهنجي يادن جا سوين چنڊ، ڪهڪشائون، امرت جو تول اڀاري نظر محمد شاه جي اڱڻ ۾ سمهي پيو آهي.
سائين قادر بخش خاصخيلي جي صوفيانه زندگيءَ جي آخري پهر جهڙي صبح ۾ اڄ جڏهن ڏسون پيا ته حواس ٽائرن هيٺان چچريل آهن. جنت جا فڪر الڳ الڳ ٿي اڀرن. هر ڪو پنهنجي خدا جو ڏيڍ بندو ئي چئي ٿو ان وقت مير صاحب تنهنجي عظيم سيرت ۽ چاپهين ڏاڙهي واري صورت کي ياد ڪندي ڪنهن شاعر جي هنن سٽن جي شڪل تي سوچيندا آهيون ته
ويٺو نه پسان وڻن تي، پکي پکي پاس
اچي پيو ڪو اوچتو، هنجن منجهه هراس
وڻن منجهان واس، کنڀن سوڌو کڻي ويا
پر وري ڪڏهن من ايئن به سوچيندو آهي ته نه ايئن به ڪونهي. جڏهن ڪنهن دور ۾ جڏهن جهالت جي مڇ، وري وري وار ٿي ڪيا تڏهن تون اياز جي لفظن ۾ ته
مري مري مڇ، وري ٿو وار ڪري
وري وري رڇ، گهاتن وڌو گهير ۾
نيٺ ته تو ان جهالت جي مَڇ کي ختم ڪيو جو اڄ هي هيڏو وڏو ڪم تنهنجي اداري جا معصوم ٻارڙن دنيا ۾ سنڌ سڃاڻپ جيان عيان ٿيا آهن.
سائين ايڇ ايم خواجه، ڪنول لوهاڻي، طالب لوهار، عظيم تعليمي ماهر سائين نٿو مل مورواڻي جهڙن انهن سحر انگيز شخصيتن کي ياد ڪندي اڄ جي دوستن جي يعني موجوده اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي باڊي جي ڪم کي ڏسي، اسٽيج پروگرامن کان علاوه تحريري عمل ۽ ان کي سهيڙڻ، يڪجاءَ ڪرڻ ڏاڍو بهترين عمل آهي.
صحتمند ذهنن جا مالڪ دوست لطيف جي هنن سٽن ۾ سوچيندي فخر محسوس ڪندا ته
گوني ۽ گوني، پرين پٽائين گج جيئن
جي من مجوني سي ڪيئن وڃن وسري.
(شاهه)
يا وري
ڪنين ڪنين ماڙهينءِ، گوندر وڏي وَٿ
ٻڌي گوڏي گرٿ، ساتو ڪجي سور جو.
(شاهه)