شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اسڪول تاريخي پس منظر ۾

اسڪول تاريخي پس منظر ۾

- ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ

لاڙ جي ڀلاري ڀون علم ۽ ادب جو مرڪز رهي آهي. هن خطي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، شعور ۽ قدرتي صلاحيتن سان پنهنجو مثالي ڪردار نباهيندي انسانذات جي بي لوث خدمت ڪئي آهي انهن مان هڪ امر ڪردار جو مالڪ، غريبن جو هڏ ڏوکي، همدرد، جنهن کي “لاڙ جو ابو” ۽ سنڌ جو سر سيد احمد خان چئجي ٿو. انهي جو نالو مير غلام محمد خان ٽالپر آهي. مير صاحب جي دور ۾ علائقي جا اڪثر ماڻهو غربت سبب پوئتي رهيا آهن. اڪثر آبادي تعليم جي سهولتن کان وانجهيل هئي. وڏيرن ۽ جاگيردارن وٽ غلاميءَ واري تنگدست زندگي گذارڻ تي مجبور هئا. غربت ۽ وسيلن جي اڻاٺ سبب انهن جو اولاد پري پري اسڪولن ۾ وڃي پڙهڻ ۽ خرچ ڀرڻ کان لاچار هوندو هو. علائقي ۽ وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جو رعب ۽ تاب هو. ڪوبه غريب ۽ مسڪين ماڻهو انهن اڳيان ڳالهائي اهڙي بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ لاءِ زبان کولڻ جي جرائت ڪري نه سگھندو هو. مگر قدرتي قانون آهي ته جيئن انسانذات ڪنهن مشڪل ۾ ڦاٿل هوندي آهي ته اتي پالڻهار طرفان انهن جي نجات لاءِ ڪونه ڪو مسيحا پيدا ٿيندو آهي. انهي سرزمين تي هڪ اهل دل، انهن جي دل درمان ۽ استحصال کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ مير غلام محمد خان ٽالپر جي شڪل ۾ پيدا ٿيو. جنهن مظلوم طبقي جي اهڙي ڪسمپرسي واري حالت کي ڏسي دل ۾ هڪ درد رکندي انهن جي تنگدستي واري زندگي کي تبديل ڪرڻ لاءِ سخاوت جو دريا ۽ دردن جو مداوا بڻجي هڪ اهڙي سخا لاءِ سوچيو جيڪا عارضي نه پر هميشه لاءِ هجي جيڪا گهٽجڻ جي بجاءِ وڌندي رهي. اها سخا واري دولت علم واري دولت هئي جيڪا مير صاحب انهن جي مستقل حل ۽ مستقبل جي روشن واٽ جو هڪ ذريعو سمجهيو.
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر ان وقت جي زميندارن ۽ جاگيردارن مان هڪ ننڍو جاگيردار هو. مگر هن جي دل واري جاگيرتمام وڏي هئي، جنهن انهن کي علم واري دولت سان مالامال ڪرڻ لاءِ علمي درسگاھ قائم ڪرڻ جو سوچيو. 1920ع ۾ انگريزن جو راڄ هو. مسلمانن جا صرف ٻه اسڪول هئا هڪ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۽ ٻيو نوشهري فيروز ۾ سيد الهندي شاه وارو اسڪول.
مير صاحب پڻ انهيءَ علمي تحريڪ ۾ شامل ٿي ٽنڊي باگي شهر ۾ 1920ع ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ٽنڊي باگي شهر جو رهواسي، سنڌ جو نالي وارو اديب، شاعر، دانشور، مورخ، محقق ۽ مثالي استاد محمد صديق مسافر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ استاد هو جيڪو اتي جي هڪ متعصب هيڊ ماستر سان اڻبڻت سبب موڪل تي لهي ٽنڊي باگي پهتل هو. هو مير صاحب جو اڳ ۾ ئي دوست هو. جيڪو هر موڪل ۾ اچڻ وقت ساڻس ملاقات ڪندو هو، مگر هن ڀيري ساڻس ملاقات ڪري پنهنجي اسڪول جي هيڊماسٽر سان ٿيل معاملي ۽ موڪل تي اچڻ واري حقيقت کان آگاهه ڪيو. مير صاحب ته اهڙي ماڻهن جي تلاش ۾ هو يڪدم چيائين ته آئون هتي اسڪول کولڻ چاهيان ٿو ۽ تون پرواهه نه ڪر وڌيڪ موڪل لاءِ درخواست لکي روانو ڪر ۽ کيس 50 رپيا به ڏنائين ته پنهنجو سامان حيدرآباد مان کڻي اچ. مسافر حيدرآباد روانو ٿيو جيستائين هو ٻيڙي وسيلي پنهنجو سامان کڻي ٽنڊي باگي پهتو ته مير صاحب سندس ئي محلي ۾ اسڪول لاءِ هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي 4، 5 ڪاٺ جون بئنچون ٺهرائي ۽ پنهنجي بنگلي مان هڪ ميز ۽ ٻه ڪرسيون جاءِ ۾ رکرائي ڇڏيون. مسافر جي پهچڻ تي اها جاءِ نه پر هڪ اسڪول بڻجي چڪو هو ۽ مستقبل جي هڪ وڏي علمي درسگاھ جو بنياد پئجي چڪو هو. جنهن کي مسافر جي حوالي ڪري چيائين ته هاڻي شاگرد هٿ ڪر. آسپاس ۾ هڪ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي ته ٽنڊو باگو ۾ انگريزي اسڪول علائقي واسين جي خواب خيال ۽ تصور کان تمام مٿانهين ڳالھه هئي مگر قدرت وارو ڪنهن جو ڀاڳ کولي ته ڪا دير ئي ناهي، انهي وقت ۾ ٽنڊي باگي کان 10 ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ ٿوهي ۾ هڪ ملان مڪتب هلندڙ هو. مسافر اُٺ ڀاڙي ڪري اتي پهتو ۽ انهيءَ مڪتب مان پنج ذهين شاگرد چونڊي هڪ جنوري 1920ع ۾ اسڪول جي شروعات ڪئي. اهي بنياد رکندڙ خوش قسمت شاگرد هي آهن:
(1) علي بخش ولد امام بخش لغاري ڳوٺ ٿوهي
(2) ولي محمد ولد محمد حسن لغاري ڳوٺ ٿوهي.
(3) عبدالله ولد مصري خان ڪنڀار ڳوٺ ٿوهي.
(4) غلام محمد ولد محمد اسماعيل ڇڄڙو ڳوٺ ٿوهي
(5) غلام شاه ولد سيد بچل شاه ڳوٺ حسن جو ڀاڻ (اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ انهن جي داخلا جي تاريخ 2 مارچ 1921ع لکيل آهي.)
مٿيان شاگرد مسافر جي اوطاق ۾ رهندا هئا ۽ کاڌو به مسافر جي اوطاق ۾ ٺهندو هو جنهنجو خرچ مير صاحب ادا ڪندو هو. مير صاحب حيدآباد مان شاگردن لاءِ ڪتاب وي-پي ذريعي گهرايا جڏهن پرديسي شاگردن جو تعداد 16-15 ٿيو ته مير صاحب انهن جي رهائش ۽ هاسٽل لاءِ اسڪول واري جاءِ ڀرسان هڪ ٻي جاءِ مسواڙ تي ورتي. هڪ بورچي مقرر ڪيو. ماهوار خرچ مير صاحب کي پيش ڪيو ويندو هو. جيڪو هو ادا ڪندو هو. سال 1921ع جي شروعات ۾ شاگردن جو تعداد 40 ٿي ويو. جنهن ۾ 10 شهري ۽ 30 ٻاهر جا شاگرد هئا.
مارچ 1921ع ۾ ان وقت سنڌ جو ڪمشنر مسٽرريو ٽنڊي باگي جي دوري تي آيو. مير صاحب ان کي دعوت ڏئي اسڪول جو معائنو ڪرايو، جنهن شاگردن کان سوال جواب پڇيا ۽ ڏاڍو مطمئن ٿيو. وزٽ بڪ ۾ مير صاحب جي اهڙي درياء دلي ۽ علم دوستي لاءِ تعريفي جملا لکيا. مير صاحب، ڪمشنر کي انهي دوران ٽي مطالبا پيش ڪيا.
(1) اسڪول کي رجسٽر ڪيو وڃي.
(2) محمد صديق مسافر جي سروس اسڪول لاءِ لينٽ ( (lent ڪئي وڃي.
(3) منهنجي رقم تعليم کاتي ۾ انڊومينٽ فنڊ ۾ امانت طور رکي وڃي.
1921ع ۾ ئي تعليم کاتي طرفان اسڪول رجسٽر ڪرڻ جو آرڊر جاري ٿيو. جولاءِ 1921ع ۾ مسافر جي سروس اسڪول کي لينٽ ڪري ماهانا 70 رپيا پگهار ڏيڻ جو آرڊر جاري ڪيو.
1921ع ۾ مير صاحب بورڊنگ هائوس کي مستقل بنيادن تي هلائڻ لاءِ ٽي لک ستاسي هزار رپيا اينڊومينٽ فنڊ ۾ جمع ڪيا. 1922ع جي شروعات ۾ مير صاحب اسڪول لاءِ باقائده هڪ نئين عمارت جو بنياد وڌو. پهرئين مرحلي ۾ 1923ع ۾ پنج ڪلاس روم (مين بلڊنگ جا)، هيڊ ماسٽر جي آفيس، ٽيچرس روم، بورڊنگ هائوس جي اتر طرف واري عمارت يعني گبسن بورڊنگ هائوس، بورچي خانو، ڊائننگ روم، ٽيچرس ڪوارٽر ۽ جامع مسجد واريون عمارتون ٺهي مڪمل ٿيون. ان کان پوءِ اولھه طرف وارا ڪلاس روم ۽ اولھه اوڀر طرف هاسٽل جو 2 عمارتون به ٺهيون. اها تاريخي عمارت اڄ به هڪ اسڪول نه پر هڪ يونيورسٽي جو ڏيک ڏيندڙ آهي.
جنوري 1924ع ۾ مير صاحب اسڪول لاءِ نئون فرنيچر ٺهرايو ۽ مسافر کي مسواڙي اسڪول ۽ هاسٽل مان نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ۽ موجوده تاريخي عمارت ۾ تاريخي علمي درسگاه جو آغاز ٿيو. انهي وقت تائين اسڪول جو ماهانا خرچ سڌي طرح مير صاحب پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو هو. هاڻي اپريل 1924ع کان وٺي اسڪول ۽ هاسٽل جو خرچ هر مهيني انڊومينٽ فنڊ مان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي معرفت ادا ڪرڻ شروع ٿيو. ساليانو امتحان به تعليم کاتي جا آفيسر وٺندا هئا. ٽيون درجو پاس ڪندڙ غريب ۽ هوشيار شاگردن کي وڌيڪ پڙهائي لاءِ مير صاحب جي خرچ تي سنڌ مدرسي ڪراچي موڪليو ويندو هو. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جو تعداد به ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪندو هو. جيڪڏهن شاگردن جو تعداد وڌي ويندو هو ته ان جو ماهانا خرچ مير صاحب تعليم کاتي کي پنهنجي کيسي مان اضافي طور ادا ڪندو هو. غريب مسافر شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا به مير صاحب وٺي ڏيندو هو.
1925ع ۾ مير صاحب چوٿين درجي لاءِ اجازت گهري جنهن لاءِ اسڪول ۾ گريجوئيٽ هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ جو شرط رکيو ويو. مير صاحب مسافر جهڙي شخصيت کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو مگر اسڪول ۽ شاگردن جي ڀلائي خاطر نه چاهيندي به اهو شرط قبول ڪيو ۽ حيدرآباد جي هڪ وڪيل مسٽر عبدالرحيم ڪرمتي بلوچ بي. اي. ايل. ايل. بي کي هيڊ ماسٽر طور مقرر ڪيو. مسافر صاحب کي اسڪول جو F.A ۽ بورڊنگ هائوس جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو. مسافر جي محنت جو نتيجو هو جو هن وقت پنجن شاگردن جو تعداد وڃي 150 تي پهتو ۽ استادن جو تعداد 7 هو. فري شپ حاصل ڪندڙ 72 شاگرد هئا. فيبروري 1927ع ۾ مسافر صاحب واپس سرڪاري ملازمت ۾ دخلڪار ٿيو.
1930ع ۾ مير صاحب هڪ انگريز آفيسر جي دعوت تي مهمان ٿي ويو. ان جي رهائش گاه تي ٺهيل ڊائيننگ روم ۾ مير صاحب ماني کائڻ وقت دل ئي دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن هڪ انگريز آفيسر اهڙي ڊائننگ ۾ کاڌو کائي سگهي ٿو ته منهنجو اولاد به اهڙي ئي ڊائننگ هال ۾ کاڌو کائي سگھي ٿو. مير صاحب کي هڪ نياڻي ڄائي، جيڪا ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويئي ۽ کيس ڪو به پٽ نه هو. مير صاحب اسڪول جي شاگردن کي ئي پنهنجو اولاد سمجهندو هو. اتان کان واپسي تي ٽنڊي باگي پهچي رازن ۽ ڪاريگرن کي گهرائي ذهن ۾ رکيل نقشو کين سمجهايو ۽ 1930ع ۾ اهو ڊائننگ هال تعمير ڪرائي ان تي پنهنجي نالي بدران هڪ مائٽ نالي مير شاھ محمد ٽالپر جو نالو رکيو. 12 فيبروري 1932ع ۾ لاڙ جو ابو سنڌ جو محسن ۽ سنڌ جو سير سيد احمد خان يعني خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر وفات ڪري راهه رباني ڏانهن راهي ٿيو.
1932ع تائين اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد 629 هو. مير صاحب جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت اسڪول کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي باقاعده تعليم کاتي کي ڏنو ۽ ان پنهنجي انتظاميه طرفان پهريون هيڊ ماسٽر جي. اي سومرو کي مقرر ڪيو. جنهن اسڪول جي تعليم ۽ انتظاميه کي تمام بهتر نموني هلايو. ائين ئي اها لاٽ ٻرندي رهي ۽ ان جا ڪرڻا پري پري تائين ڪکائن جهوپڙين کي روشن ڪندا رهيا.
1990ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان اپگريڊ ڪري هائيرسيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو، جنهن جو پهريون پرنسپال مرحوم محمد عمر سمون مقرر ڪيو ويو. جيڪو پڻ سنڌ جو هڪ بهترين تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. موجوده وقت ۾ هي راقم المحروف پرنسپال طور ڪم ڪري رهيو آهي. الله تعاليٰ شال مون کي مير صاحب جي قرض لاهڻ جي توفيق بخشي. آمين
هن اسڪول مان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڇاڇرو، مٺي، اسلام ڪوٽ، سجاول، جاتي، مٽياري، هالا، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهداد ڪوٽ، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، نوابشاه، شڪارپور، بدين ضلعي جي هر شهر ۽ ڳوٺ کانسواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن علائقن جي غريب ماروئڙن جو اولاد تعليم پرائي اعليٰ عهدن تي پهتو. انهن جا جيڪڏهن نالا لکيا وڃن ته انهيءَ لاءِ هڪ عليحده ڪتاب جي ضرورت آهي.
مون کي يقين آهي ته هيءَ خلوص جي نشاني سدائين قائم رهندي.
(نوٽ: هي مضمون 12 فيبروري 2010ع تي شايع ٿيل آهي. ان وقت ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ هن اسڪول جا پرنسپال هئا ۽ هن وقت کوسڪي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن).