ڏور به اوڏا سپرين
- خواجه پيار علي
“پٽ اڄ اسڪول مان ڇو دير سان آيو آهين؟”
“بابا سائين! اڄ انهي ڪري دير ٿي ويئي جو اسڪول ۾ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي 24 ورسي ملهائجي رهي هئي.” پٽ وراڻيو “بابا انهي موقعي تي ڪافي استادن، بزرگن ۽ ٻاهران آيل مهمانن مير صاحب جي متعلق اهڙيون ته نيون نيون ڳالهيون ٻڌايون جي مون اڳ ڪڏهن به ڪونه ٻڌيون هيون. چين ٿي ته مير صاحب هن اسڪول کان سواءِ ٻين درسگاهن کي پڻ مالي مدد ڏيندو هو. مير صاحب هڙان وڙان غريبن جي هر طرح مدد ڪندو هو، انهن لاءِ مسافر خانه کوليائين، اسپتالون هلايائين.”
“ها پٽ” پيءُ وراڻيو. “مير جهڙا ماڻهو ڪٿي؟ اهڙا انسان ته ورلي ڄمندا آهن”. “بابا! ڇا توهان مير صاحب کي اکين ڏٺو هو؟” پٽ سوال ڪيو.
“هائو پٽ! منهنجون ساڻس ٻه ملاقاتون ٿيون هيون”. پيءُ ورندي ڏني. “پهرين ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن مير صاحب ڪن انگريزن آفيسرن سان گڏ اسڪول ۾ آيو هو کين اسان ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئائين ته “منهنجي جاگير، منهنجو اولاد، منهجو سرمايو هي ننڍڙا پتڪڙا معصوم ٻارڙا آهن.” مون کي سندس اهي الفاظ عمر ڀر ياد رهندا.”
“بابا ۽ ٻي ملاقات ڪڏهن ٿي؟” ڇوڪر بيتاب ٿيندي پڇيو.
“ٻي ملاقات” سندس پيءُ سڏڪا ڀريندي وراڻيو.
“ٻي ملاقات زندگي جو عظيم سانحو هئي. ڪاش 12 فيبروري 1932 جو سج نه اڀري ها! آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ آسمان ڪنهنجي غم ۾ ڪارو ويس ڍڪي ماتم جون تياريون پيو ڪري. گهر جي ديوار تي هڪ ڪانءُ ڪان ڪان ڪري رهيو هو، جنهن جي آواز تي منهنجي ڏاڏي کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس اڏائيندي چيائين “مئا! ڪهڙي ٽر ٽر اچي لاٿي اٿئي”. مونکي ڏاڏي جي انهي ڪاوڙ تي حيرت لڳي ته پکي جو ڪهڙو قصور! پکي جو آواز منحوس ڪيئن ٿيو؟ دل ٿي ته سبب پُڇان. پر وڏي جي ادب ڪرڻ جي اصول سبب خاموش رهيس. اسڪول وڃڻ جو تياريون ڪيم. ڪلاس روم پهتس، جتي هيڊماستر صاحب پڙهائي رهيو هو. ٿوري دير بعد مير صاحب جو نوڪر روئيندو پٽيندو اندر گهڙيو ۽ ٻڌايائين ته مير غلام محمد گذاري ويو. اهو ٻڌي اسان جي مٿان ڄڻ ڇپ ڪري پئي، اکيون بي اختيار ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون، هوش ٺڪاڻي نه رهيو. هيڊ ماستر اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسان جو 40-50 شاگردن، استادن ۽ ٻين ملازمن تي مشتمل جلوس چپ چاپ پنهنجي مقدر تي ڳوڙها ڳاڙهيندو بازار مان گذريو. بازار سنسان نظر آئي، ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي. ٽالپر محلي مان ٿيندو، اسان جو جلوس اچي مير جي بنگلي تي پهتو. ڇا ڏسان، هزارين اکيون اشڪبار آهن، هرڪا دلڙي گهايل هئي، هرڪو من ويگاڻو نظر آيو. مون کي پنهنجي والد تي به ايترو ڏک نه ٿيو، جيترو اڄ ٿيم.
ٻڌندو هوس ته مير جو اوتارو ٻاروهي وسندو هو، خوشيون هوندويون هيون، غريبن جا ڏک دور ٿيندا هئا. اها رونق ته ڏسي نه سگهيس، پر اڄ اتي اداس دليون هيون. منهنجي بنگلي تي پهرين آمد هئي ۽ اها آمد ڪيڏي نه دل ڏکوئيندڙ هئي. ڪنهن پنهنجي محسن جا احسان ساري پئي رنو ته ڪنهن سندس ڳڻ ڳائي پي سڏڪيون ڀريون. منهنجي ذهن تي بي اختيار شاه جو بيت تري آيو.
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
رئندي رئندي اکيون رت ٿي ويون، پر ماٺ نه آئي ماڻهن کي. مير اجرڪ اوڍي اگهور ننڊ ۾ آرامي هو. اهو مير صاحب جيڪو سدائين ماڻهن مٿان پيو ساھ ڇڏيندو هو، اڄ خاموش هو. اڄ اهي نونهال جيڪي سندس سرمايو هئا سي روئي روئي لڙڪ هاري رهيا هئا پر سندن ڪو لڙڪ اگهڻ وارو نه هو.
هاري ناري، دوست احباب، مٽ مائٽ، مسڪين ۽ غريب روئي رهيا هئا، اقبال ۽ جمن شيدي، جيڪي مير جا ڪنهن وقت خاص خادم هئا، زار و قطار روئي پار ڪڍي رهيا هئا ۽ سندس مهربانين جا داستان دهرائي رهيا هئا. اقبال شيدي جي زباني معلوم ٿيو ته هو مير صاحب جو نوڪر هو. ڏينهن جي تپش ۽ گرمي سبب جڏهن مير صاحب هندوري ۾ لڏندو هو ته اقبال نوڙي جهلي سامهون ٿلهي تي ويهي کيس لوڏيندو هو. هڪ دفعي مير صاحب کي اچڻ ۾ دير ٿي وئي سو اقبال خيال ڪيو ته مير صاحب ته اڃان دير سان ايندو، ڇو نه آئون هندوري ۾ لڏي مزو وٺي ڏسان. اقبال هندوري ۾ ليٽي پيو ۽ ٿوري دير ۾ ننڊ ديوي پنهنجي آغوش ۾ کڻي ورتس. ڪافي دير کان پوءِ اوچتو اک کليس، جان کڻي ڏسي ته مير صاحب پاڻ ساڳين ٿلهي تي ويهي نوڙي هٿ ۾ جهلي کيس لوڏي رهيا آهن. اهو ڏسندي هي سندس ساھ سڪي ويو. ايتري ۾ مير صاحب جو سٻاجهڙو ۽ مٺڙو آواز سندس ڪنن تي پيو. “پٽ! سڄي ڄمار تون مون کي لوڏيو آهي، جي ڪجھه ساعت لاءِ توکي مون لوڏيو ته ڇا ٿي پيو؟ آخر تون به هڪ انسان آهين!” ڀلا اهڙي شفيق پيءُ لاءِ ڪير نه روئيندو.
ايتري ۾ مير صاحب جي لاءِ آخري پوشاڪ جي تياري ٿي چڪي هئي. جڏهن مير صاحب کي سجائي سينگاري آندو ويو ته هرڪا اک آلي هئي. مير صاحب جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ سوين ماڻهو شهرن توڙي ٻهراڙين کان آيل هئا. مٿانئس سوين اجرڪون پاتيون ويون هيون. آخري ديدار جي رسم چالو ٿي. هر طرف کان دانهون ڪيڪون ٻڌجي رهيون هيون ۽ هرڪو پنهنجي محسن جو آخري دفعو ديدار ڪري کانئس موڪلائي رهيو هو. بزرگن کان هر وقت سڪون جي تلقين ٿي رهي هئي پر ماٺ ۽ شانت ڪٿي ٿي ٿئي. منهنجي دل به درد ڀريل هئي، ڏاڍي مشڪل سان مير صاحب جي قريب پهتس. بي حال اکيون مير صاحب جي ديدار لاءِ پياسي هيون. منهنجي پاسي ۾ ان وقت اسڪول جا شاگرد بيٺل هئا جن ۾ هڪ محمد طالب لوهار هو، جيڪو منهنجو پاڙيسري هو ۽ پڻ روئي رهيو هو. مان روئيندي روئيندي اڳيان وڌيس، مير صاحب گهور ننڊ ۾ هو. هيڏو روڄ راڙو ۽ ورلاپ مير صاحب کي اٿاري نه سگهيا. سندس چپڙن تي هلڪي مرڪ هئي. مون کي ساڻس پهرين ملاقات ياد آئي. “منهنجي جاگير، منهنجو سرمايو هي قوم جو نونهال آهن.” هڪدم منهنجون اکيون آسمان ڏانهن کڄي ويون ۽ محسوس ٿيو ڄڻ اهي ساڳيا لفظ مير جي زباني ٻڌي رهيو آهيان. تمام گهڻي رش هئڻ سبب منهنجو تسلسل ٽٽي پيو ۽ پنهنجي محسن کي روئيندي روئيندي الوداع ڪيم.
پٽ! 24 سال گذري ويا آهن، پر اڄ به اهو مير صاحب جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اڄ مير زنده نه آهي، پر تڏهن به منهنجي ذهن تي سندس سٻاجهڙي ۽ من مهڻي صورت ۽ سندس اعليٰ شخصيت نقش ٿيل آهي ۽ اهي نقش ڪڏهن به ڊهڻ جا ناهن.