شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

نه ويترو وساريندس

نه ويترو وساريندس

عبدالمبين “پنائي”
(1)
ٽنڊوباگو ته ڇا لاءِ پر سموري سنڌ ساريندس،
سموري سنڌ ساريندس، نه ويتر وسارينداسين،
ڏسي مان کيس خوابن ۾ نماڻان نيڻ ٺاريندس،
پٽن پوٽن مٿان نالو غلام محمد ٺهي ايندو،
سندو پوٽن جو سُونهن صفا سائين، سدائين سو صحي ٿيندو.

(2)
غريبن جي غلامن جي، غلامي جنهن ڪري ڄاتي،
تڏهن درويش، دلبر سان، اسان جي يار دل ڦاٿي،
ورڻ کان شت وڏو ٿي ويو، سنگهارن جو سٺو ساٿي،
سموريون سنڌواسين کي سمايل ساھ ۾ سائين،
وريهه گذريا نٿو وسري اسان کي سو اڃا تائين.
(3)
غلام محمد جي نالي تان، سندن اسڪول تان صدقي،
ڪڏهن هرگز نه ٿينداسين وهاڻي طول تان صدقي،
ٿيا قربان ڪينجهر تان، ڪنول جي قول تان صدقي،
هيو هوڪو، حبيباڻون پڙهايو ۽ پڙهو ويهي،
سڙو ٿا ڪوھ ڪاڙهن ۾ ڪڄاڙي لاڪڙهو ويهي،

(4)
ڀني وسيلي ڀلارا بڪ بالا تر نٿا وسرن،
سندن پٽڪي سندس ويتر، وراڪا ور نٿا وسرن،
اتر اولھه ڏکڻ اوڀر ڀٽن جي ڀر نٿا وسرن،
جڏهن هڪ ڌوڃ داڻون هو، تڏهن تحسين جي قابل،
ڪيون هر هر حبيبن کي، شبانن شابسون شامل،

(5)
مڃان ٿو مان مٺي نالي سنڌو تن تي اثر ٿي پيو،
نصاري نانگ کاڌل کي، اکين ۾ سو ڪٽر ٿي پيو،
ڏسي جاکوڙ جانب جي پليتن کي پگھر ٿي پيو،
جيئن جاني نه سي فاني، فنا فرعون ٿي ويندا.
فنا فرعون ٿي ويندا نه شايد پير تي ايندا.

(6)
ڌنارن کي دلاسن جا ڌڻي دلبر نٿا وسرن،
قسم سان سي اتر ۽ لاڙ ڪاڇي ٿر نٿا وسرن،
قريبن قرب وارن کي ڪڏهن ڪونڌر نٿا وسرن،
هزارن پئي چيو هن پر غلام محمد ته غازي هو،
سندس ڪردار هر هڪ کان مٿن رحمان راضي هو
(7)
نه هڪڙي کي هزارن کي پڙها ڏيئي پڙهايو ٿن،
غريبن ۽ يتيمن لئي هينئين ۾ هنڌ وڇايو ٿن،
وڏي ويلي چوان ويٺو نه واتان پر وڃايو ٿن،
ڪيائين خلق جي خدمت تڏهن مخدوم تان صدقي،
اول آخر اسين سڀ ٽالپر مرحوم تان صدقي.

(8)
نه ڪنهن جا چئو سرا چوٽا، نه ڪنهنجي چيلھه ڳائيندس،
پروڪي پر نه ڳاتا ٿم، نه هاڻي هيل ڳائيندس،
ڇڏي مان بيل گاڏي کي نه راڻا ريل ڳائيندس،
نجيبن سان نڀائيندس نه ناتو نينهن ٽوڙيندس،
ٻين جي ديڳ ۾ ٻيلي نه پنهنجي ٻانهن ٻوڙيندس،

(9)
ڀلو آهين بچين بابا، نصارن جيئن نه بيٺي کاءُ،
غريباڻي گذارش ڪا، وسارج ڪيھه ويڙهيچا،
چڪا ٿم يار چاڙهيڪا، سهان تو تي نه تڙڪوتا،
ارھ زورن جي ڇاتي تي مڱن جا مڻ ڏريندس مان،
يتيمن جي ته شادي ۾ گهڙا سر تي ڀريندس مان.