ورسين جي تقريرن مان اقتباسات ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
(هتي اسين اولڊ بوائز ائسوسيئيشن طرفان ملهايل ورسين مان صرف ٻن ورسين 1974 ۽ 1975) جي ڪاروائي مان اقتباسات پيش ڪري رهيا آهيون جن جا ٽيپ اسان وٽ موجود آهن. اسين انهن دوستن ۽ رفيقن کان معذرت چاهيون ٿا جن صاحبن جا رايا اسان ٽيپ ۾ محفوظ ڪري نه سگھيا آهيون.
- (ادارو)
“74 هين ورسي مان اقتباسات”
مير هي اسڪول انهي ڪري قائم ڪيو جيئن لاڙ جي خطي مان جهالت ختم ٿئي.
- محمد حسين ميمڻ
ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي مرد مٿيو
سوير ۽ اوبر، رکن الڪو لوڪ جتو.
مهڙن ئي مانجهي مردن مان مير صاحب هڪ هو.
- ڀون سنڌي
مير صاحب جو مقصد هو ته لاڙ ۾ بهتر تعليم جي لاءِ اچو ته گڏ ٿيون.
- محمد يعقوب ٿيٻو
اي لاڙ جا سخي! تون انسان نه پر فرشتو آهين.
- “ڍالو مل موتي”
مير پاڻ کي وڏو ماڻهو نه سمجهندو هو.
- خواجه پيار علي
“75 هين ورسي مان اقتباسات”
مان مرحوم کي چڱي طرح سڃاڻان، هو هڪ درويش صفت انسان هو. هن جو ضمير روشن هو. هو هڪ اعليٰ خاندان جو فرد هو پر هن کي ڪڏهن به دل ۾ اهو خيال نه ٿيو ته هو هڪ وڏي جاگيردار جو فرد آهي.
مونکي سندس اهي لفظ ياد آهن ته مان هن اسڪول کي عليڳڙھ يونيورسٽي ڪندس. بدقسمتي سان هن کي موت اسان کان جدا ڪري ويو. ٻي دفعي چيائين هي جيڪو اسڪول مون ٺاهيو آهي. ان لاءِ هڪ ڊونيشن ڇڏي ٿو وڃان جيئن غريب هتي مفت پڙهي سگهن ۽ هي اسڪول قائم ۽ دائم رهي سگهي. مان نهايت فخر سان چوندس ته مون جيڪو نوابشاھ ۾ ڪم ڪيو آهي. اهو سڀ مرحوم مير جي ۽ “مسافر” جي طفيل ٿيو آهي.
- ايڇ- ايم خواجه
مير جهالت سان جا جنگ جوٽي آهي. ان جا شعلا هاڻ ڀڙڪي اٿيا آهن ۽ لاڙ ۾ سندس جاڳايل جوت ٻرندي رهندي.
- ڏانو مهراج
1922 جي زماني ۾ ههڙي عمارت (اسڪول) کي قائم ڪرڻ کانسواءِ ساڍا ٽي لک روڪڙ ڏيڻ ڪير ڪري سگھيو ٿي؟. مير جا اسان تي نه پر سڄي لاڙ تي احسان آهن.
- خواجه پيار علي
..... مير صاحب جو مرتبو اسانجي تحرير ۽ تقرير کان تمام گھڻو مٿانهون آهي.
- ڪنول لهاڻو
علم هڪ اها نيڪي آهي جيڪا ڪڏهن به برباد نٿي ٿئي ۽ اهي نيڪ انسان جيڪي نيڪي جا ڪم ڪن ٿا سي سدائين زنده رهندا. مير صاحب انهن مان هڪ هو.
- مقبول احمد خان
مسڪينن جو ساٿي، سٻاجهو سدا تون
يتيمن سندا يار، اي مير مانجهي.
- سيتلداس “صبر”
مير ايماندار ۽ رحمدل انسان هو.
- عبدلواحد آٿيلو
مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر اهو باهمت انسان هو جنهن هتان جي غريب ۽ ڏتڙيل انسانن جي ضرورتن کي محسوس ڪيو.
- شمس الدين ميمڻ
مير صاحب سادگي پسند ۽ امن پسند هئا. مير صاحب صرف اسانکي تعليم نه ڏني مير صاحب اسان کي علم ۽ هنر ڏنو. صاحب اسانکي اخلاق ۽ پيار ڏنو، ميرصاحب اسان تي جيڪي به احسان ڪيا آهن تن کي اسان ڪڏهن نه وساري نٿا سگهون مير صاحب جون هن قوم تي لک لک ڀلايون آهن.
- ڊاڪٽر ٿانورداس
مير صاحب جو اسان تي وڏو احسان آهي.
- احمد کان ڀرڳڙي
مرحوم جيتوڻيڪ جاگيردار خاندان جو فرد هو، انهي جي باوجود مرحوم انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبود، انسان جي سجاڳي لاءِ انهي دور ۾ علم جي روشني جو نور منور ڪيو جنهن وقت هن لاڙ جي علائقي ۾ جهالت جو دور دورو هو.
- صديق ويڙهو
مير غلام محمد خان ٽالپر لاڙ خطي مان جهالت کي تڙي هتي جي ماڻهن کي علم جي روشني سان منور ڪيو. سندس اهو احسان صدين تائين ياد رهندو.
- نور احمد سني خاصخيلي
مير غلام محمد خان ٽالپر ٻاٽ ۾ لاٽ هو.
- فهد خاصخيلي
مير غلام محمد خان ٽالپر تاريخ جو بي مثال باب آهي.
- جاويد اختر آٿيلو