شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

روشنين جي قافلي جو سرواڻ

روشنين جي قافلي جو سرواڻ

- غلام شبير لغاري

وقت جي درياءُ جو وهڪرو ڪڏهن به ناهي گھٽيو نه وري هن جي رواني ۽ مست ڇولين اڳيان ڪو بند ٻڌي سگھيو آهي، نه ڪنهن ٻڏندڙ سهڻي جي دانهن تي ڪُنن جا ڪڙڪاٽ گھٽيا آهن، وقت جي لهرن سامهون ڪو جٽاءُ ناهي ڪري سگھيو، وقت جي واچوڙن انهن مسند نشينن جا پيرا به لٽي ڇڏيا، جن چيو ٿي ته سندن اشاري بنا پن به نٿو چُري سگهي، وقت پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪئين خان کڻي کپائي ڇڏيا، دنيا فاني مان سڀني انسانن کي وڃڻو آهي، هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، پر جيڪي انسان پنهنجي زندگي جا پل مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا اهنج گھٽائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن، اهي پنهنجي اعليٰ ڪردار سبب تاريخ جي ورقن ۽ دلين ۾ ڌڙڪندا رهندا آهن. انهن محبوب هستين کي مئل چئي نٿو سگھجي. وسيع تر انساني ڀلائي لاءِ ڪيل ڪاوشن ۽ بهترين عملن سبب سندن نانءِ لوڪ گيتن جيان پيو ڳائبو آهي، سنڌ جي معصوم مرڪ جھڙي لاڙ جي مدهوش هوائن ۽ مينهن ڪڻين وسڻ کان پوءِ مٽيءِ جي خماريل خوشبو جهڙي خطي ۾ اهڙن عظيم هستين جو جنم پي ٿيو آهي، جن کي موتي، ماڻڪ، هيرن سميت مختلف تشبيهن سان ڀيٽ ڏيئي کين خراج پيش ڪيو وڃي ٿو، جڏهن به ٽنڊي باگي جو نانءِ وٺجي ٿو ته اسان جي ذهن جي ڪينواس تي ڪنهن مصور جي شاهڪار وانگر لاڙ جي ابي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي شخصيت جو عڪس چٽجي وڃي ٿو، جنهن جي انساني جذبي تحت ڪيل ڪارنامن تي نظر وجھجي ٿي ته مير صاحب لاءِ محبت ۽ عقيدت جا سوين گل دل جي بستان ۾ ٽڙي پون ٿا، جاگيردار گھراڻي ۾ مير محمد خان جي گھر ۾ جنم وٺندڙ مير غلام محمد ٽالپر جو ڪردار کير جيان اڇو ۽ پويتر آهي، هن جي زندگي ۾ جھاتي پائي ٻالڪپڻ ڏي نظر ڪجي ٿي ته امير گھراڻي جي لاڏلي ٻار جي زندگي ڏکن ۽ سکن جو هڪ سنگم هئي، ٻالڪپڻ جي ڪچڙي وهيءَ کان، جواني ۽ پيري تائين جي جيون سفر ۾ هن امير گھراڻي سان تعلق رکندڙ دل جي امير انسان مايوسي جي ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃڻ بجاءِ حالتن جي سنگينن سان سينو ساهيو، سرڪار جي جوڙيل قانون جي ڪتاب جي تحت سندس مائٽاڻي جاگير سرڪار جي حوالي ٿي ته مير صاحب ڏکين گھڙين جي طوفان سان سينو سپر ڪري سوين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي تيرن کي سهي به مڙس ٿي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو، ڇو ته هو وڏي دل رکندڙ هو، اسٽامپ وينڊري کان پوليس جي ڏکئي ڪمن تائين هن صبر جو دامن پڪڙي حالتن سان مقابلو ڪيو، سندس جذبن ۽ احساسن ۾ انسانيت جي لاءِ درد سمايل هو، پاڻ ڏکن کي سکن جي سُونهنَ سمجھي هر لمحو محنت ۽ جدوجھد ۾ گذاريو، علم سان هن کي عشق هو، سندس اندر ۾ خلق خدا جي خدمت جو جذبو هو، هن جا خيال ۽ سوچون ٻين جاگيردارن ۽ اميرن کان مختلف هيون، هو شعور جي شمع جلائڻ ۽ جھالت جي اونداهين کي مات ڏيڻ جا حوصلا رکندڙ هو، جاگير جي واپسي کان پوءِ مير صاحب اهي عملي ڪم ڪري ڏيکاريا جن جو ڪنهن کي تصور ئي نه هو، سال 1920ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ علم جو اهڙو چراغ روشن ڪيو، جنهن جي روشني اڄ تائين ڪيترن ئي علم جي مسافرن کي پنهنجي منزل جا گس ڏسي کين ان مقام تي پهچايو، جتي شايد سندن تصور به نه هجي، مير صاحب لارينس مدرسو جو بنياد رکي، هڪ ڪرائي تي ورتل جڳهه ۾ ٽنڊي باگي کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ڳوٺ ٿوهي لغاري ۾ هلندڙ ميانجي محمد حسن لغاري جي ملان مڪتب مان پنج شاگرد وٺي مدرسي ۾ تدريسي عمل شروع ڪيو، اهڙي وقت ۾ مدرسو هلائڻ ڏاڍو اوکو ڪم هو، ان راهه جي منزل ته خوبصورت هئي پر سفر تمام اڙانگو هو، پر مير صاحب جي اٽل ارادن اڳيان ڪو ڪم مشڪل نه هو. سنڌ جي وڏي اديب، شاعر ۽ قابل استاد محمد صديق مسافر جي ساٿ سان علم جي لاٽ جرڪي پئي، شعور ڏانهن سفر جون واٽون نڪري پيون، علم جي هٻڪار پکڙي ته پوپٽن جھڙا ٻار علمي باغ لارينس مدرسي ۾ گڏ ٿيندا ويا. 1921ع ۾ ڪمشنر رويو پاران معائني ۽ تعليم کاتي پاران منظوري کان پوءِ تعليم جي لڳايل هن ٻوٽي جي وڌيڪ آبياري ٿي، مير صاحب جي خوابن جي منزل اڃان اڳتي هئي، مير صاحب جي دل ۾ ڀلائي ڪرڻ واري جذبي جو طوفان سمايل هو، لارينس مدرسي جي خوبصورت عمارت 1924ع ۾ جڙي، جنهن جي ڊزائين ۽ نقشو ڪاريگري سان تمام سهڻو تيار ڪيو ويو، مدرسي جو ڊائنگ هال ۽ گبسن هاسٽل جي عمارت ڏسڻ وٽان هئي، هاسٽل ۾ پري جا شاگرد اچي رهندا هئا، جتي کين مفت ۾ کاڌو کارائڻ سميت مير صاحب شاگردن لاءِ سموري ضروريات جو جوڳو بندوبست هو. مير غلام محمد جي انساني ڀلائي لاءِ ڪيل ڪاوشن تي نظر وجھجي ته اهي غير معمولي ۽ بنهه وڏا ڪم آهن. هن بي سهارا ۽ مسڪين ماڻهن جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سندس ڳالهيون ٻڌي ۽ پڙهي بي اختيار مير صاحب لاءِ دل اندر لکين عقيدت جا گل ٽڙي پون ٿا. انهن معصوم ٻارڙن جي تعليم جو ۽ انهن جي روشن مستقبل جي تعمير لاءِ مائٽن کان وڌيڪ مير صاحب کي اونو رهندو هو. لارينس مدرسي جي تعمير، ڊليوري دؤران اذيتن ۽ سورن کي منهن ڏيندڙ عورتن جي لاءِ به مير صاحب کي همدردي جو ويم گھر ٺهرائي، ٻاهران ڊاڪٽرياڻي گھرائي اسپتال هلرائڻ. بيمار مريضن جي لاءِ به مير صاحب جي دل ڏکاري ٿي، انهن لاءِ گشتي شفاخانو، نياڻين تعليم لاءِ گرلس اسڪول جو قيام، مسافرن لاءِ به هن مرد مانجھي جو من بيقرار ٿيو، مسافرخانو ٺهرايائين. ڄڻ سڄي زندگي انساني ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئائين، هن زندگي جو مقصد عوامي ڀلائي ۽ خلق خدا جي خدمت بڻائي ورتو هو، دنيا ته فاني آهي هن ۾ ڪو دم جيئڻ دوران ڪي نيڪيون ڪبيون ته اهي پيون ڳائبيون، مولوي حاجي احمد ملاح جي هنن سٽن وانگي ته ؛
“دم ڪو آهيون يا نه آهيون خواب آهي يا خيال ”

هن خواب مثل حياتي کي اجايو نه وڃايو، هن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جيڪو وڏا جاگيردار ۽ وقت جا حاڪم نه ڪري سگھيا،
سنڌ ڌرتي جو هي سپوٽ پٽ، غريبن جو ڀرجھلو، مسڪينن جو ساٿي، علم جي روشني ڏي سفر جي قافلي جو سرواڻ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر 12 فيبروري 1932ع تي جمع جي ڏينهن هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اولڊ بوائز ايسوسيئيشن طرفان هر سال 12 فيبروري تي مير صاحب جي ورسي ملهائي وڃي ٿي. مير صاحب کي سندس بهترين ۽ شاندار ڪمن تي جيترو خراج پيش ڪجي اهو گھٽ آهي، سندس نالو تاريخ جي سونهري ورقن ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. استاد بخاري جي سٽن وانگر ته ؛
جو قـوم جيـاري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجــــاري اهو جيئندو رهندو.
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پــڪ آ،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.