- راجڪمار لوهاڻو
مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو ۾ پڙهڻ ته يقيناً ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي پر ان ئي اسڪول ۾ پڙهائڻ ان کان به وڏو اعزاز آهي.
شروعاتي تعليم واري دؤر ۾ پنهنجي دؤر جي مايه ناز استادن سر نٿو مل مورواڻي، سر مير محبوب ٽالپر، سر محمد خان سمون، سر عبدالعزيز خواجه، سر شامون مل لوهاڻو، سر محمد انور خواجه، سر محمد عمر سمون، سر محمد علي خاصخيلي، سر محمد سليمان ڪنڀار، سر هيرو مل راٺوڙ، سر امداد حُسين جت، سر محمد اسماعيل ميمڻ (پروفيسر، ڊاڪٽر)، سر ڪريم بخش پنهور ۽ ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ منهنجي رهنمائي ڪندڙ استاد ابوبڪر شيخ (بدين) سميت ٻيا کوڙ سارا سچا ۽ مخلص استاد شامل آهن جن جي محنتن، ڪاوشن سان اڄ آئون هن مقام تي پهتو آهيان.
هڪ استاد هجڻ جي ناتي آئون هن ڪتاب جي سموري محنت انهن استادن کي ارپڻ ڪريان ٿو جن منهنجي والد (ڏيونداس)، منهنجي وڏن ڀائرن (ارجن ڪمار ۽ گوردن)، منهنجي ڀائٽن (اوم پرڪاش ۽ وشوامتر) سميت مونکي پڙهائي هن مقام تي پهچايو.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندڙ ۽ ساڳي اسڪول ۾ انٽر ڪلاس ۾ پڙهندڙ منهنجي پيارن ڀائيٽن جو به آئون ٿورائتو آهيان، جن ڪمپوزنگ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، جيڪڏهن اهي منهنجو ساٿ نه ڏين ها ته شايد آئون هي ڪتاب مڪمل نه ڪري سگهان ها.
منهنجن دوستن ڪئلاش ڪمار، افتخار علي قمبراڻي، امتياز احمد ڀان، علي غلام ڪاتيار، شان علي قمبراڻي ۽ آڪاش ورما جو به آئون ٿورائتو آهيان جن مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو.
هن ڪتاب جي حوالي سان هڪ ڳالهه ضرور ونڊيندو هلندس ته مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪنڊري اسڪول جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي موجوده باڊي ۾ شامل سمورن نوجوان دوستن مون تي اعتماد ڪري هي تاريخي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ جو موقعو ڏنو. تاريخي مواد کي ڪمپوز ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هو. پنهنجي ڊيوٽي ۽ فرائض کان پوءِ اضافي وقت ڪڍي هن ڪتاب کي موجوده شڪل ۾ آندو آهي. هي ڪم تاريخي حوالي سان هڪ يادگار آهي پر منهنجي ڪمپوز ڪيل تقريباً 20 ڪتابن مان سڀني کان پسنديده ۽ مايه ناز ڪتاب پڻ آهي. آئون سلام پيش ڪريان ٿو اولڊ بوائز جي سموري ٽيم کي جنهن هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي.