شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

سپاس نامون 2017ع

سپاس نامون 2017ع

ڇا ته هو سخي ماڻهو هو، ڏئي تعليم جو ويو زيور
آهي هر ڪنهن زبان تي مير صاحب جو ذڪر.
جناب صدر
چيئرمين ٽائون ڪميٽي ٽنڊو باگو؛- خان صاحب جمالي صاحب
وائيس چيئرمين؛- مير ڪاشف حُسين ٽالپر صاحب
پرنسپل ميرغلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪينڊري اسڪول؛- عبدالعزيز خواجه صاحب
مير صاحب جي خاندان جا چشم چراغ ۽ ٽنڊو باگو شهر جي اهم شخصيت مير محمد حسن حاجن صاحب
مختلف ادارن جا سربراھ ــ معزز مهمان، استادن صاحبان ـــ شهر واسيو ۽ پري کان ڪَهي آيل دوستو ۽ هن اسڪول جا شاگردو............ (اسلام عليڪم)
لاڙ جي ابي ۽ سنڌ جي محسن خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي 85 هين ورسي جي موقعي تي هن عظيم درسگاھ ۾ اچڻ تي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر جي طرفان ڀليڪار چئون ٿا.
تاريخ تي جڏهن نظر ڦيرائينداسين ته هڪڙو اهڙو دور جنهن ۾ جهالت جو راڪاس رقص ڪري رهيو هو، هر طرف اونده هئي، هر طرف غلامين جا طوق انسانن جي ڳلي ۾ هئا، اُن اهڙي دور ۾ هڪ مرد قلندر پيدا ٿيو جنهن ٽنڊي باگي ته ڇا پر سموري سنڌ ۾ شعور جي نور جا نظرانا ڪيا.
اڄ کان 98 سال پهرين هن سنڌ ۽ لاڙ جي محسن هي عظيم درسگاھ پنهنجي ذاتي خرچ مان جوڙائي ۽ شاگردن لاءِ هاسٽل ٺهرائي ۽ سندن کاڌ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪيو. هن درسگاهه مان هزارين شاگرد علم جي روشني سان منور ٿيا، انهي کانسواءِ مير صاحب جا ٻيا به ڪيترائي ڀلائي جا ڪم جھڙوڪ؛-
• نياڻين جي تعليم لاء الڳ اسڪول کولڻ.
• ٻهراڙي ۾ پرائمري اسڪول کولڻ
• ديني مدرسن جي مالي مدد ڪرڻ.
• اعلى تعليم لاءِ شاگردن کي ٻاهر موڪلڻ.
• بيواھ ۽ يتيمن کي وظيفا ڏيڻ.
• گشتي دواخانه قائم ڪرڻ.
• زناني اسپتال ۽ ميٽرنيٽي هوم ٺهرائڻ.
سندن عظيم ڪارنامن مان ٽنڊي باگي جي تاريخ ۾ مير صاحب مسافرن جي سهولر لاءِ هڪ عاليشان مسافر خانو پڻ ٺهرايو جيڪو هن وقت ڦٽل حالت ۾ بس اسٽاپ وٽ موجود آهي. سندس فڪر سوچ ۽ فلسفو ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هنن سٽن ۾ اڄ به زنده آهي.
موت نه توکي ماري سگھندو.
توئي ته موت کي ماريو آ. (آڪاش انصاري)
جناب صدر؛- ڊاڪٽر محمود مغل صاحب
اسين توهانجا انتهائي مشڪور آهيون جو توهان پنهنجي مصروف ۽ قيمتي وقت مان ڪجھه پل ڪڍي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي .
چئيرمين صاحب؛- خان صاحب جمالي صاحب
اسان اوهانجا انتهائي شڪر گذار آهيون جو توهان به اسان جي سڏ تي هن درسگاھ ۾ اسان سان گڏ آهيو.
منهنجي شهر جا معزز شهر واسيو ۽ پري کان آيل منهنجا پيارا دوستو، اسين توهان جا به ٿورائتا آهيون،
اولڊ بوائز ايسوسيئيشن هڪ پراڻي رجسٽر ٿيل تنظيم آهي جنهنجو مقصد مير صاحب جي جوڙايل تاريخي عمارت جو تحفظ ڪرڻ ۽ مير صاحب ڪيل ڪمن کي اڳيان وڌائڻ، جنهن لاءِ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جا دوست هر دور ۾ هر وقت پيش پيش رهيا آهن.
غريب شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ، تعليمي معيار کي بهتر کان بهتر ڪرڻ، تعليمي سجاڳي لاءِ سيمينار ڪرائڻ، صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سيمينار ڪرائڻ پر خاطر خواه فنڊ نه هجڻ سبب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن گھربل ڪاميابي نه ماڻي سگھي آهي. هي عظيم درسگاھ جيڪا مير صاحب پنهنجي ذاتي خرچ مان قائم ڪرائي، هن ۾ ڪيترائي مسئلا موجود آهن جن جو ذڪر تفضيل سان پيش ڪجي ٿو. اسين اميد ٿا ڪريون ته ڄاڻايل مسئلا حل ڪيا ويندا ته جيئن ايندڙ تاريخ ۾ يادگار بنجي سگھن. اسين هڪ دفعو ٻيهر اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي طرفان هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورائتا آهيون جو توهان پروگرام ۾ شريڪ ٿي اسان جو مان مٿاهون ڪيو.

اولڊ بوائز ايسوسئيشن جي طرفان هيٺيان جائز مطالبا پيش ڪجن ٿا جيڪي دل جي ڪنن سان ٻڌي حل ڪرڻ جي عنايت ڪندا؛-
• هن اسڪول ۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاء SNE ڪرائي ڏني وڃي.
• ٻنهي مين گيٽن کان CC بلاڪ روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.
• هن اسڪول جي ساليانه اسڪالرشپ منظور ڪئي وڃي.
• هن اسڪول جو نالو سرڪاري سطح مير غلام محمد خان ٽالپر لکيو ۽ پڙهيو وڃي.
• هن اسڪول جي تاريخي ڊائننگ هال جي نئين سرمرمت ڪرائي وڃي.
• مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪينڊري اسڪول کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو وڃي.
• هن هاءِ اسڪول ۾ موجود ڪمپيوٽر ليب کي سرڪاري سطح تي فعال ڪيو وڃي.
• ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو باگو جي طرفان ۽ شهر جي وس وارن جي طرفان هر سال ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق شاگردن کي جيڪي پنهنجون ڪاپيون به نٿا وٺي سگھن جيڪي پيرن اگھاڙا تعليم پرائڻ تي مجبور آهن انهن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.
• هن اسڪول جي عمارت ۾ 2260 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جن جي لاء صرف 8 باٿ روم استعمال لائق آهن جڏهن ته 36 باٿرومن جي ضرورت آهي جيڪي ٺهرائي ڏنا وڃن.
• 18 ڊسمبر 2007ع ۾ جسٽس رٽائرڊ عبدالقادر هاليپوٽو صاحب جيڪو ان وقت جو نگران وزيرِاعلى سنڌ هو، جنهن بدين ۾ شاھ قادري جي درگاھ جي بلڪل سامهون مير غلام محمد خان ٽالپر انجنيئرنگ ڪاليج جو سنگِ بنياد رکيو هو، جڏهن ته ان جاءِ تي صرف سنگِ بنياد ئي لڳل آهي جيڪو به هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان ڄاڻايل پلاٽ تي ڪا به شي ٺهرايل نه آهي اسين گورنمينٽ آف سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم جي منسٽر کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اهو مير غلام محمد خان ٽالپر انجنيئرنگ ڪاليج کي ٽنڊو باگو ۾ شفٽ ڪيو وڃي.
• مونو ٽيڪينڪل ڪاليج جنهن ۾ صرف اليڪٽريڪل شعبو هلي رهيو آهي جڏهن ته هن ڪاليج کي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جو درجو ڏئي مختلف شعبا هلايا وڃن.
• مين پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جيڪا بلڪل ختم ٿي چڪي آهي اها بلڊنگ نئين سر تعمير ڪري محمد صديق مسافر جو نالو رکيو وڃي.
• گورنمينٽ گرلس اسڪول خواجه محله عمارت ختم ٿيڻ سبب اسڪول کي مير محله اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي جنهن سبب نياڻين کي اچ وڃ ۾ مشڪل پيش اچي ٿي، انهي اسڪول جي عمارت ٺهرائي ڏني وڃي.
• هن اسڪول ۾ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ڏيڻ لاء ڪمپيوٽر ٽيچر جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي.
• اولڊ بوائز ايسوسيئيشن کي پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ لاءِ گرانٽ منظور ڪئي وڃي ته جيئن اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پنهنجون سرگرميون وڌيڪ جاري رکي سگھي.
• اسان جي ڄاڻايل مطالبن جي حل لاء اسان جا آيل سڀئي معززين پنهنجي ذاتي ڪوششن سان جيترو ٿي سگھي ته اسان سان سهڪار ڪندا ته جيئن ايندڙ صبح جي روشن سج جيان ايندڙ نسل اياز جي هنن سٽُن وانگر جديد دور ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري سگھن.
اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متا ائين سمجهين، مُئا مور سارا.
(اياز)

توهان جا سڀني جا لک لائق
مهرباني
الله حافظ