نوجوان اتحاد جو سفر اولڊ بوائز ايسوسيئيشن تائين
- علي اورنگزيب سمون
تمام گهڻي گرمي هئي، موبائل جي رنگ وڄڻ شروع ٿي.
هيلو ـ سائين ـ ڇا حال آهن؟
ادا بهتر! دعا آهي. توهان جي!
ادا علي سمون : ڳالهه ٻُڌ پنهنجي شهر جا روڊ رستا سڀ ختم آهن. ٻيو ته شهر ۾ اها حالت آهي جو بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ، هنن سڀني مسئلن لاءِ ڇا ڪجي؟ ڪنهنکي چئجي؟
اڙي يار درپن، چوين ته صحيح ٿو پر ڇا ڪجي وارو جملو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ هاڻي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.
يار درپن! ٻي ڳالهه ته هي پنهنجو تاريخي شهر آهي، هن شهر جي پنهنجي الڳ هڪ تاريخي حيثيت به آهي، جڏهن ته هن شهر جي مين روڊ تلهار کان ٽنڊوباگو تائين جيڪا حالت آهي! اصل ڳالهه ئي نه پڇ. 20 منٽن جو پنڌ آهي پر خبر اٿئي مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر سڀ ڪجهه هضم ڪريو ڇڏي.
منهنجي خيال ۾ هن قسم جو روڊ صحت لاءِ سهي آهي.
درپن! نه يار علي ارونگزيب منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته هي هيترا سارا دور گذريا پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. علي، يار درپن هي حڪمران ايترا هوشيار آهن اگر تلهار واري روڊ کي زبان هجي ۽ سندس ڪهاڻي ٻڌائي ته به وڃي ست خير ٿيا!
درپن ـ اڄ مون سوچيو آهي ته پاڻ ڪجهه دوست سوشل ميڊيا جي ذريعي جدوجهد ڪريون ۽ هن نظرانداز ٿيل روڊ جي ترقي لاءِ ڀلا پاڻ ته ڪجهه ڪري سگهون ٿا.
علي ـ ها يار ڇو نه ! هي ته پنهنجو جائز مسئلو آهي. سوشل ميڊيا ڇو پاڻ هنن ڀوتارن جي اڳيان هلي رباب وڄائينداسين، اگر پاڻ ڪجهه نه ڪيوسين ته ٻيو ڪير ڪندو؟
درپن علي دانش به مون سان گڏ آهي. توهان ڏسو ته دانش جي اندر ۾ جيڪا تڙپ آهي، اصل وس هلي ته خبر ناهي ڇا ڪري، بهرحال دانش سان ڳالهاءِ.
دانش ـ هيلو علي! يار درپن جي ڳالهه نه صرف دل سان لڳي پر آئون سمجهان ٿو ته پاڻ شام جو گڏ ٿيون ۽ ڪا حڪمت عملي جوڙيون. او.ڪي
شام جي ٽائيم اسين سڀ روبرو ملياسين. ساڳي موضوع تي بحث. نيٺ اسان جي ڳالهين کي فقط ڳالهين ۽ ڪچهري جي حد ۾ رهڻ کان بهتر ايئن آهي ته سڀ کان پهرين تلهار روڊ جي تعمير لاءِ جدوجهد ڪجي ۽ باقاعده تحريڪ هلائجي. ان حوالي سان دوستن جي نالن تي غور ڪيوسين ۽ رابطه مهم جي شروعات لاءِ ڪپيل ديو سوني جي اسپيئر پارٽس جي دڪان تي آياسين اتفاق سان اتي شاهجهان سمون به هڪيو تڪيو ويٺو هو . اسان پنهنجي سوچيل پلاننگ ۽ جدوجهد جي حوالي سان ذڪر ڪيوسين ۽ پوءِ ٽن مان وڌي پنج ٿياسين هاڻي اها ڳالهه وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتي ٿي وئي. اميد جي ڪرڻن مان عامر کتري، رشيد احمد ميمڻ، محمد عمر سمون، راجا سهيل احمد ميمڻ، مرتضى ميمڻ، اشتياق کتري، منظور سمون، هي سمورا دوست گڏ ٿي وياسين ۽ پهرين احتجاج جي لاءِ اسان سڀني گڏجي شهر جي معزز حضراتن، سياسي، سماجي، واپارين، ٽرانسپورٽن ۽ شهرين جي در در وڃي تلهار روڊ جي نئين سر تعمير لاءِ احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت عرض رکيسين. مطلب ته بهترين موٽ ملي ۽ اسان جي دوستن جي گڏيل فيصلي تحت جيڪو پهريون گروپ ٺاهيو نوجوان اتحاد جي نالي سان. بهرحال اسان دوستن جي گڏيل ساٿ ۽ سهڪار سان ٽنڊوباگو شهر ۾ سي.اين.جي پمپ کان نزا بيڪري واري چوڪ ۽ پريس ڪلب تائين ڀرپور ريلي ڪڍيسين. شهرين جي شرڪت، سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين جي اڳواڻن سائين محمد عثمان غني جمعيت علماءِ اسلام جي طرفان خصوصي شرڪت ڪئي. مطلب ته هاڻي اسان کي به اها پڪ ٿي وئي ته هي تلهار جو روڊ آهي پر جيڪڏهن اسين سڀ ائين ئي منظم رهياسين ته اسين پنهنجا حق ڇني به وٺي سگهون ٿا.
دوستن جي تقريرن جو اهو ئي موضوع ته اسان ٽنڊوباگو کان تلهار تائين روڊ ٺهرائي ڏيڻ تائين خاموش نه ويهنداسين. احتجاج جي لاءِ ٻي حڪمت عملي ۾ جيڪا اسانجي دوست دانش صلاح ڏني، هڪ ڪپ ٺهرائجي جنهنجي چئني حصن تي هن روڊ جون اکڙيل تصويرون ۽ اها التجا هجي ته خدارا هي روڊ ٺهرائي ڏيو پر اهي ڪپ اسان کي هتان جي چونڊيل ايم.پي.اي، ايم.اين.اي، ڊي.سي، مختيارڪار مطلب ته حڪومتي ڌر جي هر ڪرتا ڌرتا ماڻهو تائين هي احتجاج رڪارڊ ڪرائجي.
هاڻي سائين ڪپ ٺهرائڻ جي لاءِ به دوست پنهنجي وس آهر راضي ٿيا. ڪپ اسان جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ ان ڳالهه جو به هو ته هاڻي هي هڪ خاموش تحريڪ آهي ان لاءِ پريس جي سهاري جي به وڏي ضرورت محسوس ٿي.
سائين منهنجا عجيب ڳالهه اها ٿي جو تقريباً ٻن ڏينهن کانپوءِ ادا فيض کوسو (ڪي.ٽي.اين جو رپورٽر) سائين ضرار رستماڻي وٽ اچڻو هو ۽ اسان جي ڪوشش هئي ته ادا فيض کوسو کي عرض ڪجي ته هن ڪپ مهم جي حوالي سان اسان جو ساٿ ڏي.
بهرحال خبر پئي ته فيض کوسو سائين ضرار رستماڻي وٽ ويٺو آهي. سو اسان به وڃي ان اتي نڪتاسين. فيض سان ملاقات ڪري سڄي ماجرا ٻڌائيسين ته فيص جيڪو خود به ان ڏينهن تلهار کان ٽنڊوباگو تائين بيحال ٿي پهتو هو سو هڪدم چيائين ته توهان ڪهڙي تحريڪ هلايو پيا ۽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ اسان فيض کي اهي ڪپ پيش ڪياسين ته فيض کوسو تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ بس اتان اٿي اسين سڀ دوست احتجاجي جلوس ۾ اچي باگو واهه جي پل تي گڏ ٿياسي ۽ پوءِ ادا فيض کوسو جي مهرباني سان اسان جو آواز ۽ اسان جو احتجاج اعلى اختيارين وٽ ڪي.ٽي.اين جي ذريعي رڪارڊ ٿيو. نتيجي ۾ هن روڊ جي مرمت لاءِ 80 لک کن منظور ٿيا جيڪي هن روڊ تي خرچ ته ٿيا پر اسان جي اڃان اها به ڪوشش هئي ته خاموش ويٺاسين ته اهو ڪم به ڪونه ٿيندو ۽ پوءِ اسانجو اهو ڪپ اهو احتجاج، اهي اسين. هر ماڻهو جي اڳيان ساڳي ڳالهه ته بابا تلهار ـ ٽنڊوباگو روڊ کپي. ان سڄي تحريڪ ۾ شهر جي هر ماڻهو اسان سان سهڪار ڪيو ۽ اسان جي احتجاج وڌيڪ سگهه ۽ قوت تڏهن محسوس ڪئي جو اسان جا صحافي دوست جيڪي به هن احتجاج جو باقاعده حصو ٿي ويا. عثمان راهوڪڙو، نصرالله جروار، محمد يوسف ميراڻي، اسحاق ميمڻ، حاجي سليم ميمڻ، حنيف سمون، علي اڪبر ڪولاچي، غلام رسول ڀان، ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، سائين جڙيل شاهه، رفاقت جروار، انور عباسي، محمد ملاح، وفا عنايت رستماڻي، شهزاد ميمڻ، مير سڪندر، عبدالرحمان سمون سميت هنن سمورن دوستن اسان جي هر احتجاج کي مڪمل ڪوريج ڏيڻ ۾ اسان جو مڪمل ساٿ ڏنو ان کان علاوه ٽنڊي باگي جي سياسي اڳواڻن خانصاحب جمالي، مير ڪاشف ٽالپر، چاچا علي مراد زئور (مرحوم)، حاجي رمضان ڪاتيار، سيٺ محمد سومار مڱڻهار، عطا حسين جمالي، رسول بخش جمالي، سردار جمالي، حاجي سائين بخش جمالي، محمد رحيم زئور، سجاد الستي، ويرو مل مورواڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست جيڪي اسان جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ کان وٺي اسان جي هر وقت همت افزائي ڪندا اچن پيا ۽ اسان جا ٻيا دوست سڪندر ميمڻ، راجا صوفي، سائين بدر ميمڻ، چاچا عمر کٽي، عبداللطيف آرائين، اڪرم ميمڻ، مرتضى ميمڻ، مقبول ميمڻ، مقبول احمد سمون، حاجن جمالي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مختيار ميمڻ، عامر کتري، استاد ڪريم خواجه، پروفيسر امتياز قمبراڻي، فيصل چيمه، ارشاد علي خواجه، وڪيل احسان علي خواجه، وڪيل سڪندر علي خواجه، چاچا عطا حسين خواجه، سيتل داس “صبر”، بئنڪ آفيسر محمد اشرف سمون، صلاح الدين رستماڻي، ڪامريڊ اشو لوهاڻو، سنجي ڪمار، اشتياق کتري هي سڀ دوست هر وقت ساٿ نڀائيندڙ ۽ اسان جو پيارو دوست جيڪو سياسي طور تي نه پر اسان سان بنا ڪنهن فرق جي هر احتجاج ۾ اڳيان اڳيان رهندڙ غلام محمد عرف دلبر سنڌي به گڏ رهيو. مطلب ته هنن دوست جي سهڪار سان مختلف احتجاج، لوڊشيڊنگ هجي، ڪو اسڪول بند هجي، ڪنهن سان ڪا بي واجبي هجي، پنهنجي وس آهر هر جائز مسئلي تي آواز اٿارڻ کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا. اڄ مونکي هي سڀ ڪجهه لکندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي محنت ۽ سچائي کي دوستن ۽ شهر واسين جيڪو مان ڏنو آهي ته هي زندگي جو سفر به هنن دوستن جي سهڪار سان ئي اڳتي وڌائجي.
اسان جي اهي دوست جيڪي اسانکي پنهنجي محبت جي ڀاڪر ۾ ڀري اسان کي هر وقت عزت ڏيندا رهيا انهن دوستن جي اها ڪوشش ۽ خواهش به هئي ته مير صاحب جي نالي جي پويان وجود ۾ آيل اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي ڪجهه وقت خدمت ڪرڻ جي لاءِ والي حيدر ميمڻ، عبدالعظيم (ذوالقرنين سمون)، فيض اڍيجو، منور “تبسم” کتري، هنن دوستن جي ڪوششن سان غيرمشروط ذميواري ڏيڻ لاءِ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو صدر دانش ڪمار لوهاڻه کي منتخب ڪيو ۽ هاڻي وري به نوجوان اتحاد جا ساڳيا ئي دوست پر هاڻي ڪجهه وڌيڪ ذميواري ۽ ڪم ڪرڻو پيو.
هن تنظيم جو ڪم غريب شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ، مير صاحب جي اسڪول جي حوالي سان رهيل ڪم ۽ اسڪول جا جيڪي به ننڍا وڏا مسئلا آهن انهن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ مير صاحب جي ساليانه ورسي جيڪا هر سال 12 فيبروري تي اسڪول ۽ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان ملهائي ويندي آهي.
اولڊ بوائز جي، نوجوان اتحاد جي ۽ اسان جي سڀني همدرد ساٿين لاءِ اهو به اعزاز آهي ته هتان جي بند پيل تعلقه اسپتال جي تباهه ٿيل بلڊنگ ۽ ان جي نئين سر مرمت ڪرڻ لاءِ به ڀرپور احتجاج ڪياسين مطلب ته هي شهر اسانجو آهي، احتجاج ڪرڻ، احتجاج ڳڻائڻ جي حد تائين نه پر هي ڪجهه اهڙيون يادگيريون جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن تائين نه فقط يادگار هجن پر جديد دور ۾ تحريڪن جا نوان رنگ ۽ ڍنگ آهن ته پوءِ وقت سان گڏ ڪجهه نيڪ ۽ ڪجهه بهتر ڪري وڃڻ بهتر زندگي گذارڻ جو مقصد آهي. آئون چاهيان ٿو ته پڙهندڙن تائين ڪجهه حقيقي ۽ دلچسپ ڳالهيون شيئر ڪريان.
سائين منهنجا! صفا خطرناڪ گرمي، هيٽ اسٽروڪ ماڻهو پيا مرن، پکي جو پر به نه چُري. هاڻي ڇا ڪجي؟ دوستن جي گڏجاڻي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ لاءِ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائجي ۽ ماڻهن کي احتياطي اُپاءُ ٻڌائجن. ٺيڪ آهي! سائين صبح جو سڀني دوستن ۽ شهر وارن کي ڪئمپ ۾ پهچڻ لاءِ هئنڊ بِل ورهائي ڏناسين ۽ ڪئمپ ۾ اسان سان ڊاڪٽر مراد بلوچ، ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، ڊاڪٽر گلزار علي خواجه، ڊاڪٽر مختيار ميمڻ، ڊاڪٽر وقار ميمڻ موجود هئا جن ماڻهن کي احتياطي تدبيرون ٻڌايون ۽ چيئرمين ٽائون ڪميٽي خانصاحب جمالي، وائيس چيئرمين مير ڪاشف ٽالپر، نين سمون، عثمان راهوڪڙو ۽ دلبر سنڌي مطلب ته هي دوست جن جو سهڪار ۽ ساٿ محبت جي هڪ اهڙي مالها آهي جنهنجو مثال اسان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ ساڳي طرح ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ به ساڳي وٺ پڪڙ. نزا بيڪري وٽ اسٽيج ٺاهڻو هو جنهن جي لاءِ ٽالهي هٿ ڪرڻ هئي. چاچي وريام جاڙي جي مهرباني سان اسٽيج جو بندوبست ٿيو ۽ هاڻي اسان جي ثقافتي رنگن ۾ رنگجڻ لاءِ اها ڪوشش هئي ته هر سياسي، سماجي، مذهبي ماڻهو متڀيد ڇڏي اڄ ٻڌي جو ثبوت ڏي جو ان ڏينهن اسان جو نوجوان اتحاد ۽ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو پليٽ فارم واقعي به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو جنهن ۾ پ پ اڳواڻ سيد سڪندر علي شاهه، خانصاحب جمالي، مير ڪاشف حسين ٽالپر، عبدالستار ميمڻ، پپو ميمڻ، حاجي رمضان ڪاتيار، دلبر سنڌي، سڪندر ميمڻ، فيصل چيمه، واحد بخش عمراڻي، عبدالڪريم عمراڻي، قومي عوامي تحريڪ جا دوست سچل هاليپوٽو، گلزار هاليپوٽو، دانيال هاليپوٽو، جمن شاهه، حمزه پٺاڻ، ايس.ٽي.پي جا دوست احسان عمراڻي،رجب عمراڻي، عطا حسين عمراڻي، زبير عمراڻي سميت ٻيا دوست جن ۾ پرويز مڱڻهار، لياقت علي مڱڻهار، معشوق سمون، غلام رسول انڙ، منظور هاليپوٽو، ڪامريڊ اشو لوهاڻو، شاعر ۽ اديب فراق هاليپوٽو، اقبال هاليپوٽو، مقبول هاليپوٽو، منور هاليپوٽو، منظور سمون، سگهڙ چاچا لکاڏنو ماڇي، ڀٽائي جو پارکو چاچا لکاڏنو جت، شاعر مير محمد سولنگي، ڏاڙهون ڏکايل، علي احمد مڱڻهار، استاد قاسم، فنڪار راجا شاهد، سائين علي حيدر شاهه، فقير راشد، ماسٽر فدا حسين، غلام حيدر “گل”، ساهڙ فقير نڙ بيت واري محفل مچائي. بئنڪ آفيسرن ۾ غلام مصطفى ميمڻ، شاهد رستماڻي، آفتاب عالم کتري اسان جو استاد ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ، چاچا مهدي خواجه، عرفان مهدي خواجه، اشتياق کتري، امتياز ميمڻ (سنڌ شهباز ڪمپني) مطلب ته اهو ثقافتي ڏينهن جنهن ۾ هي سڀ محبت جا مهندار دوست جيڪي اڄ به جڏهن ڪنهن غير سياسي پليٽ فارم تي بنا ڪنهن متڀيد جي گڏ ٿيا آهن ته اسان جي لاءِ هنن ماڻهن جي محبت کي ساهه سان سانڍي رکڻ ۽ صدين تائين اهو مثال قائم رهندو ڇو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي تهذيبي رنگن ۽ پنهنجي سنڌي روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ هن قسم جا پروگرام ڪرڻ تي فخر آهي ڇو ته سنڌي قوم تهذيب يافته قوم آهي ۽ هن قوم جو هر فرد سنڌ جو نمڪ حلالي پٽ آهي.
هي مختصر سفر مختصر لمحا ۽ مختصر زندگي انمول يادون ۽ انهن يادگيرين مان هڪ اهڙي ياد جنهن شخص جي يادگيري لکڻ لاءِ سوچان ٿو ته ڇا لکان؟ ڇو جو سندس سخاوت جو زنده مثال هي اسڪول آهي جيڪو هن پٺتي پيل علائقي جي ماڻهن لاءِ کوليو ته جيئن منهنجي لاڙ جا ۽ سنڌ جا ماڻهو علم جي دولت سان مالامال ٿي سگهن. اڄ رات تمام گهڻي بيچيني آهي ته سڀاڻي 12 فيبروري آهي ۽ ورسي جي حوالي سان اسان جي سموري ٽيم سڀ انتظام ته مڪمل ڪري ڇڏيا هئا پر سائين عمر سمون جيڪو جنرل سيڪريٽري به آهي پر هن اسڪول جي شاگردن جي اسڪائوٽ ٽيم کي به تيار ڪرڻو آهي، رشيد ميمڻ جيڪو پرنسپل سائين عبدالعزيز خواجه سان هال جي سيٽنگ واري ڪم ۾ مصروف، دانش لوهاڻو مهمانن جي انتظام سنڀالڻ جي حوالي، سائين امتياز قمبراڻي، ڪپيل ديو سوني، درپن ڪمار، شاهجهان سمون ۽ آئون سڄي رات انهي ڪم ۾ ته پروگرام کي بهتر کان بهتر نموني ڪجي ۽ ڪا به کوٽ محسوس نه ٿئي ڇو جو سڀاڻي جي پروگرام جي صدارت سنڌ جو ڀلوڙ ليکڪ، دانشور ڊاڪٽر محمود مغل ڪندو. يگانو شاعر حافظ نظاماڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا مهمان ايندا. بس الله پاڪ ڀلو ڪندو.
صبح ٿيو، پروگرام جي لاءِ اسڪول جو پرنسپل، استاد، شاگرد ۽ اسان جي سموري ٽيم جيڪي هر سال مزار تي چادر چاڙهيندا آهن پر هن سال ڪجهه نئون انداز هو. سائين محمد عمر جي ڪوشش سان اسڪائوٽ جي ٽيم تيار ڪئي وئي هئي ته جيئن هر ايندڙ مهمان جو اسڪائوٽ جي ٽيم آڌرڀاءُ ڪري اسٽيج تي آڻي. ٽائون ڪميٽي چئيرمين خانصاحب جمالي ۽ سندس قيادت اسڪائوٽ جي ٽيم استادن ۽ شاگردن سان گڏ مزار تي چادر چاڙهي واپسي پروگرام هال ۾ پهتا. تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان پروگرام جي شروعات ٿي. ٻارڙن جا تقريري مقابلا، نعتون ۽ ٻي نشست ۾ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن مير صاحب جي زندگي تي روشني وڌي. هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ايس.ايڇ.او رياض احمد بجاراڻي صاحب پوليس جي لباس ۾ هڪ بهترين انسان دانشورانه ذهنيت جو مالڪ جنهن مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ کان وٺي پروگرام ۾ دل سان حاضري ڏني. پروگرام هلندي دانش ڪمار ڪن ۾ اچي مونکي چيو ته سردار ڪمال خان چانگ ۽ مير الهبخش ٽالپر پروگرام ۾ اچي رهيا آهن خير پروگرام ته هليو پئي، مهمان جيئن ئي آيا ته اسڪائوٽ جي ٽيم ويلڪم جي لاءِ اڳيان وڌي ۽ مهمانن کي اسٽيج تي وٺي آياسين. شام جو پنج بجه تائين پروگرام هلي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. سردار ڪمال خان چانگ ۽ مير الهبخش ٽالپر اولڊ بوائز جي صدر دانش لوهاڻه، پرنسپل عبدالعزيز خواجه ۽ سموري ٽيم سان گڏجي اسڪول جو دورو ڪيو. اولڊ بوائز جي صدر سردار ڪمال خان چانگ ۽ مير الهبخش ٽالپر جي اڳيان اهو عرض رکيو ته سائين سپاس نامي ۾ استادن جي کوٽ کان وٺي هر مسئلي جي وضاحت ڪئي آهي جيڪڏهن ڪو به هڪ مسئلو حل ڪندا ته هن اسڪول جي لاءِ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو. مسئلن جا هزار داستان پر اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 2200 شاگردن لاءِ فقط 4 يا 5 باٿروم آهن جڏهن ته 11 باٿرومن جي سخت ضرورت آهي. هي سڀ ڪم پنهنجي وقت تي پايه تڪميل تي ضرور پهچندا پر ان ۾ اسان جي ڪيتري سچائي آهي؟
ورسي جو پروگرام خيرن سان ختم ٿيو، هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي ان لاءِ به دوستن جي گڏيل راءِ مطابق اها ڳالهه ٿي ته مير صاحب جي ڪيل نيڪ ڪمن ۽ سندس زندگي تي مڪمل ڪتاب آڻجي. اهو ڪم ته سڀني کي پسند آهي پر ڪتاب جو مواد گڏ ڪرڻ لاءِ اها ذميواري شاهجهان کي ڏيون ٿا ته جيڪي پراڻا رسالا هاڻي اڻلڀ ٿي ويا آهن انهن کي هٿ ڪري مواد گڏ ڪرڻ ۽ نون دوستن کان لکرائڻ جي ذميواري ڏنيسين.
هاڻ ڇپائي لاءِ ڇا ڪجي ڇو ته اولڊ بوائز کي هر سال لک روپيه ملندو آهي ان مان ورسي جو خرچ ۽ اسڪول جي غريب شاگردن کي بوٽ، ڊريسون ۽ ڪتاب ڏيڻ کانپوءِ پاڻ وٽ 30000 روپيه بچيا آهن باقي جيڪو وڌيڪ خرچ ٿيندو ان لاءِ سڀ دوست گڏجي هڪ يادگار ڪتاب آڻينداسين. اڄ بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته مير صاحب جي زندگي ۽ سندس خدمتن جي مڪمل ڪٿا صدين تائين زنده رهندڙ شخص جيان هي ڪتاب اسان پنهنجي هڙان وڙان ڪري ڇپرايو آهي. اها اسان جي پهرين وِک آهي اميد ته قبول پوندي. هي مختصر احوال آهي، هي تاريخ توهان ڪيئن ٿا ڏسو، ڪيئن ٿا محسوس ڪريو اهو ڇڏيون ٿا تاريخ ۽ توهان پڙهندڙن تي!