گيت “مير جي نانءُ”
صابر شيدي
هو ماڻهو موتي داڻو هو،
۽ انسانيت جو ڄاڻو هو.
هو مير هوندي ڄڻ مير نه هو،
امير وڏيرو، پير نه هو.
هڪ سادو سودو ماڻهو.
هو علم سان هن جو چاھ وڏو،
۽ رعيت پنهنجي ۾ ساھ وڏو
هو ڏاهو اڪابار سياڻو هو.
هن ملڪيت کي نه مان ڏنو،
پر غريب کي هو شان ڏنو،
هو لاڙ سڄي جو راڻو هو.
هو اونڌاهي جو راڄ هتي،
۽ آدم آدم کاڄ هتي،
ڄڻ دور وريو پراڻو هو،
هن سوچي سوچي سوچو هو،
پوءِ مڪتب خاطر لوچو هو.
۽ خيال سندس اڏاڻو هو.
هڪ تارو “صابر” اڀريو هو،
جو سندس سڄي لئه اسريو هو،
جيئن برپٽ ۾ ٽانڊاڻو،
هو ماڻهو موتي داڻو هو،
۽ انسانيت جو ڄاڻو هو.