لاڙ جو املھه ماڻڪ
- قاضي عبدالمجيد ”عابد“
سنڌ ڪئين املھه ماڻڪ پيدا ڪيا ۽ ڪندي اچي. ڳڻي ڳڻينداسين ڪيترا. ڪي عامل هئا ته ڪي ڪامل، ڪي عابد هئا ته ڪي زاهد. ڪي سڀ ڪجھه ڄاڻيندي اٻوجھه رهيا ته ڪي ڪجھه نه ڄاڻيندي به سڄاڻ ۽ سٻوجھه رهيا. عرض ته سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ پي رهي آهي. رڳو پارکن جي ڪمي جو ڪڏهن ڪڏهن شدت سان احساس ٿيندو آهي.
سنڌ جو لاڙ وارو حصو به ڪلراٺو ضرور آهي پر انسانذات جي خير ۽ ڀلائي چاهيندڙن جي هتي به کوٽ ڪانه پي رهي آهي. ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۾ ٽنڊي باگي جي ننڍڙي شهر ۾ خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي ذات گرامي جو وجود ۾ اچڻ هڪ اهڙي ته املھه ماڻڪ جي پيدائش هئي، جنهن پنهنجي گران بها عقل ۽ ادراڪ، مروت ۽ سکا، انڪسار ۽ ايثار، اخلاص ۽ بي لوث خدمت سان هڪ اهڙي ته مشعل روشن ڪئي، جنهن هن خطي جي تقدير ئي بدلي ڇڏي. جنهن جي طفيل گهڻن ئي جهڳي نشينن جي اونداهن جهڳن ۽ چونئرن ۾ اجالي جا چراغ ٻاريا ۽ بک، بيروزگاري، محرومي، مفلسي ۽ لاعلمي جي جاءِ تي علم، آسودگي، عزت، نفس ۽ غيرت حاصل ڪري ورتي. هي ڪو معمولي ڪارنامو نه هو. لاڙ ۾ تونگر ٻيا به هئا. تازي طنبيلن ۾ ۽ ڪرها ڪڙهن ۾ ٻين وٽ به هئا. جاگيرون ۽ جائدادون، دولت ۽ عظمت، اثر رسوخ ٻين جي به حصي ۾ آيو هو. پشت به پشت خاندانن جي کوٽ ڪانه هئي. مائٽاڻا ورثا ۽ مال متاع، هيرا ۽ جواهر، سون ۽ مين مڻن جي حساب سان ٻين اميرن ڪبيرن جي تهه خانن جي ٽجوڙين ۾ به ڀريل هئا. ميڙن ملاکڙن، ڪڃرين ۽ طوائفن، مجرن ۽ محفلن، بازن ۽ لشڪرن، ڪڪڙن ۽ بٽيرن جي ويڙهن، ملهن پالڻ ۽ ڪتن جو لوڌون گڏ ڪرڻ، شيل ۽ شڪار تي بي حساب دولت لٽائڻ، گهوڙن ۽ شرطن لڙائڻ وارو اميراڻو ڪاروبار، مير غلام محمد خان به سولائي ۽ فراواني سان ڪري سگهيو ٿي ليڪن هن نيڪ مرد پاڻ کي سادگي جو پيڪر بنائي، پنهنجي علائقي جي اولين ضرورت، يعني فروغِ تعليم کي پنهنجو نصب العين بنايو ۽ ان لاءِ پنهنجي دولت کي بي دريغ کپائڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي. آس پاس جي غريبن سان گڏ، اميرن جي چائنٺ لنگهي ويندو هو، پر ڪنهن اليڪشن لاءِ ووٽ گهرڻ نه بلڪه فقط ان تلقين لاءِ ته پنهنجي اولاد کي پڙهائين ۽ انسان بنائين. سندس قائم ڪيل ٽنڊي باگي جي مدرسي، پوري لاڙ جي باشندن جي جيڪا تعليمي خدمت ڪئي آهي سا محتاج بيان نه آهي.
اڄ به هن آبشار مان ڪئين علم جا پياسا پنهنجي تشنگي مِٽائي سندس روح پر فتوح کي دعا ۽ خير سان ياد ڪن ٿا، جيڪا هڪ ابدي سبيل آهي.
وڏا وڏا نامور، وزير، بانڌبير، حاڪم با حڪمت، سياست جي ميدان جا شهسوار، جاگيردار، صنعتڪار، واپاري ۽ زميندار، محلن ۽ محلاتن جا مڪين، ملن ۽ ڪرٺين جا مالڪ وسري سگھن ٿا، وسري ويا ۽ وسري ويندا، مگر خان بهادر مير غلام محمد خان مرحوم وسارڻ سان به نه وسرندو.