نذر عقيدت
بشير سيتائي
(1)
مير صاحب ملڪ و ملت جو وڏو غمخوار هو،
ڪاروان علم جو اعليٰ علمبردار هو،
صاحب سما هو قدرت سندو شاهڪار هو،
اُنس ور انسان هو، اخلاص جو اوتار هو،
اڄ انهي جي گڏجي سڀئي ياد تازا ٿا ڪريون،
جا محبت زنده آهي، خوب زنده ٿا ڪريون.
(2)
مير صاحب بيڪسن جو ڀرجهلو آڌار هو،
۽ مروت مهر جو ڀاري ڀريل ڀنڊار هو،
مجسمو صدق و وفا جو مڙس مڻيادار هو،
دردمندن ۽ دکي دلين سندو دلدار هو،
اڄ به انکي قوم سڪ سان خوب ساري پيئي،
پيار جي گهرائي سان نالو پڪاري ٿي پيئي،
(3)
گلشن علم و هنر جي آبياري جنهن ڪئي،
جان پنهنجي کان به پنهنجي قوم پياري جنهن ڪئي،
خدمتِ مخلوق ۾ گم عمر ساري جنهن ڪئي،
اتحادي درس ڏيئي رسم ياري جنهن ڪئي،
اڄ به انجي موت تي هو آسمان آ اشڪبار،
اڄ به ان جي غم کان آهن غمزده ليل و نهار،
(4)
ڄڻ ته هي آواز اڄ ڀي ٿو اچي مرقد منجهان،
خواب غفلت مان ٿيو بيدار اي اهلِ جهان!
ڪريو سينن کي منور علم جي تنوير سان،
زندگي جي راز مان ٿيندا تڏهن واقف اوهان،
گونجي ٿو فضائن ۾ سندس پيغام خاص
استفادو جو وٺي پائي اهو انعام خاص
(5)
علم و عرفان جو اجهامي ويو اهو روشن چراغ
خون دل سان ٻارو ٻارو جنهن بڻايو باغ باغ،
مدتن کان ڏيئي ويو سو وڇوڙي جو داغ،
ڪا نگاهِ جستجو پائي نٿي انجو سراغ،
بس “بشير” اڄ ڀي انهي جي جڳ کي حاجت آ اڃان
مير جهڙي مرد جي اڄ ڀي ضرورت آ اڃان!