شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مير غلام محمد خان ٽالپر (يادگار فٽ بال ڪلب)

مير غلام محمد خان ٽالپر (يادگار فٽ بال ڪلب)

- شفيع محمد شيدي

باگي واهه جي ڪنڌي جو هي خوبصورت شهر جنهن جي بيمثال تاريخ آهي، پر اُن تاريخ کي جڏهن اسان گهرائي سان ڏسنداسين ته هن شهر ۾ هڪ خوبصورت عمارت نظر ايندي، اها عمارت نه صرف ٽنڊو باگو پر سنڌ جي بهترين اسڪولن مان هڪ اسڪول جي عمارت آهي. ها! لاڙ جي ابي ۽ سنڌ جي محسن مير غلام محمد خان ٽالپر طرفان ٺهرايل هي عظيم عمارت مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪنڊري اسڪول جي آهي، جنهن جي تاريخي درسگاهه مان نه صرف هتان جا غريب توڙي امير ٻار تعليم جي زيور سان مالامال ٿيا پر هن اسڪول جي تاريخي گرائونڊ تي مختلف قسمن جون رانديون پڻ ٿينديون هيون جن ۾ هاڪي، والي بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، هاءِ جمپ، وار بيل، نيزا بازي، ٽرپل جمپ، ونجهه وٽي، ڪٻڊي وغيره جن جو سامان اسڪول ۾ شايد هاڻي موجود به هوندو ۽ ان سان گڏ دفاعي ٽريننگ پڻ ڏني ويندي هئي. انهن سڀني راندين جي ٽريننگ نور محمد نالي پنجابي استاد ڏيندو هو. اهي رانديون هن وقت زوال پذير ٿي چڪيون آهن. ٽنڊي باگي جي تاريخ تي نظر ڦيرائينداسين ته مير غلام محمد خان ٽالپر جي نالي سان هلندڙ فٽبال جي راند جنهن ۾ ماضي جا بهترين رانديگر جيڪي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري هن اداري جي اڏيندڙ خانبهادر جو نالو هر جڳهه تي مشهور ڪيو. هن وقت به فٽبال مير غلام محمد خان ٽالپر جي ٽيم نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ راند ۾ بهترين مظاهرو ڪري هن عظيم انسان جو نالو روشن ڪري پاڻ مڃرايو آهي.
ڏسون ٿا ته جڏهن دنيا بارود جي ڍير تي بيٺل هجي ۽ هٿيارن جا انبار آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، معاشري ۾ مختلف قسمن جون سماجي برايون موجود هجن، اسانجي ايندڙ نسل جا ٻارڙا ۽ نوجوان نشي آور شين ۾ مبتلا ٿيندي نظر اچن، جنهنجو هڪ ئي سبب آهي، اسان جي سماج مان راندين جو خاتمو. احساسِ محرومي جو شڪار اهي ٻارڙا جن لاءِ هن قسم جا گرائونڊ هجڻ گهرجن پر تيز رفتار د‍ؤر سان مقابلو ڪندڙ اڄ به هتي جا شاگرد ۽ اهي ڇوڪرا جن فٽبال جي راند ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.فٽبال ٽيم جا پراڻا رانديگر جن جو ذڪر پڻ لازمي آهي انهن ۾ عرفات احمد عرف واه واه، انيس شاه بخاري، اڪبر شاه، فاروق قمبراڻي، فرهاد قمبراڻي، غلام رباني پنجابي، فضل بهلاڻي، غلام محمد لوهار، ابراهيم مڪراني، اسلم ڪڇي، اقبال ڪڇي، ابراهيم مڪراني، غلام علي خاصخيلي، بابو خاصخيلي، احمد قمبراڻي، استاد وڪيو شيدي، سائين عباس علي، ذوالفقار جمالي، شبير خاصخيلي، سليم ڪڇي، ابراهيم قمبراڻي، منور حُسين (منو قمبراڻي)، فتح علي قمبراڻي، عبدالحفيظ قمبراڻي، سليمان سمون، خالد بلوچ، سائين نبي بخش (نبو)، هيرو، ماستر اسلم قمبراڻي، وڏيرو صالح دل، نظام الدين قمبراڻي، آصف جٽ، غلام رضا ڪلهوڙو، نظير حسين خاصخيلي، سليمان خاصخيلي، جميل احمد خاصخيلي ۽ اڃان به ڪجهه اهڙا نالا جيڪي شايد ياد نه ايندا هجن.
موجوده وقت ۾ ايم.جِي.ايم MGM فٽبال ڪلب طرفان ڪجهه يادگار فٽبال ٽورنامينٽ منعقد ڪرايا ويا جن ۾ پهريون صوفي ونود ڪمار آل سنڌ فٽبال ٽورنامينٽ، ٻيو نريش ڪمار سوني فٽبال ٽورنامينٽ، ٽيون حاجي عبدالله خاصخيلي فٽبال ٽورنامينٽ، چوٿون آل سنڌ فٽبال ٽنڊوالهيار، پنجون آل سنڌ فٽبال ڪُنري، ڇهون عبدالستار ايڌي فٽبال ڊسٽرڪٽ چئمپين شپ، آل سنڌ فٽبال نوابشاهه. هي ڪجهه يادگار ٽورنامينٽ جن جو ذڪر ڪيوسين. آل سنڌ ريفري ڪورس جنهن جا بهترين رانديگرن ۾ شمار ٿيندڙ غلام الله (ينگ بلوچ)، شجاعت علي،آل سنڌ ريفري ڪورس بدين (جيڪو هن وقت به هلندڙ آهي) ان ٽيم جا بهترين رانديگر جن ۾ مير عمار محبوب ٽالپر، اشتياق خاصخيلي، شجاعت علي قمبراڻي ۽ غلام الله (ينگ بلوچ) آهن.
مير غلام محمد خان ٽالپر فٽبال ڪلب جنهن جو ڊسٽرڪٽ پريزيڊنٽ محترم غلام قاسم خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري يار محمد خاصخيلي، مير تنوير خاصخيلي ۽ ٻيا عهديدار جيڪي هيل تائين به هن ٽيم کي بهترين انداز ۾ هلائي رهيا آهن.
مير غلام محمد خان ٽالپر فٽبال ڪلب جي سپورٽ ڪندڙ جن ۾ مير ڪاشف ٽالپر (وائيس چيئرمين يوسي ٽنڊوباگو)، مير محمد بخش ٽالپر (پ پ اڳواڻ)، ابراهيم مڪراني، صابر رستماڻي، شفيع محمد قمبراڻي، چاچا عبدالواحد، مُنور لوهاڻو، عرفات احمد خاصخيلي، غلام علي خاصخيلي ۽ طارق ڀرڳڙي آهن جيڪي دوست پنهنجي ذاتي ڪوششن سان هن ٽيم جو ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن.
مير غلام محمد خان ٽالپر فٽبال ڪلب جي ٽيم جا موجوده رانديگرجن ۾ سمير بلوچ، غلام الله (ينگ بلوچ)، رحمان بلوچ، احسان بلوچ، شجاعت علي قمبراڻي، ابوذر قمبراڻي، خضر قمبراڻي، مير شهزاد، مير عمار محبوب ٽالپر، جنيد جميل، عرفان ڪلهوڙو، وقار خاصخيلي، شاهنواز خاصخيلي، شاهنوار (جو جو خاصخيلي)، مجاهد رستماڻي، نعمان خاصخيلي، شان علي قمبراڻي، عرفان ڪڇي، سجاد علي قمبراڻي ۽ چاچا عمران ڪلهوڙو شامل آهن جيڪي هن وقت آل پاڪستان فٽبال راند ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.