شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

جنب گذاريم جن سين

جنب گذاريم جن سين
خانبهادر مير غلام محمد خان ولد مير محمد خان صاحب
(ٽنڊو باگو)

- جي ايم سيد

هي صاحب ٽالپرن جي ماڻڪاڻي پاڙي مان هو. اصل ۾ ٻين مير صاحبن وانگر، ڪو وڏي ملڪيت وارو ڪونه هو. ابتدا ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو؛ پوءِ نوڪري ڇڏي، محنت ۽ ڪفايت سعاري سان، وڏي زمينداري ۽ پئسو ڪٺو ڪري سگهيو. سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي صرف ڪندا آهن، ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀريل رکي هئي، جنهنڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو؛ سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم محبتي، خلق خدا جو خيرخواھ انسان هو.
مير صاحب کي مسلمانن جي تعليم سان خاص دلچسپي هئي. پهرين ٽنڊي باگي ۾ اي. وي ڪلاس کولرايائين. بعد ۾ ان کي ترقي ڏياري، هڪ لک رپين جي خرچ سان بلڊنگ تيار ڪرائي، هڪ ڪافي رقم اينڊومينٽ فند رکي، هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. ان ۾ بورڊنگ هائوس ٺهرائي، ٻاهرين شاگردن جي رهائش جو انتظام ڪيائين. اول ۾ هن هاءِ اسڪول کي لوڪل بورڊ طرفان گرانٽ ملندي هئي، ٻيو سمورو خرچ مير صاحب مير صاحب پاڻ ڪندو هو. پوءِ سرڪار هن کي هٿ ۾ کڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بنايو. پوءِ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول ٺهرايو. جو پڻ سرڪار پوءِ پنهنجي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ به مير صاحب ماسترياڻين جي رهائش وغيره لاءِ جايون ٺهرايون. زالن لاءِ ٽنڊي باگي ۾ ويم گهر قائم ڪرائي، ان جي ذريعي آسپاس جي داين جي ٽريننگ جو انتظام ڪرايائين. سندس اسڪالرشپن جو فائدو نه صرف مسلمانن تائين محدود هو، بلڪ ان جو فائدو هندو به وٺندا هئا. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي هن پنهنجي خرچ سان تعليم وٺڻ لاءِ ولايت موڪليو. مير بنده علي خان باوجود پنهنجي ملڪيت هئڻ جي، سندس خرچ تي تعليم لاءِ ولايت ويو. سندس اسڪالرشپن تي ڪيترا شاگرد دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان پڙهي، سند يافته ٿي آيا. تعليم سان سندس محبت جنون جي حد تائين پهتل هئي، بلڪ هر چڱي ڪم لاءِ مدد ڏيڻ ۾ کيس خوشي پئي ٿيندي هئي. مليريا جي موسم ۾، گشتي ڊاڪٽر مقرر ڪري، دوائون ڏيئي، کين ڳوٺن ۾ عام ماڻهن جي علاج لاءِ موڪليندو هو.
1928ع ۾، سن جي تعليمي ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ مون کيس دعوت موڪلي هئي. ان جي جواب ۾ هڪ ڊگهو خط لکي موڪليائين، جنهن جا ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
“25 جنوري، 1928ع سائين جن نوازش نامو، 20 جنوري جو لکيل، غلام کي پهتو. جناب من! مون کي مسلمانن جي جهالت ڏسي ڪيترن ورهين کان دل ۾ درد رهي ٿو (وڌيڪ احوال لکي چئي ٿو) آئون حتي الامڪان پاڻ پتوڙيندو رهان ٿو. عام ماڻهن جي جهالت، بيڪاري ۽ غربت ڏسي، روئڻ پيو اچيم. مون پنهنجي ملڪيت ۽ وقت کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي؛ پر آءٌ اڪيلو ڇا ڪري سگهندس؟ سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن، پيرن ۽ مخدومن کي غريبن سان همدردي ڪانه آهي. طبع ناساز هئڻ ڪري اچي نٿو سگهان، معافي طلب آهيان، خدا اوهان کي انهن ڪوششن ۾ ڪامياب ڪري ــــ غلام محمد.”
مرحوم جي مون سان بيحد محبت هوندي هئي، ۽ سندس محبت جو دائرو وسيع هو. عوام سان محبت ۽ خلق جي خدمت جو جذبو رکندڙ هر ماڻهو کيس پسند ايندو هو. ٽنڊي باگي ۾ ڪيترائي ادارا سندس يادگيري تازي ڪرايو اچن. سنڌ ۾ هندن ۾ ته ڪيئي مخلص ڪارڪن ٿي گذريا آهن. جن ڪيترائي هاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ مسافر خانا کولايا هئا، ليڪن مسلمانن جو پئسي وارو طبقو اڪثر خود مطلب، عياش ۽ ذاتي اقتدار جو طالبوهو. اهڙي قحط الرجال جي حالت ۾، مير صاحب جي زندگي مثالي حيثيت رکي ٿي. اهڙي قسم جا ٻيا مسلمان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا ــــ جهڙوڪ؛ مرحوم حسن علي آفندي، سيد الهندو شاھ ڊڀري وارو، مسٽر نور محمد وڪيل، سجاول وارو سيد حاجي عبالرحيم شاھ ۽ پير صاحب جهنڊي وارا. تعليم جي سلسلي ۾، مخدوم ميان غلام حيدر صاحب هالا وارا بيشڪ وڏي تعريف جي لائق آهن، پر هن ميرصاحب جو ڪوششون صرف تعليم طرفان ئي راغب نه هيون، بلڪ عام تندرستي ۽ صحت جا معاملا به ان ۾ شامل هئا.
مير صاحب 12 فيبروري 1933ع مطابق 15 شوال 1351ھ تي وفات ڪئي. کيس ڪو اولاد ڪونه ٿيو. سندس وارث، سندس چاچي مير حاجي غلام شاھ جو فرزند، مير خدابخش خان ٿيو. سندس ڏاڏي مير حاجي ولي محمد خان کي پنج فرزند ٿيا. 1. مير محمد خان، 2. مير حسن علي خان، 3. مير محمد حسن خان، 4. مير يار محمد خان، 5. مير حاجي غلام شاھ.
مير محمد خان کي هڪ فرزند، خانبهادر مير غلام محمد خان ٿيو، جو لاولد وفات ڪري ويو.
مير حسن علي خان کي ٻه فرزند ٿيا: مير حاجي شير محمد خان ۽ مير فيض محمد خان، پهرئين کي مير حاجي نور حسين خان (خاڪسار ڪارڪن)، مير غلام رسول خان ۽ مير عبدالقادر خان (هاري ڪارڪن) فرزند ٿيا. ٻئي کي مير محمد علي خان فرزند ٿيو، ۽ ان کي مير علي حسن خان ڄائو. مير محمد حسن خان کي مير محمد بخش خان فرزند ٿيو، جنهن جي فرزند جو نالو وري محمد حسن خان رکيائون. مير يار محمد خان کي شايد اولاد ڪونه ٿيو. مير حاجي غلام شاھ کي مير حاجي خدابخش خان فرزند ٿيو. جنهن کي چار پٽ آهن: مير حاجي عبدالحسين خان، مير ولي محمد خان ( رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي جو ڀيڻويو)، مير حاجي محمد خان ۽ مير حاجي علي نواز خان،
ملڪ ۾ مير گهڻا آهن، پر غلام محمد خان مرحوم پنهنجو مٽ پاڻ هو.