سپاسنامون 1976ع
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي. (شاه)
جناب مير مجلس مانوارا ايڇ-ايم خواجه صاحب
عزت ماب جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب بدين
جناب ڊائريڪٽر صاحب تعليم حيدرآباد سنڌ
۽ منهنجا ٻاهران آيل ساٿيو- معزز حضرات اسلام عليڪم!
عزيزو آئون اولڊ بوائز ائسوسئيشن جي صدر جي حيثيت سان توهان صاحبن جو دل جي گهرائين سان استقبال ڪريان ٿو، جو توهان صاحب باوجود مصروفتين جي ڪشالا ڪڍي ڏورانهن هنڌن کان هن اوکي هنڌ تي پنهنجي محسن کي نذرانه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهيون. تنهن لاءِ مان سڀني صاحبن جو دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو.
دوستو اسان جي هي ننڍڙي جماعت هن اسڪول جي پراڻن شاگردن سان وابسته آهي. انهيءَ اسڪول جو اڏيندڙ اسان جو محسن خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر هو. جيڪو هتي جي ماڻڪاڻي ٽالپرن جي خاندان جو هڪ معزز شخص هو. تنهنڪري اسان پنهنجي ايسوسئيشن جو نالو هن اسڪول جي باني پٺيان “مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول اولڊ بوائز ايسوسئيشن ٽنڊو باگو” رکيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته پهريائين مان انهي عظيم انسان جو ذڪر ڪريان، جنهن جا اسان تي هزارين احسان آهن.
ساٿيو! برصغير ۾ ڪيترن ئي علم دوست حضراتن سوين درسگاهون ۽ علمي ادارا قائم ڪيا. اهي سڀ پاڻ ملهائي ويا ۽ عزت جا لائق آهن. پر انهن صاحبن کي ڪيترن ئي سخي مردن دل کولي دان ڏنا. ليڪن مير صاحب هن خير جي ڪم ۾ ڪنهن کان پائي به نه پني. هن ميدان ۾ سندس خدمتن جي برابري ڪوبه ڪري نٿو سگھي. مان دعويٰ سان چوان ٿو. توهين خود اندازو لڳائي سگهو ٿا ته 1923ع جي زماني ۾ ههڙي عظيم عمارت قائم ڪرڻ کانسواءِ ساڍا ٽي لک رپيا روڪڙا ڏيڻ، ڪير ڪري سگھيو ٿي. ان زماني ۾ هئي ڪنهن جي مجال؟ ان کان سواءِ ٻيا به سوين سندس خير جا ڪم هئا. جيڪي اسان جي هن ڪئلينڊر ۾ درج آهن، توهان خود مطالعو ڪري سگهو ٿا. هاڻ مان ڪجھه ايسوسئيشن بابت عرض ڪندس:-
دوستو! اسان اهو محسوس ڪيو ته مير صاحب جيڪا جوت جلائي آهي، ان مان اسان کي روشني جي جهلڪ ملي آهي. تنهنڪري اسان هن اداري مان تعليم ورتلن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان سندس جلايل جوت کي دائمي روشن رکون ۽ اهڙي محسن جي قربانين جو ورنن دنيا وارن کي ٻڌايون ۽ سندس ڇڏيل پونجي کي سپوت پٽن وانگر سنڀاليون. ڇاڪاڻ ته مير صاحب اسان جو ابو هو. صرف اسان جو نه پر پوري اهل لاڙ ۽ سنڌ جو ابو هو. ڇاڪاڻ ته هن سڀني سنڌواسين کي بنان ڪنهن امتياز جي پيءُ وانگر پاڙهيو ۽ سنڀاليو.ان مقصد تحت ئي اسان جماعت قائم ڪئي. ڇاڪاڻ ته هڪ صالح پٽ جو فرض آهي ته هو پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل پونجي کي سهڻي نموني سنڀالي. هن ايسوسئيشن جي هونئن ته تاريخ تمام پراڻي آهي ڇاڪاڻ ته ڪافي دفعا دوستن ڪوششون ڪيون. پر جئين ته اهي دوست ٽنڊي باگي کان ٻاهر سان تعلق رکندا هئا، تنهنڪري اهي عملي ميدان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. اسان جي موجوده ايسوسئيشن سال 1969ع ۾ وجود ۾ آندي ويئي آهي. جيڪا هتي اسان مقامي دوستن سان گڏجي قائم ڪئي. جنهن جي ائڊهاڪ ڪاميٽي جو چيئرمين مسٽر الهڏنو-ايم-عباسي صاحب هو. جنهن صاحب جي ڪوشش جو ئي هي نتيجو آهي جو ايسوسئيشن اڄ هن مقام تي مير صاحب جي ورسي نهايت عقيدت سان ملهائي رهي آهي.
هاڻ اوهان جي آڏو ائون اسان جي اداري کي درپيش چند تڪليفون پيش ڪريان ٿو. هي اسڪول سنڌ جي ٽن پراڻن هاءِ اسڪولن مان هڪ آهي. ڪيترا صاحب هن اداري مان علم حاصل ڪري صاحب عظمت بنيا ملڪ جي اهم عهدن تي رهي بهترين خدمتون ڏنائون. ڪي ناميارا سياستدان پيدا ٿيا، ڪي عالم ۽ عظيم استاد ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا. ان بابت توهان کي اسان جو مهمان خصوصي جناب ايڇ-ايم-خواجه صاحب ۽ ٻيا اسان جا پراڻا دوست ٻڌائيندا، جيڪي ڪثير تعداد ۾ هن ورسي ۾ آيا آهن آئون صرف ايترو عرض ڪندس ته ايترين خدمتن جي باوجود به هن اسڪول کي ڪا ترقي نه ملي آهي. مير صاحب جي وفات کانپوءِ ڪو به واڌارو نه ٿيو آهي. ٻين هنڌن تي جتي گھڻو پوءِ اسڪول کليا اتي اڄ ڊگري ڪاليج آهن. ليڪن شاه صاحب جي شعر وانگر ته “پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن” اڄ اهو ٽنڊو باگو ويران آهي. علمي طرح پوئتي آهن. جتان علم جي روشني پهرين پهرين ڦٽي. جنهن شمع مان ٻيون ڪيتريون شمعون روشن ٿيون. افسوس! سا شمع اڄ جهڪي ٿيندي پئي وڃي. تنهنڪري هن اسڪول جا پراڻا شاگرد جيڪي هن اسڪول جي طفيل ملڪ جي اهم عهدن تي آهن، صاحب حيثيت آهن، هلندي پڄندي وارا آهن، تن تي فرض آهي ته هو هن عظيم اداري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ ته لائق فرزندن جو فرض آهي ته ابي جي ڇڏيل پونجي کي برباد ٿيڻ کان بچائن. تڏهن هو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي محسن جي روح کي ثواب پهچائي سگهن ٿا.
هاڻ آئون چند گهرجن جو ذڪر ڪريان ٿو جيڪي هن اداري جي ڀلائي لاءِ لازمي آهن.
(1) اقتصادي طرح هي خطو پوئتي پيل آهي. تعليم کان پوءِ روزگار جا ذريعا گهٽ آهن. غريب هئڻ ڪري هتي جا شاگرد وڌيڪ تعليم جاري رکي نٿا سگهن. تنهن ڪري اسان جو اهو عرض آهي ته هن لحاظ کان هن اسڪول ۾ انڊسٽريل آرٽس ۽ ٽيڪنيڪل ڪلاس کوليا وڃن. جيئن تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هتي جا شاگرد ذريعه معاش حاصل ڪري سگهن.
(2) هن اسڪول ۾ جلدي جلدي استادن جون بدليون ڪيون ٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي استاد دور دراز علائقن جا رکيا وڃن ٿا. جيڪي دوري ۽ پنهنجين مجبورين جي ڪري هميشه بدلين جي چڪر ۾ رهن ٿا. تنهن ڪري اسان جناب ڊائريڪٽر صاحب کي اهو عرض ڪنداسين ته اسان جي هن شهر ۽ خطي جا ڪافي اهڙا نوجوان استاد جيڪي ٽرينڊ به آهن تن کي پروموشن ڏيئي هن هاءِ اسڪول ۾ رکيو وڃي. جيئن هن اسڪول ۾ تعليمي معيار برقرار رهي سگهي. بدلين جو چڪر ۽ استادن جي کوٽ جو مسئلو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
(3) اهڙي عظيم بلڊنگ جيڪا مير صاحب پنهنجو رت ست ڏئي قائم ڪئي سا افسوس! اڄ اهڙي حالت ۾ آهي. 1970 کان وٺي ان جي مرمت نه ٿي آهي. ۽ پڻ اسڪول جي ڪمپائونڊ به سالم حالت ۾ نه آهي. پهريائين ڪمپائونڊ نه هئڻ ڪري اسان کي ڪيترو ئي هن اداري جي پلاٽ وڃائڻو پيو. تنهن ڪري اسان جو جناب ڊائريڪٽر کي عرض آهي ته هن اسڪول ۽ هاسٽل جي مرمت ۽ ڪمپائونڊ وال لاءِ ترت قدم کنيا وڃن. ٻڌو ويو آهي ته اسڪول جي مرمت لاءِ 15 هزار رپيا منظور ٿيا آهن. اسان جو ڊائريڪٽر صاحب ۽ ڊي اي او کي عرض آهي ته مهرباني ڪري عمارت جو معائنو ڪري ڏسن ته اهي 15 هزار ڪهڙي ڪم ۾ استعمال ٿيندا.
(4) مير صاحب جي رکيل امانت 3 لک 87 هزار تي ان وقت جو مقرر ٿيل وياج اٽڪل ساڍا ٽي سيڪڙو جي حساب مان 15 هزار ساليانو ملي ٿو. جيئن ته هن وقت مهنگائي ان زماني کان سوين دفعا وڌيڪ آهي. تنهن ڪري 15 هزار بلڪل ناڪافي آهن ۽ هن وقت بئنڪ جا ريٽ 8 يا 9 سيڪڙو آهن. تنهن ڪري جناب ڊي سي صاحب کي عرض آهي ته اسان کي وياج جو ريٽ وڌرائي ڏنو وڃي. جيئن هاسٽل جي خرچ کي آساني سان منهن ڏيئي سگهجي.
(5) هن اسڪول جي گبسن بورڊنگ هائوس جي بورڊ جو وجود هونئن ته ڪاغذي طرح قائم آهي ليڪن عملي طرح ان جو ڪم وغيره ڪوبه ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. تنهن ڪري اسان جو ڊي سي صاحب کي عرض آهي ته هن بورڊ تي ايسوسئيشن جا نمائندا کنيا وڃن، جيئن بورڊ عملي طرح ڪم ڪري سگهي.
(6) هن اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ غربت جي ڪري شاگرد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر خرچ برداشت ڪري نٿا سگهن. تنهن ڪري اسان جو عرض آهي ته مير صاحب جي خدمتن جي صلي ۾ ان جي نالي هڪ انٽرميڊئيٽ ڪاليج قائم ڪيو وڃي.
(7) شهر ٽنڊي باگي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ فقط هڪ مڊل اسڪول آهي. ايسوسئيشن جي ڪوشش ڪري، موجوده ڊائريڪٽر تعليم جي مهرباني سان هن سال ڏهين ڪلاس جي اجازت ورتي آهي. ان لاءِ عرض آهي ته هتي گرلس هاءِ اسڪول منظور ڪيو وڃي ۽ پڻ اها به گذارش ڪجي ٿي ته عطيه طور پلاٽ تحويل ۾ ورتو وڃي ورنه قبضي ٿيڻ جو انديشو آهي.
(8) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جي سالياني گرانٽ جيڪا اٽڪل ڏهه هزار هن اسڪول کي ملندي هئي سا پوري طرح ڪونه ٿي ملي. ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن بلڪل نه. گذريل سال جناب نبي بخش ڀرڳڙي ايم پي اي جي ڪوشش سان 5 هزار مليا هئا. تنهن لاءِ عرض آهي ته گرانٽ باقائده وٺرائي ڏني وڃي.
(9) پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ناموزون ۽ اڻ پوري آهي. ۽ پڻ اسڪول جي تفريح گاھ تي ناجائز قبضا ڪيا ويا آهن، ان لاءِ عرض آهي ته اسڪول جي بلڊنگ کي سڌاريو ۽ وڌايو وڃي. ۽ پڻ تفريح گاھ تان قبضا هٽائي ان کي دوباره تعمير ڪرايو وڃي.
(10) مير صاحب جي نالي تي قائم ٿيندڙ لائبريري ۽ مطالع گاھ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٽائون ڪاميٽي طرفان سالياني گرانٽ ڏياري وڃي. اميد ته اسان جي ڪيل جائز گهرن لاءِ بالا حڪام، صاحب حيثيت ۽ پهچ وارا صاحب دل و جان سان ڪوشش ڪندا. جيئن مير صاحب جو هي عظيم ادارو اوچي ڳاٽ رهي.
آئون جناب ايڇ-ايم- خواجه صاحب جو تهدل سان شڪر گذار آهيان جو صاحب پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي هن ورسي ۾ شريڪ ٿيو آهي. آئون ڊي سي صاحب بدين جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو. جيڪو صاحب ايڏي دلچسپي وٺي اسان جي دعوت تي هتي تشريف فرما ٿيو آهي. آئون ڊائريڪٽر صاحب تعليم جو ممنون آهيان. آئون جناب مير نياز حسين جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو. جيڪو صاحب هر وقت اسان سان تعاون ڪندو رهيو آهي.