شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

سخي مير با وفا، تو کي سلام

سخي مير با وفا، تو کي سلام


بابو ذوهيب زئور
پهاڙ مري، ٽنڊو باگو

تو ڳٽ ڳچين جا ٽوڙي
تو غلامي کي گار سمجهيو
تون کٽڻهارن جو خير خواهه
خوشبو کي تو خمار سمجهيو
تو اونداهين جا ڇڏيا ڳاٽ موڙي
سخي مير با وفا، تو کي سلام
هوائن منجهه هُڳاءُ، توکي سلام