شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مرد تنهنجي ڪا وڃي، باقي دنيا ۾ ڳالھه رهندي

مرد تنهنجي ڪا وڃي، باقي دنيا ۾ ڳالھه رهندي

مير غلام محمد خان ٽالپر، جنهن جو ذڪر ڪجي ٿو ته هڪڙو اهڙو دؤر اکين جي سامهون اچيو وڃي، جنهن دؤر ۾ غلامي هئي، جنهن دؤر ۾ جهالت هئي، اسين ٿورو تصور ڪريون ته غلامي ڪيڏي وڏي گار آهي. اسان جي سماج جي ماڻهن ۾ علم جي کوٽ هئي، اسانجا ماڻهو ان سماج ۾ ڪري به ڇا ٿي سگهيا پر هڪڙو مرد قلندر ان دؤر ۾ اها سوچ کڻي آيو ته هاڻي هن سنڌ ۽ لاڙ جا ماڻهو گهڻو وقت غلامي جي زنجيرن ۾ قيد رهي ڪونه سگهندا ۽ سندس دانشمندي، هن سماج کي ان جهالت جي دؤر مان آزادي ڏياري. مير صاحب هن ٽنڊي باگي شهر ۾ هڪ اهڙي علم جي شمع جلائي جنهن مان سموري سنڌ جا امير، غريب، مسلم، غير مسلم، بنا ڪنهن فرق جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو اسڪول سنڌ جي تعليم جي مرڪزن ۾ اهم مرڪز بڻيو. مير صاحب جو سنڌ جي ماڻهن تي هي احسان صدين تائين ياد رهندو ۽ اسان سڀني جو اهو فرض آهي ته هن عظيم انسان جي ڪيل ڪمن کي اسان جي ايندڙ نسلن تائين يادگار بڻايون. ان سلسلي ۾ اسان اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي طرفان اها ڪوشش ڪئي وئي ته مير صاحب جي زندگي بابت هڪ ڪتاب آندو وڃي جنهن ۾ دانش ڪمار لوهاڻه، علي اورنگزيب سمون، محمد عمر سمون، رشيد احمد ميمڻ، پروفيسر امتياز احمد قمبراڻي، شاهجهان سمون ۽ اسان جي سموري ٽيم جي طرفان هي هڪ تاريخي ڄاڻ ڏيندڙ ۽ مير صاحب جي زندگي تي هي پهريون ڪتاب آهي. اسان پنهنجو قومي فرض سمجهي اسان جي عظيم رهبر مير صاحب جي سموري زندگي ۽ سندس ڪيل نيڪ ڪمن کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيھه، ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
درپن ڪمار لوهاڻه
جوائنٽ سيڪريٽري اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊو باگو