مايا جي موهه کان پري بيٺل مير
- سيد جڙيل شاهه بخاري
انسان پنھنجي عظمت جي شناس رکڻ لاء دنيا جي اندر جيڪڏهن همٿ ۽ ثابت قدمي سان زندگي جي مقصد جو تعين ڪري وڃي ٿو ته پوءِ هن جي موجودگي کي زمانا محسوس ڪن ٿا اهڙو تدبر رکندڙ مڻيا جي خوشبوء سان مهڪي پوي ٿو اهڙو ماڻهو بڙجي ڇانو ۽ جهڙو گهرو ۽ چنڊ جي روشني وانگر اميد افزا ٿي پوندو آهي سنڌ جو وجود ان حوالي سان ايترو زرخيز رهيو آهي جو تاريخ ان جي گواهي ڏيندي فخر سان شرسار ٿي وڃي ٿي. سنڌ جي قديم مهذب قدرن جي ساک ڏيندي رگويد جي اشلوڪن ۾ لکيل آهي ته آرين جڏهن سنڌجي دراوڙ سنڌين کي شڪست ڏيڻ جو سوچيو ته کين حيرت ٿي جو دراوڙ سنڌين پنهنجي وجود جي بچاء لاءِ علم ۽ هنر کي ڍال بنائي مقابلو ڪيو. ان تاريخ ساز قومي تشخص جي پاسداري سنڌ جي غيور سنڌين هميشه پي ڪئي آهي. مير غلام محمد خان ٽالپر سنڌجي ان بهادري واري تسلسل جو ناميارو ڪردار هو جنهن علم جي روشني جي ڦهلاء سان سامراجي تسلط کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي کي ھٿ ۾ کنيو جڏهن انگريزن برصغير کي غلامي جي طوق ۾جڪڙي رکيو هو ڪروڙين انسانن کان سياسي، سماجي ۽ معاشي جياپو کسي ورتو هو محڪوميت جي زنجيرن ۾ سوگهي عوام جي آجپي کي موٽائڻ لاءِ ۽ عوام کي متحد ڪرڻ لاء علم ۽ صرف علم جي مشعل جو داعي بنائڻو هو ان سلسلي ۾ جتي سرسيد احمد خان علي ڳڙه يونيورسٽي، ٽئگور شانتي نڪيتن، سيد الهندو شاه ڊڀري وارو مدرسو، نور محمد وڪيل نور محمد اسڪول قائم ڪري گوري سامرج کي ڀڄائڻ لاء جدوجهد شروع ڪئي انهن حالتن ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر لاڙپٽ جي علائقي مان آواز علم ٿي اڀريو سامراجي وحشت جي ان دور ۾ لاڙ واسين سنڌين کي جهالت جي هولناڪين مان ڪڍڻ لاء ميرغلام محمد خان ٽالپر ٽنڊوباگو جي ڀونء مان سندرو ٻڌي هڪ مدرسو قائم ڪيو. انگريز حڪمرانن جي شهريت واري بک جي مد نظر توڙي جو مير صاحب مدرسي جو نالو حڪمت علي تحت مدرسه لارينس رکيو ليڪن ان مدرسي جنهن تعليمي درسگاهه جو روپ ورتو ان جي علمي اڃ رکندڙ مظلوم سنڌين کي شعور جا خزانه ميسر ڪيا مير صاحب کي ته فقط لاڙ جي نئين نسل کي علم ۽ ساڃھه سان سرفراز ڪرڻو هو ان مشن ۾هو ڪامياب وڃي رهيو هو هن پنهنجي آدرشوادي ڪردار جو اهڃاڻ بڻجندي پنهنجي ملڪيت کي مدرسي جي واڌاري ۽شاگردن جي تعليمي گهرجن لاء وقف ڪرڻ شروع ڪيو. اھو 1923ع جو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ لاڙ پٽ تي گبسن انگريز جي اختيارن جو عروج هو. گبسن حيران هو ته مير غلام محمد خان جهڙو هڪ وڏو زميندرا پنهنجي ذاتي دولت غريبن جي ڀلائي لاءِ ۽ علم جي واڌاري لاءِ ارپي ٿو مير صاحب جي اهڙي ڪردار کان انگريز حڪمران متاثر ٿي کيس سر خانبهادر جو لقب ڏنائين اهڙي طرح مدرسه لارينس جنهن ۾ لاڙ پٽ کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن مان شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ اچڻ لڳا شاگردن جي سهولت لاء مير غلامحمد ٽالپر هڪ هاسٽل تعمير ڪرائي ان ۾ رهندڙ سوين شاگردن جي خوراڪ، علاج معالج جو بندوست ڪيائين. هن مرد مجاهد شاگردن لاء هاسٽل ۽ اسڪول جي نالي بينڪ ۾ ٽي لک ستاسي هزار جي رقم سهائتا فنڊ طور رکيائين اهڙي طرح هي مدرسو تعليمي نتيجن جي حوالي سان نمايان ٿيڻ لڳو علامه دائود پوٽو، اڳوڻو وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو، ايڇ ايم خواجه، سيد پپو شاهه، ڍالو مل ايڊوڪيٽ، جمن قمبراڻي وڪيل سميت ڪيترا اهم انسان ٽنڊو باگو جي علمي درسگاهه مدرسه لارينس مان تعليم پرائي چڪا آهن. مشهور سياسي قومپرست رهنما ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ کاهوڙي اديب شاعر ۽ ڊرامه نويس مرحوم شمشير الحيدري پڻ هن درسگاهه مان فيضياب ٿيا. قيام پاڪستان کانپوءِ اميد هئي ته هن عظيم درسگاه جي تاريخي اهميت جو قدر ڪندي ان جي ترقي لاء ڌيان ڏنو ويندو پر ڪيترن ڏهاڪن بعد 1995ع ۾ فقط هن کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو ويو باقي نه ته خسته حال هاسٽل جي مرمت ۽ فنڪشنل ٿيڻ طرف ڌيان ڏنو ويو ۽ نه وري اسڪول جي مرمت ۽ استادن جي کوٽ جو پورائو ڪيو ويو. عجيب بي حسي آهي جو صدي گذرڻ کانپوءِ حڪومت هن مادرِ علمي جي لاء مخيرانه طور تي ايران حڪومت طرفان توڙي جو نئين سري سان مرمت ڪرائي پر هن درسگاهه جي حيثيت وقت جي حڪمرانن سامهون سواليه نشان بڻيل آهي. اڃان اها هاسٽل جتان خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي سهائتا سان هزارين شاگرد سهولتياب هئا اڄ اها هاسٽل ويران ۽ عدم توجه جي ور چڙهيل آهي. تعليمي اختيارين ۽ سنڌ حڪومت هن اداري کي نظر اندز ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي مير غلام محمد ٽالپر غلامي ۽جهالت واري دور ۾ پنهنجي ميڙي پونجي سان وجود ۾ آڻي لاڙ جي اندر هڪ تعليمي انقلاب آندو. هن انگريز سرڪار جي اڳيان ذاتي مراعتن لاء سجده ريز ٿيندڙ وڏيرن وانگر سنڌ جو سودو نه ڪيو پر هن پنهنجي خواهشن کي تياڳي ذلت واري دور ۾ سنڌ جي آجپي لاءِ مشهور ڏاهي والٽيئر جي لفظن ۾ ائين چيو ته ڇا ٿيو مون وٽ لٺ نه آهي مون وٽ قلم ته آهي. مير صاحب تعليم جي حوالي سان ايترو قدر شناس هو جو هن قابل استادن کي هن درسگاهه ۾ رکي انهن جي به مالي مدد ڪندو هو. هن محمد صديق مسافر جهڙي زيرڪ استاد کي مدرسه لارينس ۾ مقرر ڪيو، جنهن علمي ۽ ادبي شعور سان شاگردن کي مالامال ڪيو. غلام محمد ٽالپر هڪ وڏو سماجي خدمتگار پڻ هو. ڏتڙيل ۽ بيمارين ۾مبتلا لاڙ واسين جي علاج لاءِ لاڙ ۾ صحت مرڪزن جو ٻهراڙين تائين ڄار وڇايائين. هي حساس دل انسان علاج لاء پنهنجي خرچ تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليندو هو، جيڪي غريبن جو مفت علاج ڪندا هئا. ان وقت بيمارين وگهي ماڻهو لقمهءِ اجل بڻجي رهيا هئا، سرڪاري طرح صحت جو شعبو ناڪاره بڻيل هو، عورتن جي موت جي شرح علاج جي اڻهوند سبب وڌيل هئي، ويم جي دوران علاج نه ٿيڻ ڪري عورتون تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي ٿي ويون، اهڙي ماحول ۾ مير صاحب ٽنڊو باگو ۾ ويم گهر تعمير ڪرايو، ان جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو. ٽنڊي باگي جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين، جتي معصوم شاگردن کي ڪتاب مفت فراهم ڪيائين. اهي قربانيون هن اهڙي دور ۾ ڏنيون جڏهن سنڌ جا اقتدار پرست وڏيرا انگريزن جي حضوري ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا هئا. هن وڏيرن جيتري حيثيت هوندي به هڪ باشعور سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان واري عملي واٽور تي شاعر جي لفظن ۾ چيائين ته،
آئون نه مايا ميڙڻ وارو
مان هان علم پکيڙڻ وارو
مونکي ڪو ڌنوان نه ڪوٺي
مير وڏيرو خان نه ڪوٺي
هي مانجهي مرد 12 فيبروري 1932ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي مالڪِ حقيقي سان وڃي مليو ۽ ٽنڊي باگي جي جيلاني قبرستان ۾ مدفون آهي.
هن عظيم انسان جي سادي قبر تي گل رکي ميڊيا تي شهرت لاءِ واجهائڻ بجاءِ مرحوم خانبهادر غلام محمد ٽالپر جي پنهنجي هٿن سان اڏيل تعليمي اداري جي ترقي لاءِ ڪاوشون ڪندڙ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي دوستن دانش لوهاڻو، فيض اڍيجو، منظور سمون، فراق هاليپوٽو، شاهجهان سمون ۽ ٻيا جيڪي اڄ به مير صاحب جي مشعل کڻي ثابت قدم نظر اچن ٿا، سي سڀ جس لهڻا.