شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مير ڄائو ماءُ پِسرِ پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

مير ڄائو ماءُ پِسرِ پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

علي احمد چانڊيو

مير ڄائو ماءُ پِسرِ پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن
سورھ ڄائو سنڌ اندر پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

1
مير هو امير هو عقل جو هُو وير هو
سنڌين جو سَفير هو غريبن جي تقدير هو
ڪل ڪايائن ۾ ڪسر پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

2
پنهنجو پگهر پَسِينو وهائي غريبن جا پٽ پڙهائي
قاضي ڊپٽي ڊي.سي بڻائي مير جا ٿورا ڪير لاهي
آباد ڪن اجڙيل گهر پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

3
فيون معاف منهنجا جاني مسڪين کائن مفت ماني
اخلاق آهن اهي انساني لاڙ وارن لَٿِي پريشاني
واھ غلام محمد ٽالپر پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن

4
علي احمد آباد هجي اسڪول اسان جو شاد هجي
لطف واري لاڌِ هُجي محبت ڀريو مواد هجي
غريبن جو غم فڪر پٽ ڄمن ته اهڙا ڄمن