شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟

هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟

شاهد حميد

هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟
نه آسمان بود ۾
نه ڪو جهان بود ۾
سراءِ سُڃ جيئن جڳت
سڄو جهان ميرڙو
هوا کڻي جو پيرڙو
انهي ۾ رقص ڪونه آ
نديءَ جي نيري نرڙ تي
ڪڪر جو عڪس ڪونه آ
هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟
جو ڏات کي ڏُئو لڳو
۽ ڪويلن جي تن تي ڏس
لباس ماتمي سڄو
اکيون ڪڪر جيان وسن
بدن بڻيو جهُريل اَجهو
هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟
ٿيو جهوڪ ڄڻ جهڪو جهڪو
اکين جي ماڻڪين ۾ ڏس
ٽڪيل آ ميگهه ڄڻ يڪو
هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟
ڪَتين جي ڪُوڪ ٿي ٻُري
هلون ته هانوَ ٿو جُهري
سڻائو واءُ ڪونه آ
تتو آ تاءُ ٿي بدن
اي ديس! تنهنجي دُک جو
نه هاڻ ڪوئي ڇيهه آ
صفا سُڃو ٿيو ڏيهه آ
هو شخص ڄڻ دوا هيو
اسان جي زخم زخم جي
زمين سو وئي کڻي
اسان جي هٿڙن منجهان
ڏئي ردا ڏهاڳ جي
۽ هانوَ جي سڪون کي
عجيب کاٽ آ لڳو
هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟
هيءَ ڪير آ لڏيو هتان؟