مرتب طرفان
سنڌ جي ٽالپرن جي تاريخ ۾ مير غلام محمد خان جو پنهنجو هڪ الڳ منفرد سچائي وارو ڪردار آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سگهاريون لکتون قبوليت ۽ تصديق جي معنى رکن ٿيون. بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ رائيٽر پنهنجي سُرت ڏات ۽ نيڪ جذبن سان هڪ ارڏي ڪردار جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي جيڪي ڳڻ ڳائين ٿا، سا هڪ علم جي فتح جي صحيح تاريخ آهي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هڪ تعليمي ادارو ۽ ان جي انتظام هلائڻ ۽ لاڙ پٽ جي خاص ڏکن ڏوجهرن پيچيدگين کي سمجهڻ وارو هي عظيم انسان خوبين ۽ خاصيتن جو ايشيائي ماڻهن ۾ يورپ جي سڌريل ماڻهن وانگر ائڊوانس سوچيندڙ، طبيعت ۾ استقلال ۽ برداشت جي مادي جو مالڪ، مزاج ۾ نهٺائي وارو نهايت ئي پنهنجي جوهر ۾ هڪ تحريڪ. اهو مير جنهن ان وقت جي ضرورت مطابق پنهنجو هڪ قومي فرض وارو اهم ڪم سرانجام ڏنو.
هن ڪتاب جي ترتيب وارو ڪم انهن ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته هن سهيڙ کي امتيازي حيثيت حاصل هجي.
هي درسگاهه هڪ ڪلياڻ آشرم سُک فرحت جو نالو آهي.
مير صاحب عام ميراڻي دستور جي ابتڙ علم جي حاصلات کي محبوب ڄاتو. هيءَ هڪ بي مثل انسان ۽ ان جي تاريخ آهي. پنجن لکن سالن کان يا ان کان به اڳ جي قدامت کي جدت جو جادو ساڍا پنج منٽن ۾ بيان ڪري ٿو ته اهو ڪمال علم جو بنياد آهي.
هڪ اهڙي علم جي متلاشي جي تاريخ جو هي ڪتاب اسانجي ڪچاين ڦڪاين کي نظر انداز ڪري پوءِ پڙهندا.
سنڌ ڌرتي جي سپوٽ پُٽ لاڙ جي وينجهار هن ڌرتي جي حلالي فرزند ارجمند، مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي جي عظمت جو اتهاس هن ڪتابي صورت ۾ سهيڙڻ جي لاءِ اسان کي مير صاحب جن جي نالي سان نڪتل مئگزين ۽ اولڊ بوائز جي پراڻي سٿ جي سهڪار حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪو مواد مليو آهي ان ۾ مير صاحب جي ورسي جي موقعي تي آيل پراڻن شاگردن جو وڏيون محنتون ڪاوشون ۽ تخيلاتي پورهيو به هن ڪتاب ۾ جيئن جو تيئن ايماندارانه انداز ۾ گڏ ڪيو آهي ان کان علاوه نئين مواد ۾ ادب جي وڏن نالن ۽ گهڻ گهرن جا خيال به موجود آهن، مير صاحب جو هي تاريخي دستاويز هڪ اولڊ ۽ گولڊ تاريخ آهي.
مير صاحب جي زندگي بابت هڪ ڪتاب (ههڙا مانجهي مرڻا ناهن) 1976ع ۾ مير صاحب جي 44 هين ورسي جي موقعي تي محترم سائين ڀون سنڌي سهيڙيو، جنهن ۾ شايع ٿيل خوبصورت مضمون، ڀلوڙ تاثر، بهترين خط ۽ شاعري شامل آهي. هن حصي ۾ سن جي سائين محترم سائين جي ايم سيد جو شاهوڪار ۽ تاريخي مضمون ملڪ ۾ مير گهڻا پر:- محترم سائين يعقوب مغل جو مضمون مير غلام محمد خان ٽالپر، ان کان علاوه محمد طالب لوهار، سائين مورواڻي نٿو مل، قاضي عبدالمجيد عابد، سائين بشير سيتائي، اسڪول جي ڪهاڻي محمد صديق مسافر، خوبصورت تاثرن ۾ هو جي ويا هليا-ڀون سنڌي، ڏور به اوڏاسپرين ــ خواجه پيار علي، اي لاڙ جا سخي ـــ ڍالو مل موتي، منهنجا محسن ـــ محمد عثمان شيخ، شاعري واري حصي ۾ سائين محمد صديق مسافر، منشي ابراهيم، ڪنول لوهاڻو، ميوو خان لاشاري، مجذوب لاشاري، اشوڪ ڪمار “آزاد”، بشير سيتائي، مير اعظم جهڙو پيارو نظم، آدم کتري جي انگلش ۾ ڀيٽا، هن مئگزين ۾ ورسين مان اقتباسات، ڊائري جا ورق، اولڊ بوائز بابت مواد “اغراض و مقاصد”، سپاسنامو، ملهايل ورسين جون تصويرون، عهديدارن جو تعارف وغيره، اولڊ بوائز جو ابتدائي احوال، اي. ايم. عباسي ۽ پوءِ وارو احوال، نٿو مل مورواڻي جون خوبصورت تحريرون جيئن جو تيئن شامل آهن.
مير صاحب جي 64 هين ورسي جي حوالي سان 12 فيبروري 1996ع ۾ قاضي سڪندر اعظم صاحب “لاڙ جو ابو” نالي هڪ رسالو ترتيب ۾ آندو جنهن جون به خوبصورت لکڻيون ھن ڪتاب ۾ موجود آهن. “لاڙ جو سرواڻ” سليمان امر سمون جي خوبصورت تحرير، مجذوب لاشاري جي شاعري، اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جا انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکيل تعارف، سائين ڪريم بخش پنهور صاحب، يادگار تصويرون وغيره، پروفيسر ضرار احمد رستماڻي جو هڪ تاريخي مضمون جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، مطلب ته ڪتابي حوالي سان مير صاحب جيڪي نيڪ ڪم ڪيا، جيڪي روح جون سچايون آڇيون، اهي تحريري طور تي هن ڪتاب ۾شامل آهن. 12 فيبروري 2010ع تي ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ جي ترتيب ڏنل رسالي “جڳ جڳ سي جيئن” جي نالي سان شايع ڪيو ويو هو. “اسڪول تاريخي پس منظر ۾” شاعري “نه ويترو ساريندس” عبدالمبين پنائي، “مير غلام محمد” گگن، مجذوب لاشاري، پير بخش صابر شيدي ۽ ڪجھه مضمون جيڪي ساڳين ئي ليڪکن جا مختلف مختلف موضوعن تي آهن اهي جيئن جو تيئن شامل ڪيا ويا آهن ۽ مير صاحب تي نڪور تحريرن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪن جا مضمون به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. جيڪو نئون مواد آهي انهي ۾ ڊاڪٽر اسد جمال پلي، عبدالغفار کوسو، خادم ٽالپر، محب ڀيل، محمد خان سمون، سليمان لغاري، غلام شبير لغاري، ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، جڙيل شاه بخاري. عثمان راهوڪڙو، نصرالله جروار، شفيع محمد قمبراڻي، منظور احمد سمون، ابو بڪر شيخ، راجا ڀون، تاج جويو، نواز خان زئور، ڊاڪٽر دودو مهيري، دودو چانڊيو ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ٿورن سان مليل اخبار “الوحيد سنڌ آزاد نمبر” جيڪا 1936ع ۾ شايع ٿيندي هئي ان جو ايڊيٽوريل وارو مواد شامل آهي.
هن مواد بابت وضاحت ان ڪري ڪئي وئي آهي، ته سڀني دوستن جون وڏيون، محنتون، ڪاوشون ۽ سچايون آهن ۽ انهن جو ذهني پورهيو آهي. کوڙ سارو مواد جيڪو مختلف ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي مطلب ته اشاعت هيٺ آيل هوندي به هڪ هنڌ سهيڙي هڪڙو تاريخ جو جهومر بنائجي اهو ئي اسانجو خواب هئو. جنهن تي وقت کي انشاءَ الله سدائين فخر رهندو.
ڏنو ڪنو نه ٿئي، ويتر ٿئي گهڻو،
سامائجي سنگ ٿئي، پوکين هڪ ڪڻو،
سخي، مٽر، چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.
(شاهه)
شاهجهان سمون
ٽنڊوباگو
0332-3897808