شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

هڪڙو هو مير غلام محمد

هڪڙو هو مير غلام محمد

اعزاز انور خواجه نئون آباد، ٽنڊوباگو

جنهن ڪرڻا ڪرڻا سورج زندگي
ڏسڻ ٿي چاهي پرنور ڌرتي تي
سو بدلائي ويو هن خطي جي
تحقيق تقدير غلام محمد
هڪڙو هو مير غلام محمد
هڪڙو هو مير مانجهي
ڇا مڙس جي مڻيا ٿا چون
هو اتر کُڻ انڊلٺون آڇي
سو هر پاسي هٻڪار هير مانجهي
جنهن ظلمات انڌيرو تڙيو
سچ سونهن علم جي
ڪهڙي طويل تحريڪ هو
علم فياضي جي تحرير غلام محمد
هڪڙو هو مير غلام محمد