شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

منهنجا محسن!

منهنجا محسن!

- محمد عثمان شيخ

منهنجو مؤدبانه سلام قبول ڪر.توتي ڪيئن لکان، ڇا لکان، من ۾ مونجھه آهي، ڪجھه نٿو سجھيم، ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڇا جو، ڇا جو ذڪر ڪريان. تنهنجي سادگي جو ذڪر ڪريان يا سخاوت جو ذڪر ڪريان. تنهنجي همدردي فياضي جي باري ۾ لکان يا محبت ۽ شفقت جي باري ۾. تنهنجي ڪهڙي پهلو تي لکان ۽ ڪهڙي کي نظر انداز ڪريان. مون وٽ تنهنجي زندگي کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن. تون فيض جو درياھ، تون مسڪينن، يتيمن ۽ لاڙ واسين جي دلين جو فرمانروا، تون رواداري جو آبشار. مون توکي اکين سان ڏٺو. جيڪي چند لمحا مون توسان بسر ڪيا اهي منهنجي زندگي جو قيمتي سرمايو آهن. مون کي خبر آهي ته تو اوائلي ڏينهن مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ گذاريا. تنهنجي محنت ۽ اڻٿڪ جدوجهد سبب ڪاميابي تنهنجا قدم چميا. دولت تنهنجي گهر جي ٻانهي ٿي، مگر تو پنهنجو طور طريقو نه بدليو سو نه بدليو، اهي ئي سادا ڪپڙا، اها ئي سنڌي جُتي، اهو ئي پٽڪو. منهنجا محسن! مون کي اها به خبر آهي ته بنگلي هوندي به تنهنجي رهائشگاه اها ئي ڪکائين لانڍي هوندي هئي ۽ اها لانڍي سدائين ان بنگلي کي چيڙائيندي محسوس ٿيندي هئي. مون کي اها به خبر آهي ته تو هڪ جوابدار کي سزا محض انهي ڪري ڏني هئي جو هو تنهنجي هڪ دل گهري دوست جي سفارش کڻي آيو هو.
ها مون کي خبر آهي. پيرمرد جلباڻي وارو قصو به معلوم آهي، جنهنجون ٻڪريون ديوان ليکراج ڍڪ ۾ وجهايون هيون ۽ پوءِ نيلام ٿيون هيون ۽ جنهنکي تو پنهنجي سڀ کان ڀلي مينهن هميشه هميشه لاءِ ڏئي ڇڏي هئي ۽ کيس پنهنجي جاگير ۾ گهر ٺهرائي رهايو هوئي. آخر ڪار سندس خواهش تي سفر خرچ ڏئي حج روانو ڪيو هوئي. ها سائين مونکي اها به خبر آهي ته ٻڪري جا ميرن توکي تحفي طور ڏني هئي ۽ جنهن تي تنهنجو وڏو راز هو، سا جڏهن هڪ ميربحر واٽهڙو ڪهي کائي ڇڏي تڏهن تو نه صرف هن کي معاف ڪيو، مگر ٻه وڳا ڪپڙن جا ۽ هڪ سؤ روپيا روڪڙا ڏيئي کيس ڳوٺ روانو ڪيو.
منهنجا سائين! تو ته خير جا ڪم ڪيا مگر تنهنجا اهي پٽ جن مان ڪيترا اعليٰ عهدن تي فائر آهن، زميندار آهن، ڪارخانيدار آهن، تنهنجي تعليم کي فراموش ڪري ڇڏيو اٿن. تو پنهنجي دولت قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ تنهنجو اولاد دولت تي نانگ بڻيو ويٺو آهي.
اهي بيواه، يتيم جيڪي تنهنجي هوندي هٿ نه ڊگهيريندا هئا، اڄ آسئاتيون اکيون کڻي نهارين ٿا پر التجائن سڻڻ وارو ڪو ڪونه آهي تو ته اسان کي پٽ سڏڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو، مگر اسين ڪهڙي منهن سان توکي ابو چئون. تنهنجي اها درسگاھ جنهن ۾ مسلمان، هندو، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ سِک تعليم حاصل ڪندا هئا، اڄ بري حالت ۾ آهي.
مونکي اهو منحوس ڏينهن به ياد آهي، جنهن ڏينهن تون اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي وئين. تنهنجي موت جي ڪري اسان کي جيڪو نقصان پهتو، اهو ناقابلِ تلافي آهي. اڄ به جڏهن تنهنجيون شفقتون ٿيون ياد پون ته اکيون آليون ٿيو پون ۽ جڏهن تنهنجي جدائي جو واقعو ٿو ياد پوي ته وڏ ڦڙو وسيو پوي!!