شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ورسي ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

ورسي ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

- بشير سيتائي

ورسي کي دراصل نه ته ڪنهن جشن جي ڏينهن سان تعمير ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ان کي ڪنهن سوڳ جي مترادف قرار ڏيئي سگھجي ٿو. ورسي جو مفهوم آهي، ڪنهن به افضل ۽ بزرگ شخصيت جي ياد کي تازو ڪرڻ. نه فقط انجي شخصيت کي ياد ڪرڻ بلڪه انجي فعلن ۽ قولن کي دهرائڻ. اڄ ڪلھه جي دور ۾ عام طرح ورسيون شخصيت پرستي جي جذبي هيٺ ملهايون پيو وڃن. بعض حضرات فقط پنهنجي عزيزن قريبن يا سنگتين، صحبتين جون ورسيون ملهائي انهن کي دنيا ۾ چمڪائڻ ۽ ٻي طرف انجي موٽ ۾ پنهنجا مفاد پورا ڪندا آهن. هن دور ۾ اهڙين ورسين ملهائڻ جو ڪو به سبب ۽ جواز نه آهي . اهڙا ماڻهو ڌڪار ۽ نفرت لائق آهن. سوال ٿو اٿي ته آخر ورسي ڪنهن جي ملهائجي ۽ ڇو ۽ ڇا لاءِ ملهائجي؟ انهن سوالن جي جواب تلاش ڪرڻ کان اڳ اسان کي هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻيون پونديون.
1- جنهنجي ورسي ملهائجي ٿي ته ان پنهنجي زندگي ۾ انسان ذات لاءِ ڪي به ڪم ڪيا آهن يا نه؟
2- ڇا هن پنهنجي مفادن کي قربان ڪري بني بشر جي مفادن ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي يا نه؟
3- ڇا هن اڪثر و بيشتر اهڙا ڪم ڪيا آهن يا نه؟ جي وقت ۽ حالت پٽاندر ٻين طرفان ٿيڻ مشڪل هئا؟
4- ڇا هن ظلم ۽ تشدد، جهالت، انسان سوزي ۽ وحشانيت خلاف جدوجهد ڪئي آهي يا نه؟
5- ڇا هن امن ۽ ڀائيچاري، اتحاد، اخوت، انسانيت، تعليم ۽ ماڻهن جي ترقي لاءِ زندگي وقف ڪئي آهي يا نه؟
مٿين سوالن جا جواب جيڪڏهن ها ۾ ملن ته پوءِ بيشڪ اسانکي اهڙن بزرگن يا نيڪ مردن جون ورسيون ملهائڻ گهرجن. جيڪڏهن مٿين سوالن جا جواب نه ۾ آهن ته پوءِ انهن جي ورسي ملهائڻ بي سود ۽ اجائي ٿيندي. اهڙيون ورسيون ڪن چند شخصن جي مفادن جي حصول جو هڪ ذريعو هونديون آهن. اسان کي اهڙي ورسين جي لاءِ نه صرف تعاون نه ڪرڻ گھرجي پر هر طرح اهڙين ورسين جي مخالفت ڪرڻ گھرجي. اهڙين ورسين ملهائڻ جو ڪو به ضرور نه آهي. سواءِ وقت ۽ پيسي جي زيان ۽ ٺلهي نمائش جي، ٻيو ڪو به کڙتيل نه نڪرندو. مگر اهي بزرگ جن انسان ذات لاءِ عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، انهن جي حقن لاءِ لڙيا آهن، هر ظلم ۽ تشدد خلاف جدوجهد ڪئي اٿن، قوم ۽ ملڪ جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون اٿن، ڏينهن ڏکيا گذاري، راتيون جاڳي ستل ضمير بيدار ڪيا اٿن، بي شعور انسانن کي باشعور ۽ جاهل انسانن کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪيو اٿن، خود جيئڻ ۽ ٻين کي جيئڻ سيکاريو اٿن، حيوانيت ۽ انسانيت جو فرق سمجهايو اٿن، حق چوڻ، حق سمجهڻ ۽ حق تي هلڻ جي راه ڏيکاري اٿن. اهي بزرگ، اهي اسان جا محسن اڄ به قابلِ تعظيم ۽ احترام لائق آهن ۽ مهينن، سالن ۽ صدين کان پوءِ به رهندا. انهن جي زندگي اسان لاءِ حياتي جي انڌيرن ۾ مشعل راه هوندي ۽ اسان انهن جي قول ۽ فعل سان فائدو حاصل ڪري پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي، اخلاقي ۽ بلند خيالي جون راهون هموار ڪرڻ جي اهل ٿينداسين.
جيئن ته هي زمانو آهي. هن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو وسن ٿا. هڪڙا شر پسند ۽ ٻيا خير پسند. شر پسند اهي جيڪي پاڻ به گندا آهي ۽ ٻين کي به گندو ڪرڻ ۽ بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ خير پسند اهي جيڪي پاڻ به صلح و امن، اخوت ۽ اتحاد جا داعي آهن ۽ دنيا ۾ به ان کي قائم ڪن ٿا. شر پسند دنيا کي جهنم بنايو ڇڏين. جڏهن ته خير پسند دنيا کي هڪ مثالي دنيا بنائڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا. عموماَ ڏٺو ويو آهي ته دنيا ۾ خير پسند، ڪي خير سان گهٽ ئي آهن. جن هميشه دنيا ۾ امن، صلح ۽ ڀائيچاري لاءِ پاڻ پي پتوڙيو آهي. انسانيت جو ڳاٽ اوچو پي ڪيو آهي ۽ رنگ، نسل، مذهب جي امتياز بغير پي پاڻ موکيو آهي ۽ معاشري جي ترقي ۾ هٿ پي ونڊايو آهي. جڏهن لاڙ جي اهڙين هستين جو ذڪر هلندو، تڏهن خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جو نالو ضرور سرِ فهرست شمار ٿيندو. اهو منهنجو فيصلو نه آهي بلڪه مير صاحب جي ڪيل پوري زندگي جي ڪارنامن جو فيصلو آهي. اهو منهنجو فيصلو نه آهي بلڪه ان ماضي جو فيصلو آهي جو اسانجي ميراث آهي. اهو منهنجو فيصلو نه آهي بلڪه انهن سڀني انسانن جو فيصلو آهي جن اکين سان مير صاحب کي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏينهن ۽ رات ڪم ڪندي ڏٺو هو. اهو منهنجو فيصلو نه آهي بلڪه انهن دلين جو فيصلو آهي جيڪي تعليم جي زيور سان منور ٿيون آهن ۽ اهو انهي سڀني جو فيصلو آهي جيڪي ان محسن مير جو احسان اڄ به پنهنجي من سان مڃي رهيا آهن.
هن قوم لاِءِ ڇا نه ڪيو، هن پنهنجي قوم کي ڪهڙي حالت ۾ ڏٺو هو ۽ پوءِ ڪيئن نه سندس دل ماڻهن جي ابتر حالت ڏسي زارو قطار رني هئي. مان ته ائين چوندس ته مير صاحب هن خطي ۾ هڪ شفيق پيءَ جي مثال هو جنهنجي دل تمام پيار ۽ محبت سان ڀريل هئي ۽ سڀ ماڻهن ان کي اولاد جيان نظر ايندا هئا. هن ڏٺو ته منهنجو اولاد ڪيترو نه انڌيري ۾ آهي، منهنجو اولاد ڪيڏو نه پست حالي ۾ آهي. منهنجو اولاد ڪيڏو نه جاهل آهي. منهنجو اولاد ڪيڏي نه حقير زندگي پيو گزاري. هن ڏٺو ڪيڏا نه مجبور آهن. جهالت جي اونهي کڏ ۾ آهن، هر ڏاڍي جو ڏنڀ پيا سهن، هر ستابي جون سمهون سهن پيا، مير صاحب جي دل ڏسي ڏسي ڀرجي آئي. پنهنجي قوم جيڪا هن جي اڳيان مثل اولاد هئي، ان جي حقير زندگي هن کان ڏٺي نه ٿي. هن سوچيو، هن تهيو ڪيو ته هنن ماڻهن ۾ جيڪڏهن سجاڳي ايندي ته تعليم سان هنن ۾ صحيح زندگي گذارڻ جو طريقو ايندو ته تعليم سان، هنن ماڻهن کي ڏاڍ ۽ ظلم سان وڙهڻ ايندو ته تعليم سان هنن ماڻهن کي پنهنجي منزل ۽ مقام جي جيڪڏهن خبر پوندي ته صرف اهي تعليم سان ئي پوندي. ۽ پوءِ ڇا هن نه ڪيو؟ ۽ هن اهو سڀ ڪجھه ڪيو ۽ قوم لاءِ تيستائين ڪيو جيستائين زندگي کيس مهلت ڏئي سگهي. هن مدرسه کوليا، اسڪول کوليا ۽ شفا خانه کوليا، تعليم لاءِ هر ماڻهو کي همٿايو، هر ضرورت مند جي ضرورت پوري ڪئي، غريبن جي هڙان وڙان مدد ڪئي، انهن جو مان مٿاهون ڪيو، هر ظلم ۽ ڏاڍ کان هيڻي کي بچايو. مظلومن جو ساٿ ڏنو، غريبن کي گلي سان لڳايو، انهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ٻيا ڪئين رفاهِ عامه جا ڪم ڪيا. هن جو ڪجھه به ڪيو انسانيت جي جذبي هيٺ ڪيو. رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهب کان اوچو سوچيندڙ هي مير آخري وقت تائين انسانيت جي عظمت ڪاڻ وڙهندو رهيو. اسان کي گهرجي ته نه فقط اسين سندس هر سال ورسي ملهايون پر ان جي قول ۽ ڪردار جو جائزو وٺون ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪريون.