علم جو ڏيئو ٻاريندڙ خان بهادر
- فقير سليمان لغاري
خوشنصيب قومن ۾ خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا آهن. جيڪي شاهڪار صلاحيتن، نيڪ نيتي، سچائي ۽ پنهنجي علم دوست ڪردار سبب قومن کي پنهنجي خدمتن عيوض قرضي ڪري ويندا آهن. خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جهڙن علم دوست انسانن جون تعليمي ڪاوشون وطن جي مسڪين، مظوم ۽ اٻوجهه ماڻهن جي تقديرن کي انقلابي انداز سان بدلائڻ جي شاندار سگهه رکن ٿيون. علمي انقلاب جا ڪارناما سرانجام ڏيندڙ خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر سنڌ جي شعور، علم ۽ ادب لاءِ سموري حياتي مستقل مزاجي سان جاکوڙ ڪري جاڳرتا پيدا ڪئي. سندس قائم ڪيل اسڪول اسان جي ديس جا هزارين ماڻهو علم جو فيض حاصل ڪري وطن ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. تعليمي معامري ۾ بدين ته سنڌ جو پوئتي پيل ضلعو رهيو آهي. لاڙ پٽي جا سادڙا ۽ سٻاجها ماڻهو تعليم جي اهميت کان اڻ واقف هئا. تنهنڪري تعليم بابت انهن جي عدم دلچسپي ان وقت علم جي شرح مان پڌري ٿئي ٿي. ان زماني ۾ گھڻي پٽ ۾ نالو لکڻ يا آيل خط پڙهڻ لاءِ پڙهيو لکيو ماڻهو ملڻ ملڻ مشڪل هو. يعني گھڻي آبادي اڻ پڙهيل هُئي. جهالت ترقي جي وڏي دشمن آهي. لاڙ جي ماڻهن به زمانن تائين جهالت جو عذاب ڀوڳيو. پر لاڙ جي ماڻهن جا ڀلا ڀاڳ جو اُتي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر، ميانجي محمد حسن لغاري ۽ محمد صديق “مسافر” جهڙا مرد مجاهد پيدا ٿيا. جن علمي ميدان ۾ لاڙ کي سرخرو ڪيو پر بعد ۾ سندن علمي ڪاوشن ۽ خدمتن مان سڄي سنڌ فيضاب ٿي.
لاڙ جي علمي شخصيت خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر پاران تعليم کي هٿي ڏيڻ خاطر لارينس مدرسو قائم ڪيو. سندس اها خدمت سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري باب تصور ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙ ۽ لاڙ جي پاڙيسري ضلعن جي ماڻهن پنهنجا ٻار خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي درسگاهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايا.لارينس مدرسي ۾ قائم ڪيل گبسن هاسٽل ۾ شاگردن کي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي ذاتي خرچ تي ماني ۽ رهائش جو بندو بست ٿيل هو. جنهن ۾ شاگردن جو تعداد ڏينهون وڌندو ويو. ان دؤر ۾ اهڙي ڪوشش کي جس لائق عمل چئبو. شاگردن جي ماني کائڻ لاءِ خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر هاسٽل ۾ هڪ زبردست ڊائنگ هال ٺهرايو هو. جنهن ۾ اسڪول جا شاگرد گڏجي ماني کائيندا هئا. خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر پاران قائم ڪيل اسڪول کان اڳ سندس ئي پاڙيسري ميانجي محمد حسن لغاري پاران ٽنڊوباگو ويجهو ٿوهي ۾ ٻه سئو شاگردن جو مدرسو قائم ڪيو ويو هو. جنهن کي ميانجي محمد حسن لغاري پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائيندو هو. جڏهن خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر ٽنڊي باگي ۾ پنهنجي خرچ تي درسگاهه جو بنياد رکيو ته ان پڙهڻ لاءِ آيل پهريان شاگرد پڻ ميانجي محمد حسن لغاري جي ٿوهي واري مدرسي جا هئا، انهن هوشيار ۽ ذهين شاگردن کي ڏسي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر تمام گھڻو خوش ٿيو هو. خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر پاران ان زماني ۾ فقط تعليمي خدمتن لاءِ اسڪول ئي نه پرگشتي دواخانو پڻ هلايو ويندو هو. جنهن ۾ هڪ ڍڳي گاڏي ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر ٻهراڙي ۾ گشتي ٽيم جي صورت ۾ شهرن کان دور ڳوٺ، گام، واهڻ ۽ وستين ۾ موڪليا ويندا هئا. جنهن مان ٻهراڙي جا ماڻهو تمام گهڻو فائدو حاصل ڪندا هئا.
خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر پاران سفري مشڪلاتن سبب دربدر ٿيندڙ مسافر ماڻهن لاءِ ٽنڊوباگو ۾ مسافر خانو جوڙايو ويو هو، جتي مهمانن لاءِ بنان ڪنهن فرق جي کاڌي ۽ رهائش جو جوڳو بندوبست ٿيل هوندو هو. تعليمي سفر ۾ خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر سان گڏ محمد صديق مسافر جو ڪردار به ساراهه لائق آهي. محمد صديق مسافر جهڙي ماياناز اديب ۽ شاعر جون لارينس مدرسي لاءِ شاهڪار عملي علمي خدمتون، ڪوششون ۽ ڪاوشون خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي همت افزائي جو سبب بڻيون، جنهن بعد مير صاحب ان ڪم ۾ پهرين کان به وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو. جنهن ڪري لاڙ ۾ تعليم جي صورتحال بهتري طرف وڌڻ لڳي هئي. اڄ به جيڪي شاگرد لارينس مدرسي مان پڙهي ويا آهن انهن جون پنهنجي وطن لاءِ خدمتون تاريخ ۾ يادگار آهن.