شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

سخي مرد کي سلام

سخي مرد کي سلام

محمد حسن عرف گگن بلوچ

اي صاحب سخي مرد تو تي سلام،
غريبن جا غمخوار توتي سلام،
اپر تنهنجو اظهار توتي سلام.
مجاهد مڻيا دار توتي سلام.

سخاوت ۾ حاطم به ڪندو بلير،
ابو لاڙ جو تون چوندو نه ڪير،
غريبن جا غم ٽار تو تي سلام،

ڪندو خير جا ڪم هئين سالڪ سچار،
تو ڪئي روشنائي علم جي عطا.
کڻيو هٿ دعا ڪن غريبن جا ٻچا،
بيمارن سندا يار تو تي سلام.

12 فيبروري ڇو نه ملهايون اسين،
ٿورا تنهنجا ڳوٺن ۾ ڳايون اسين،
پيغام تنهنجو پيارو پهچايون اسين،
بنايو تو گلزار تو تي سلام.

غلام محمد تنهنجو وڏو نيڪ نام،
تنهنجو ڪن سائل سلام و ڪلام،
يتيمن سان محبت توکي هتي تمام،
گناھ گار “گگن” غلام چوي ڇو نه سئو بار توتي سلام.