شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مير غلام محمد خان “تعليمي سرواڻ”

مير غلام محمد خان “تعليمي سرواڻ”

- ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

اڄ مير غلام محمد خان ٽالپر کي اسان کان جدا ٿئي 39 سال ٿي چڪا آهن. تنهن هوندي به سندن ياد تازي آهي. مير صاحب لاڙ جي غريب عوام جي عظيم خدمت ڪئي آهي. انهي جي جيتري به تعريف ڪجي ٿوري آهي. مرحوم مير غلام محمد خان جا ڪارناما سونهري لفظن ۾ لکڻ جي قابل آهن.
مير غلام محمد خان ٽالپر 1876ع ڌاري ٽنڊي باگي ۾ ڄائو هو. سندس ڏاڏي مير حاجي ولي محمد خان تي آخري عمر ۾ لکها رپيا قرض چڙهي ويو هو. جنهن ڪري کيس جاگير مئنجري کاتي ۾ ڏيڻي پئي. مير حاجي ولي محمد خان 1894ع ڌاري 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ڏاڏي جي وفات کان 1909ع تائين يعني جاگير ڇٽڻ تائين مير غلا محمد خان کي هڪ آزمائشي دور مان گذرڻو پيو. مالي مشڪلات ڪري کيس هٿن مان ڪوڏرون هڻي پوک ڪرڻي پيئي ۽ هر هڪلڻان پيا. پوليس ۾ ڪنسٽيبل ٿي نوڪري ڪرڻي پئي ۽ اتان وري استعيفا ڏيئي عريضي نويسي جو پيشو اختيار ڪرڻو پيو. ايترين آزمائشن مان گذرڻ جي باوجود به مير صاحب حالات جي اڳيان نه جهڪيو. مير محمد خان کي ويهارو کن ٻار ٿيا، جن مان فقط مير غلام محمد خان بچو هو. تنهنڪري هو ننڍي هوندي تمام لاڏ ۽ پيار سان پليو هو. ليڪن جڏهن وري زماني جي گردش ڪري مٿس ڏکيو وقت آيو ته مردن جيان مقابلو ڪيائين.

1909ع داري جڏهن جاگير مئنيجري مان آزاد ٿي تڏهن مير محمد خان اڃان تائين حيات هو. تنهن هوندي ۾ جاگير جي سنڀال مير غلام محمد جي حوالي ڪئي ويئي. پاڻ هڪ واقف ڪار زميندار کان چار هزار رپيا اڌارا وٺي جاگير کي آباد ڪيائين. سال جي آخر ۾ فصل لهڻ تي اڌارا ورتل پئسا موٽائي ڏنائين. مير صاحب پهنهجي ڪمدارن وغيره تي ڪڙي نظر رکندا هئا جئين ته هاري ناري تي ظلم ۽ زيادتي نه ٿئي. مير صاحب پنهنجي جاگير ۾ چوري چڪاري ٿيڻ به نه ڏيندا هئا. انهن ڪوششن جو اهو نتيجو نڪتو جو غريب غربي سک جو ساھ پٽيو. مير صاحب جي جاگير ۾ هر طرف امن امان قائم ٿي ويو ۽ دولت مير صاحب جا قدم چمڻ لڳي.
1914ع واري مهاڀاري لڙائي وقت مير صاحب هند سرڪار کي هڪ لک رپيا قرض طور ڏئي، زميدارن ۽ جاگيردارن ۾ پهريون نمبر کنيو. هند سرڪار خوش ٿي کين خان بهادر جو لقب ۽ او- بي- اي جو خطاب ڏنو.
مير صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٽنڊو باگو شهر ۾ انگريزي اسڪول جو بنياد وجهڻ آهي. مير صاحب محمد صديق “مسافر” جي مشوري سان ميمڻ محلي ۾ هڪ جڳھه مسواڙ تي وٺي 1920ع ۾ هڪ درسگاھ جو بنياد وڌو. اسڪول شروع ڪرڻ وقت شاگردن جو تعداد صرف پنج هو ليڪن هڪ سال اندر شاگردن جو تعداد وڌي وڃي چاليهارو کن ٿيو.
1924ع ۾ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ مير صاحب هڪ عاليشان عمارت ٺهرائي تيار ڪئي ۽ سندس شاگرد ۽ عملو نئي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هينئر اهو اسڪول “لارينس مدرسه گورنمينٽ مير غلام محمد هاءِ اسڪول” سڏجي ٿو. اڄ سوڌي هن اسڪول مان هزارها شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. انهن مان ڪيترا اعليٰ سرڪاري عهدن تي فائز آهن.
مرحوم مير صاحب لارينس مدرسي جي هاسٽل لاءِ اڍائي لک رپيا بئنڪ ۾ رکيا. انهيءَ موڙي جي منافع مان اڄ به هاسٽل جو خرچ هلايو وڃي ٿو. مستحق شاگردن لاءِ رهائش ۽ خوراڪ مفت آهي. انهي کان علاوه مير صاحب اسڪالرشپون ڏئي ڪيترن لائق شاگردن کي طبيه ڪاليج دهلي ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليندا رهندا هئا. مير صاحب ديني مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن جي به دل کولي مدد ڪندا هئا.
چيو وڃي ٿو ته مير صاحب ڏيپلي هاءِ اسڪول لاءِ پنج هزار رپيا مدد طور موڪليا هئا. انهي کا علاوه مولوي احمد ملاح ۽ محمد عثمان ڀنڀرو کي سندن ديني مدرسن لاءِ پنج پنج سو روپيا ساليانا موڪليندا هئا.
مير صاحب هر لمحو ۽ هر گھڙي لاڙين جي وڌاري ۽ سڌاري لاءِ نت نيون اسڪيمون بنائڻ ۽ انهن رٿائن کي جلد عملي جامون پهرائڻ ٿي گھري.
مير صاحب 1928ع ۾ مير محلي ۾ هڪ عمارت ٺهرائي لوڪل بورڊ جي حوالي ڪئي ته جئين زنانو اسڪول کوليو وڃي. مير صاحب جو خيال هو ته نيم سرڪاري اداري جي قبضي ۾ هئڻ ڪري زنانو اسڪول خاطرخواه طريقي سان هلي سگھندو. مير صاحب جي ذاتي ڪوشش ڪري پهرين آگسٽ 1928ع تي ٽنڊي باگي ۾ زنانو لوڪل بورڊ اسڪول کليو. اسڪول جي پرديسي ماسترياڻين جي حوصلي افزائي لاءِ مير صاحب انهن کي خاص الائونس ڏيندا هئا ۽ سندن آرام ۽ آسائش جو به خيال رکندا هئا. مير صاحب انهن کي ڇهين ڇهين مهيني هرک جا ٻه تاڪيا زاناني اسڪول ۾ موڪليندا هئا ته ماسترياڻيون ڇوڪرين کي ڀرت جو هنر سيکارين. انهي کا علاوه نينگرين کان چرخي تي سُٽ پڻ ڪُترايو ويندو هو اهو سُٽ جڏهن ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿي ويندو هو ته مير صاحب انهي مان گلم ٺهرائي اسڪول ۾ انعام طور ڏيندا هئا. انهي کانسواءِ مستحق شاگردياڻين کي اسڪالرشپون پڻ ڏيندا هئا ته جيئن هو پڙهائي ۾ دلچسپي وٺن.
مير صاحب تعليم کان علاوه خلق جا ڪيترا ڪم ڪيا. جيڪڏهن ٽنڊي باگي يا پسگردائي جو ڪو غريب ماڻهو علاج جي پهچ نه رکندو هو ته مير صاحب پنهنجي خرچ سان علاج لاءِ کيس حيدرآباد روانو ڪندا هئا. اهڙي قسم جي همدردي واري رويه جي ڪري ڪيترن غريبن جون جانيون بچي پيون.
اپاهج ۽ معذورن کي مير صاحب هر ماھ پگهارون پڻ ڏيندا هئا ۽ مستحقن جي هر طريقي سان مدد ڪندا هئا. سرءَ جي موسم ۾ ٽنڊي باگي تعلقي جي عوام جي علاج ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي خرچ سان ٻه ٽي ڊاڪٽر گهرائيندا هئا جئين غريب غربي جو مفت علاج ٿي سگھي. آسپاس جي ماڻهن جي اهنجن جو خيال ڪندي مير صاحب 1923ع جي وچ ڌاري هڪ خيراتي دواخانو کولايو جنهنکي بولس شفا خانه جو نالو ڏنو ويو. مير صاحب پري پري جي ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سڀ انتظام رکايو هو. مريضن کي ڊاڪٽرن جي هدايت مطابق کاڌو ۽ دوائون مهيا ڪيون وينديون هيون.
1931ع ۾ مير صاحب ٽنڊي باگي ۾ زناني اسپتال پڻ کولارائي. اسپتال جي انتظام ۽ مريضن جي علاج لاءِ وڏي پگھار تي هڪ يورپين ليڊي ڊاڪٽر پڻ گھرائي وئي هئي. مريضن جو ڏاڍي سٺي نموني علاج ڪيو ويندو هو. ٻاهر جي مريضن لاءِ رهائش ۽ خوراڪ جو پورو انتظام ڪيو ويو هو.
مير غلام محمد خان ٽالپر کي غريبن لاءِ همدردي جو جذبو ڏات طور مليل هو. مير صاحب جي ذهن ۾ لاتعداد امنگون ۽ تمنائون هيون پاڻ چاهيائون ٿي ته لاڙ جي جاهل باشندن کي پنهنجي زندگي ۾ وڏي اوج تي ڏسن. مير غلام محمد خان ٽالپر در حقيقت لاڙين جو محسن اعظم هو. کيس لاڙ جو سرواڻ ۽ رهبر چئجي ته به بجا آهي. خانبهادر مير غلام محمد خان نت نيون رٿائون پي رٿيون. لارينس مدرسي کي ڪاليج بنائڻ جو سندن ارادو هو ليڪن زندگي کين ايتري مهلت نه ڏني ۽ پاڻ 12 فيبروري 1932ع تي لاڏاڻو ڪري ويا.
(بشڪريه روزانه مهراڻ حيدرآباد)