اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد رکندڙ
جناب خانبهادر ايس ڊي ڪنٽريڪٽر ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جو اسڪول ۾ معائنو
تاريخ 9 ڊسمبر 1935ع اٽڪل هڪ بجي جناب مسٽر ڊبليو کريو صاحب ڊائريڪٽر او پبلڪ انسٽرڪشن پونا، جناب خانبهادر ايس ڊي ڪنٽريڪٽر ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب سان گڏجي لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول (جنهنجو بنيادي پٿر 1923 ۾ پڻ وڌو هئائون) ۾ تشريف فرما ٿيا. اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي عمارتن کي جهنڊين سان خوب سينگاريو ويو هو.
صاحب ممدوح جي تشريح آوري وقت مدرسه جي هڪ اسڪائوٽ ٽروپ کيس شاندار نمونه ۾ گارڊ آف آنر ڏنو. انهيءَ بعد هيڊ ماستر صاحب مسٽر غلام حسين سموري بورڊ جي ميمبرن جو صاحب جن سان تعارف ڪرايو. پوءِ صاحب جن هيڊ ماستر ۽ ٻين سان گڏ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو معائنو فرمايو. سائنس هال، ڊرائنگ هال، مدرسه ميوزيم، اسڪول لئبريري ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪوشش، سٺائي ۽ صفائي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
تنهن کان پوءِ سڀ اچي اسڪول جي پورٽيڪي هيٺ گڏ ٿيا، جتي شاگردن مرحبا جو راڳ ڳايو، هار وڌا ۽ گلن جي ورکا ڪئي. اتي صاحب جن نوازش فرمائي ڇوڪرن جي حوصله افزائي لاءِ هيٺيان الفاظ چوڻ فرمايائون:
مير صاحب، ماستر صاحب ۽ شاگردو! اوهان جيڪي ڪجهه منهنجي باري ۾ چيو آهي، تنهن لاءِ آئون اوهان جو شڪر گذار آهيان. 13 سالن کان پوءِ هتي اچي هي عاليشان اسڪول جي عمارت، هي ڪشادو راند جو ميدان ۽ وڻندڙ بورڊنگ هائوس ڏسي مونکي نهايت خوشي حاصل ٿي آهي ۽ هيءَ موقعو منهنجي حياتي ۾ خوشي جو هڪ يادگار رهندو.
اسڪول جي ترقي ڏسي آءُ خوش ٿيو آهيان. آئون هتي اچي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، ڇاڪاڻ ته “مان به سنڌي آهيان”.
حوالو: اخبار تعليم نمبر 10 جنوري 1936ع،