ٽنڊي جو مير
ميوو خان لاشاري
هن سدوري سنڌ جو، سينگار هو ٽنڊي جو مير،
دوست ۽ دشمن سندو، غمخوار هو ٽنڊي جو مير.
مير جي مهمان نوازي ملڪ ۾ مشهور هئي،
مفلسن مائٽ، يتيمن يار هو ٽنڊي جو مير.
مير هو اڀرن، اٻوجهن ۽ اٻالن جو امان،
سنڌ جو محسن هو، مڻيدار هو ٽنڊي جو مير.
هن لٽائي پنهنجي دولت علم جي خدمت ڪئي،
نڌڻڪن جو آڌار هو، مهندار هو ٽنڊي جو مير.
ملڪ جي محسن سندي ساراهه “لاشاري” ڇا ڪري،
بس سجاڳي ساٿ جو سالار هو ٽنڊي جو مير.