ڪٿا هن ڪتاب جي
ٿيو ڪجهه ايئن جو جڏهن اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي صدارت جهڙي ذميواري 18.09.2016 تي مونکي سونپي وئي ۽ نوجوان اتحاد وارن دوستن جون محنتون، اڻ ٿڪ جدوجهدون، شهر جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ تدبيرون، اٽڪلون کڻي، علي اورنگزيب سمون، درپن ڪمار لوهاڻو، شاهجهان سمون، محمد عمر سمون، ڪپيل ديو سوني، رشيد احمد ميمڻ، پروفيسر امتياز علي قمبراڻي، مرتضى ميمڻ ۽ ٻين دوستن سنڌ جي تعليمي درسگاهه هن شهر جي محبوب تنظيم اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ۾ مون سان ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏنو تڏهن مونکي هڪڙي خيال بي چين ڪيو ته هي شهر پنهنجي جوهر ۾ پنهنجي روح، پنهنجي جسماني قد ڪاٺ ۽ هاڻوڪي اڏاوت ۽ بيهڪ ۾ اڳي بخردار ۽ نظر محمد شاهه جي مٽي جي قبرن جو ڪتبو ناهي، پر هڪڙي تاريخ آهي. هڪڙي اهڙي تاريخ جيڪا سميٽڻ جي ضرورت آهي.
بک وگهي مرندڙ سونن سُنهرن سنگن جي ڌرتي جي ڌياڻين جون آهون دانهون، ديبل کان رامڪي تائين هڪڙي “رڙ ”. صورتحال به اهڙي جو فقير احمد جت جي سٽن ۾
نڪا ڪُوڪ ڪنڊڙيءَ تي، نڪا ڏِنگ ڏَڙِي،
رامڪي رَڙِي، موڪلايو مياڻ مان.
حقيقت اها آهي ته هن ڪتاب کي سهيڙي ترتيب ڏيارڻ جو خيال ان وقت ڪر موڙي اٿيو جڏهن اسان مير صاحب جي ورسي جي حوالي سان ماڻهن ۾ ڪارڊ ورهائي رهيا هئاسين ته اتي مختلف ماڻهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٽنڊي باگي شهر جي معزز شهري ڊاڪٽر نظير ڀرڳڙي کي جڏهن ورسي جو ڪارڊ ڏنوسين ته ڊاڪٽر نظير ڀرڳڙي صاحب اهو چيو ته ماڻهو پيرن سان ايندا آهن، اسين نيڻن سان اينداسين ڇو جو هن عظيم انسان جون ڪيل خدمتون ٽنڊي باگي شهر لاءِ تمام گهڻيون آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب هڪ واقعو ٻڌايو ته منهنجي اسپتال تي ديهه موٽڻان جو هڪ مريض اعلاج ڪرائڻ لاءِ آيو ۽ منهنجي اسپتال جي پيل ميز تي هڪ اردو اخبار پيل هئي ان کي پڙهڻ ۾ مصروف هو. آئون مريضن مان فارغ ٿي ڪرسي تي ويٺس. مون ڏٺو ته ان شخص جا ميرا ڪپڙا پير اگهاڙا اهڙي حالت ۾ ڏسي مون کانئس سوال ڪيو ته توکي اردو اخبار پڙهڻ ايندي آهي؟ وراڻيائين، ته سائين مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب جون اسان جي ڳوٺ تي وڏيون مهربانيون آهن جو مير صاحب اسان جي ڳوٺ موٽڻان ۾ به هڪ اسڪول کوليو هو ۽ مير صاحب اهو سخي انسان هو جيڪو هر هفتي پاڻ اسڪول تي ايندو هو ۽ سڀني شاگردن کي آنو آنو خرچي ڏيندو هو. مهيني ۾ ٽوٽل ٽي آنا ملندا هئا، جڏهن ته ان وقت ۾ هڪ استاد جو پگهار 5 کان 6 آنا هوندو هو. جنهن مان پاڻ سڀ اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته مير صاحب کي هتي جي ماڻهن مان جهالت ختم ڪرڻ جو ڪيڏو وڏو ڏانءُ هو ۽ هن وقت اسين اهو ڏسي رهيا آهيون ته اڄ اسان جي حڪومت تعليم جي معيار کي وڌائڻ لاءِ نياڻين جي اسڪولن ۾ مختلف وظيفا به رکيا آهن، ڪتاب به مفت ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اسان جي سنڌ جو تعليمي معيار بهتر کان بهتر ٿي سگهي.
اسان اهو محسوس ڪيو ته مير صاحب ان وقت ۾ موٽڻان جي اسڪول وانگر ڪيترن ئي ادارن جو بنياد رکيو هو پر انهن جي ڪنهن واهر نه ڪئي جنهن ڪري اهي ادار اڳتي هلي نه سگهيا ۽ اسان اها ڳالهه سوچي هي تاريخي ڪتاب آڻڻ جو سوچيوسين. اهو به ان حوالي سان ته جيئن هي درسگاهه جيڪا مير صاحب جي نالي تي قائم آهي پوءِ ڇو نه هن عظيم شخص جا ڪيل نيڪ ڪم ۽ سندس جيون ڪهاڻي محفوظ ڪجي.
ٻي ڳالهه ته هي ڪتاب جنهن شخص جي نالي ٿيل آهي اهو صدين جي سينڌ جو گل آهي. اهڙو گل جنهن جي مرجهائڻ جو تصور به گناهه آهي. “گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾”.
گهڻيون ڳالهيون ئي نه آهن مختصراً مير غلام محمد خان ٽالپر هي اسڪول 1920-22ع ۾ ٺهرائي مڪمل ڪيو ۽ هن اسڪول جي شاگردن اسڪول جي رهيل ڪمن کي اڳتي هلائڻ ۽ مير صاحب جي ڇڏيل مشن کي اڳتي هلائڻ لاءِ 1970ع ۾ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
47 سالن جي وچ واري تاريخ ۽ ان کانپوءِ واري اتهاس جو احساس هن ڪتاب ۾ توهان کي ضرور نظر ايندو. مسافر خانه، گشتي دواخانه، شاگردن لاءِ هال، سرڪار طرفان لقب القاب اهي سڀ ننڍڙيون ڳالهيون آهن. مير غلام محمد خان ٽالپر انسانن جي بي لوث خدمت هر حوالي سان غير مشروط محبت سان ڪئي. نه رڳي هتي جي ماڻهن سان عشق ڪيو پر ان جي آبياري به ڪئي. 1976ع ۾ “ههڙا مانجهي مرڻا ناهن” جهڙو ڪتاب مير صاحب جي زندگي تي ڏنو ويو ۽ پوءِ مختلف وقتن تي ڪتابچا ۽ رسالا ترتيب ڏنا ويا جن مان کوڙ سارو مواد هتي محفوظ هٿن ۾ آڻڻ لاءِ ضروري سمجهان ٿو ۽ آئون هن ڪتاب جي تڪميل ۾ منهنجو ساٿ ڏيندڙ سمورن دوستن جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هر وقت منهنجي رهنمائي ڪئي. هي هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن تي ايندڙ زمانا، ايندڙ نسل فخر ضرور ڪندا. اسان پنهنجي آئيندي جي لاءِ اها سوچ، جنهن سوچ جي پيداوار هن تعليمي درسگاهه کي جنم ڏنو. جنهنجي تاريخ ڪا به روايتي، جڙتو تاريخ ناهي. هڪڙو سج جهڙو سچ آهي. منهنجي تربيت هڪ ادبي ماحول ۾ ٿي آهي، جتي مونکي اهو ڏسڻ ۾ آيو ته تاريخ سچ جو قلندر آهي. تاريخ اروڙ جي آسمان هيٺان لاڏي جي رات آهي. تاريخ وڳهه ڪوٽ جي ويران چانڊوڪين ۾ مير محمد جو نڙ به آهي. تاريخ مير غلام محمد خان ٽالپر جي اها پياري مرڪ آهي، جيڪا سنڌ جي چپن جي صفحن تي صدين تائين سجايل رهندي ۽ هن ڪتاب مان ڪيئي ڪتاب ڦٽندا ڇو ته مير غلام محمد خان ٽالپر (عشقِ انسانيت) جو عظيم ڪتاب هو.
دانش ڪمار لوهاڻو
صدر اولڊ بوائز ايسوسيئيشن